• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اُرڙي MEASLES

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
صاحِب ڏِجُ شَفَا مِيان مريضن کي!
اُرڙي
اُرڙي هڪ خطرناڪ وچڙندڙ مرض آهي جيڪو عام طور تي ڇهن مهينن کان وڏي عمرجي ٻارن ۾ ٿئي ٿو. خاص طور اُهي ٻار هن مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا جن کي بچاءَ جا ٽڪا ناهنلڳرايا ويا. اُرڙيءَ جي خراب اثرن ۽ وقت سِر علاج نه ڪرائڻ سبب ٻار جو موت به ٿي سگهي ٿو!

اُرڙيءَ جون علامتون ۽ نشانيون
ٻار کي بخار ٿيڻ، نِڇون اچڻ، اکين ۽ نڪَ مان پاڻي اچڻ، اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ، جسم تي ڳاڙهاداغ ٿيڻ، وات جو پچڻ، ڇاتي جو خراب ٿيڻ ۽ دست ٿيڻ وغيره وغيره. ٻڌايل نشانين مان جيڪڏهن ڪا به نشانيٻار ۾ ظاهر ٿئي تي هڪدم ويجهي ڊاڪٽر يا صحت مرڪز تي رابطو ڪريو.

ياد رکو!
جيئن ته اُرڙي هڪ وچڙندڙ مرض آهي ڪو جن، ڀوت وغيره ناهي تنهنڪري مريض جوعلاج
ڪرائڻ لازمي آهي.تعويز ، ڦـيڻن ساز هلائڻ ۽ ٻين رواجن ۽ غلط تدبيرون استعمال ڪرڻ سان هي مرض ٺيڪ ٿيڻ بجاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو ۽ هي مرض گهر ۾ رهندڙ ٻين ٻارن يا پاڙيجي ٻين ٻارن (جن کي اُرڙي جي بچاءَ جا ٽُڪا لڳل ناهن ) ۾ تيزيءَ سان ڦهلجي سگهي ٿو.


احتياطي اُپاءَ
  1. مرض يا ٻڌايل علامتن جي ظاهر ٿيڻ شرط ويجهي ڊاڪٽر يا صحت مرڪز سان رابطي ۾ اچو.
  2. مرض ۾ مبتلا ٻار کي ٻين ٻارن کان جدا رکو ۽ ٻار کي مناسب خوراڪ ڏيندا رهو.
  3. ٻار جي صفائِيءَ جو خيال رکو ۽ موسم جي مناسبت مطابق ڪپڙا پهرايو. ٻار جا استعمال ٿيل ڪپڙا گرم پاڻيءَ ۾ صابڻ يا صرف سان ڌوئِي صاف ڪريو، سندن بسترو پڻ اُس ۾ رکو.
ڊاڪٽر طرفان ٻڌايل اُپائن ۽ تجويز ڪيل علاج تي سختيءَ سان عمل ڪريو.

نوٽ: اُرڙي کان بچا، صرف ۽ صرف حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ آهي.

 
پر ادا ڪير سمجهائي ماڻهن کي اڪثر ڪري تاويزن تي زور ڏيندا آهي.. ۽ ڊاڪٽر جي ڏيکارڻ بجاءِ ڪنهن بابا فقير ڏي وٺِ ويندا آهي.. تنهنڪري ته موت اچي منهن ۾ پوندو اٿن..
 
تمام سٺي ڄاڻ .... اميد ته دوست هيء ڄاڻ ڪوشش ڪري سڀني سنڌين تائين پهچائيندا.
 
Back
Top