مولانا دين محمد وفائي ولد خليفو گل محمد ڀٽي جو جنم ڳوٺ کٿي تعلقو ڳڙھي ياسين ضلعو شڪارپور ۾ ٿيو. مولانا صاحب پنهنجي وقت جو نه رڳو وڏو عالم ھو، پر مورخ ، فلسفي ۽ صحافي پڻ ھو. سنڌي ادب سان کيس وڏو چاھُ ھوندو ھو. مولانا صاحب 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو، 1920ع ۾ "الوحيد" اخبار جو نائب ايڊيٽر مقرر ٿيو، 1923ع ۾ "توحيد" رسالو جاري ڪيائين. ھن صحافت جي پليٽ فارم تان ڪيترا ئي مضمون لکيا جن ۾ سنڌ واسين کي بيدار ڪرڻ، سياسي شعور ڏيڻ، مذھبي تعليم ڏيڻ، جھڙا مضمون لکيائين. سندس ادبي ذخيرو گهڻو ڪري مذھبي تحقيق تي ٻڌل آھي، جن ۾: " تاريخ محمد مصطفي (1920ع)، فاروق اعظم (1925ع)، "خاتون جنت (1928ع)"،" نو مسلم ھندو راڻيون(1928ع) "، "لطف الطيف (الطيفيات "، "غوث الاعظم"، "صديق اڪبر"، "سيرت عثمان" ، "حيدرالڪرار" ، "راحت الروح تذڪره "، "مخدوم نوح " ، " توحيد اسلام (ترجمو)"، "اعتقاد صحيح" (مذھب)،"مذھب اھل حديث" ، " ھندو ڌرم ۽ قرباني "، "الھام الباري"(ترجمو تجديد البخاري)، "تذڪره مشاھير سنڌ" (ٽي ڀاڱا) " اذڪار حسين "، شاھ جي رسالي جو مطالعو ۽ ڪجھ ٻيا ڪتاب لکيائين. مولانا وفائيءَ تي امام انقلاب مولانا عُبيدالله سنڌي جو وڏو اثر ھو، ۽ ان جي انقلابي خيالن تحت انقلابي مضمون ۽ ڪتاب لکيائين. سندس ڪتاب "شاھ جو مطالعو" خالص تاريخي ۽ تمدني لحاظ کان شاھ جي رسالي جو مطالعو آھي. " شاھ جو مطالعو " ۾ عبارت عالماڻي ڪم آندي اٿس ۽ ھڪ نقاد ۽ پارکوءَ جي حيثيت ۾ پاڻ جنهن نموني دليل ڏنا اٿس تن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ھڪ ڪامياب استاد سنجيدح پارکو ھو.