پاڻهين جل جلاله، پاڻهين جان جمال، پاڻهين صورت پرينء جي، پاڻهين حسن ڪمال، پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال، سڀ سڀوئي حال ، منجهان ئي معلوم ٿئي.