سنڌ مقدس عيقيدو ۽ ايمان آهي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    عثمان پنهور

    [​IMG]
    الطاف حسين حيدرآباد ۾ 4 جنوري 2014ع تي ايم ڪيو ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي ففٽي ففٽي جي ڳالهه ڪئي ته سنڌ جو اڌ ٽوڙي اسان کي ڏيو ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، سو پاڻ سنڌ جي ڳالهه تي ئي سندرو ٻڌي بيهنداسين ڇو ته پنهنجي دل جو خيال آهي ته:

    سنڌ مقدس عقيدو ۽ ايمان آ

    ۽ عقيدي ۽ ايمان جي باري ۾ توهين آميز جملي بازي يا روش ڪير به برداشت نه ڪندو آهي، الطاف حسين جي اهڙي بيان جي عبدالواحد آريسر ۽ صنعان قريشي هڪ جهڙن لفظن ۾ مذمت ڪئي. سمورين قوم پرست، وفاق پرست توڙ علمي، ادبي تنظيمن اهڙي زبان درازيءَ جي مذمت ڪئي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي، الطاف حسين پاران بيان واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ سنڌ اندر عام هڙتال جو اعلان ڪيو. جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي) پاران انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ جي سرگرم سياسي جماعتن کي سڏايو ويو، جنهن ۾ صنعان قريشي (جسقم ب) عبدالواحد آريسر (جسقم الف) ڊاڪٽر قادر مگسي (ستپ) ڊاڪٽر دودو مهيري (ايس يو پي) عبدالخالق جوڻيجو (جسم) ان کان سواءِ جيئي سنڌ متحده محاذ، قومي عوامي تحريڪ جا به نمائندا شريڪ ٿيا هئا. مکيه ليڊرشپ کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل جماعتن جا مرڪزي اڳواڻ پڻ موجود هئا، جن الطاف حسين جي انهيءَ خطاب جي خلاف احتجاج ڪرڻ بدران مذمت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، انهيءَ دوران قومي عوامي تحريڪ جي هڙتال جو ڏنل سڏ قائم هو، مٿي ذڪر ڪيل جماعتن انهيءَ هڙتال جي حمايت نه ڪئي هئي. آخر نيٺ اڌ رات جو ڊاڪٽر ارباب علام رحيم (سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير) کي ساڻ ڪري متحده قومي موومينٽ جي سنڌ ۾ سرگرم قيادت اياز لطيف پليجي وٽ پهچي پوزيشن بيان ڪئي ته الطاف حسين ۽ اسان جي نيت ۾ سنڌ ورهائڻ جهڙي ڳالهه ناهي رڳو پ پ مخالفت ۾ اهو وڌاءُ ٿي ويو آهي. آئيندي ائين هرگز نه ٿيندو. اياز لطيف ذميوار اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڳالهين ۾ مطمئن ٿيڻ کان پوءِ هڙتال جو سڏ واپس ورتو. اڃا پنهنجي گهر ئي مس پهتا هوندا يا کڻي ٻه ڄار پهر ننڊ ڪري جاڳيا هوندا ته الطاف حسين ڪراچيءَ جي جلسي کي لنڊن مان ويهي ڪيل خطاب ۾ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جي ڳالهه ڪري رهيو هو ۽ ٻئي پاسي متحده رابطا ڪميٽي هئي، جيڪا سنڌ هڪ هجڻ واري ڳالهه سنڌي اڳواڻن کي ٻڌائيندي رهي ۽ يقين به ڏياريندي رهي، اهڙي صورتحال اندر موقعي جي تاڙ ۾ ويٺل سياسي توڙي غير سياسي دوستن قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي ايم ڪيو ايم سان ارباب رحيم جي معرفت ڪيل ڳالهين ۽ هڙتال جو اعلان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف نامناسب لفظن ۾ سياسي سڌ ٻڌ کان وانجهيل تنقيدي مقابلي بازي شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ اياز لطيف ۽ ارباب رحيم ڪالم لکي صورتحال کان سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏني پر پوءِ به نقادن جي هروڀرو به نشاني بازي پليجي صاحب ۽ ارباب صاحب تي جاري رهي، جنهن جو رخ اچي آريسر صاحب موڙيو، ٿيو ائين جو سنگت کي اڄڪلهه لنڊن ۾ به سوڙهه گهٽ ٻوسٽ اچي ورايو آهي ۽ تنظيم ۾ به تون ڇا؟، تون ڇا؟، ڀڃ ڊاهه لڳي پئي اٿن. اهو لقاءُ جيڪو پنهنجي سنڌي جماعتن ۾ هوندو آهي، اهڙا اڻ ڳڻيا امڪان الطاف حسين جي حيدرآباد ڪراچي واري تقرير ۽ رابطا ڪميٽي پاران مختلف موقف ۽ سنڌي قومپرست سان رابطن ۽ حمايت وٺڻ جي ڪوشش، يڪجهتي واري خال جي نشاندهي ڪري ٿي، انهن ڳالهين ۽ اندازن جي حقيقت اڳتي ئي معلوم ٿيندي، پر تنقيد جيڪا پليجي صاحب ۽ ارباب تي هئي ان جو نشانو هاڻي جيئي سنڌ قومي محاذ جو باني چيئرمين عبدالواحد آريسر آهي، هو اهو ماڻهو آهي جيڪو تنقيد جي کلي دل سان آجيان ڪندو آهي. پليجي صاحب ارباب کان آريسر صاحب تائين جيڪا تنقيد ٿئي پئي اها سياسي نقطي نگاهه کان خالي انتهاپسند روين جي اظهار سان ڀرپور آهي، هي سٽون لکڻ جي ضرورت ئي نه پئي ها جيڪڏهن خوبرو نوجوان پنهنجو فوٽو ڇپائڻ سان گڏ آريسر صاحب لاءِ نامناسب لفظن جو استعمال نه ڪري ها ته سڄاڻ دوستن جي تنقيد ۽ رايا اکين تي ۽ انهن جي پيش نظرمتحده سان ويڇا به وڌندا رهيا ۽ سندن ٻٽي معيار جي ڪري آريسر صاحب جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جسقم جي پروگرامن جي دعوت نه ڏيڻ جهڙا فيصلا به آريسر صاحب جي صدارت ۾ ٿيندڙ مرڪزي باڊيءَ جي اجلاس ۾ اسين ڪري چڪا آهيون. پر اخلاق طور تڏي تي ايندڙن کي سڄي سياسي عمر جو مهاجر مخالف يعني ايم ڪيو ايم مخالف پليجو صاحب به مان ڏئي ٿو ته اردو آباديءَ کي مولانا آزاد جي نظر سان ڏسندڙ عبدالواحد آريسر بي مانو ڪري ته نه ڪڍندو، يا تڏي تي ايندڙن سان وڙهي جهيڙو ڪري گاريون ڏئي ڊوڙائي ڪڍڻ سنڌين جو شان وڌي ها ته پوءِ اهو رستو اختيار ڪجي ها! آريسر صاحب سان ملڻ کان اڳ ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد وسيم ۽ ٻين جسقم جي سينئر وائيس چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ بين دوستن سان ڳالهايو جن پنهنجو پارٽي موقف سندن اڳيان رکيو ته هنن اهو قبول ڪندي چيو ته اهو تمام غلط ٿيو آهي، پاڻ سنڌ ۾ سنڌي بڻجي گڏ جيئنداسين ۽ گڏ مرنداسين، اهو الطاف حسين جو پيغام کڻي معافي وٺڻ آيا آهيون، اها ڳالهه جسقم جي سيڪنڊ قيادت پاران آريسر صاحب کي ٻڌائي وئي ته همراهه هي ڳالهه ٿا ڪن ۽ توهان سان ملڻ ٿا چاهين. انهيءَ ڳالهه جي پيشنظر آريسر صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ غريب حال سارو گلن جا هار گهرائي رکيا، جيڪي عمرڪوٽ آيل ايم ڪيو ايم جي وفد کي پارايا ۽ چيو ته منهنجي تمنا آهي ته هنن گلن جي هڳاءُ جو تقدس پنهنجي قبرن تائين سلامت هجي ۽ اوهين ڪنهن سنڌ دشمن سازش جو حصو به بڻجو. انهيءَ وقت آريسر صاحب ائين ڪو نه چيو هو ته اوهان کي سنڌ جو اڌ الڳ ڪريو ٿا ڏيون يا اوهان جي گهر ۾ اوهان سان گڏ آهيون، اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن کي ڳالهوڙو بڻايو ويو آهي. آريسر صاحب تي سياسي فهم کان خالي ماڻهو جيڪي نامناسب لفظ استعمال ڪن ٿا اهي نه ڪڏهن ساڻس سياسي سفر ۾ گڏ رهيا آهن نه کيس پڙهيو اٿن ۽ نه ئي انهيءَ ڳالهه ٻولهه پارٽي فيصلن کان واقف آهن، مڙئي دٻ درخواست دوسوءَ تي واري ڪار آهي. هڪ من موهڻي مورت واري مُتڪلم کي گهرجي تي لفظن جي ادائيگي به پنهنجي حسن اخلاق واري انداز سان ڪري ته اسين سرمد آهيون، هو اسان جو اڀيچند ٿي سگهندو پر کيس قاضي قاضن جي ڪرت ڪرڻ نٿي جڳائي، جيڪڏهن ائين ڪري ٿو ته تڏهن به اسان شاهه ڪريم جو صبر اپنائي اهو ئي اظهار ڪيو آهي ته

    ڌڪين ڌات پيو، هينئڙو لوهه سنڌاڻ جيئن،

    سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وريو (شاهه ڪريم)

    جن ماڻهن کي سڦتا جو ادراڪ نه هوندو آهي اهي پاڻيءَ تي فوٽي جيان ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن پر معاملن تي مهارت رکندڙ ماڻهو مري ويندا آهن پر پنهنجي ڪردار ڪري جُڳن جا جُڳ پيا جَڳَ ۾ جيئندا آهن اهڙن ماڻهن جو فرق شاهه لطيف هن طرح ٻيا ڪيو آهي.

    محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،

    حباب ئي هئا، انهيءَ وادي وچ ۾ (شاهه)

    اڄوڪي سنڌ جي ٽهي جيڪا سنڌ ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿي آهي انهيءَ جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي پيٽ کان اڳتي وڌي ڪڏهن 144 جي ڀڃڪڙي سنڌ واسطي به ڪن پوءِ ڀلي پنهنجي بزرگن جي سياسي ڏاهپ تي ڳالهائن يا غلطين جو ازالو ڪن ته بهتر ٿيندو، پنهنجي پيٽ، گهر، ٻار کان سواءِ جهڙي سنڌ هو چاهين ٿا اهڙي سنڌ بڻائڻ لاءِ ڪجهه وقت جي قرباني ڏئي پنهنجي خيال سان هم آهنگ ڪنهن به هڪ جماعت سان جڙي هلن ته بهتر تنقيد به ڪري سگهندا نه ته نابين کي هٿ آيل لٺ جيان جيڪو کين ويجهو هوندو انهيءَ کي ئي سندن لٺ پئي لڳندي ۽ پوءِ اها لٺ لڳي ڪو نه سگهندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو