ڪامريڊ مانڌل شر جيل جو جهان ٻاهرائين جهان کان الڳ آهي. ڀٽي صاحب طرفان فوج ڪشي جي مخالفت ۾ ڪميونسٽ پارٽي سرفهرست هئي مينگل جي حڪومت هٽائڻ سان گڏوگڏ نعپ تي پابندي به لڳل هئي. اسان نعپ سان هئاسون. مان جڏهن جيل پهتس ته انڊر ٽرائيل DPR جو قيدي هوس، جڏهن جيل ۾ پهتس ته مونکي پوليٽيڪل وارڊ ۾ موڪليو ويو اتي اڳ ۾ الهبچايو مرڻاس به هو. الهبچايو مرڻاس ۽ مان ڪيترائي ڀيرا گڏ گرفتار ٿيندا هئاسون. جيئن مان وارڊ ۾ پهتس ته الهبچايو کلي چپل سان مونکي مارڻ شروع ٿي ويو جناب عبدالوليخان ورانڊي ۾ بيٺو هو سو هڪدم اسان وٽ پهتو، چيائين ڇو ٿو هن کي وڙهين ٻاهر جي دشمني آهي. الهبچائي چيو مهيني کان هي ٻاهر ڇو هو اسان ته گڏ جيل ۾ هوندا آهيون. مون چيو ته جڏهن گرفتار ڪن ته مان اچي سگهن ائين هفتو کن گڏ رهياسون. پوءِ لکيل تنهنجي زال جي درخواست تي توکي B Class ڏنو ٿو وڃي ائين مان B Class منتقل ٿي ويس B Class ۾ پٺاڻ ۽ بلوچ سياسي قيدي هئا. هڪ عوامي تحريڪ جو ماستر ڪنعيا لال به هو ماحول ڪشيده هو. بهرحال مان ٻنهي ڌرين لاءِ قبول هوس. اتي جنرل شيروف (شير محمد مري)، ڊاڪٽر ارباب يوسف ڪوئٽه جو، رزاق بگٽي، ڪنيعا لال، سنڌي عوامي تحريڪ ۽ ڪافي سارا جيل ۾ ڄڻ ته هڪ بارڪ فل هئي. باقي سيل به ڀريل هئا. مونکي به سيل ۾ رکيو ويو ۽ بي ڪلاس جو کاڌو ملندو هو اُتي تناءُ سنڌين ۾ هو.بلوچن ۽ پٺاڻن سميت هتي شير پائو کي قتل ڪرڻ وارو سزا يافته قيدي به هو انهن سڀني کان لڳ ٿلڳ جنرل شيروف هڪ وڏي باريڪ ۾ الڳ رهندو هو. هن سان گڏ رهڻ لاءِ ڪو به تيار ڪونه هو. جنرل شيروف جو موقف هو ته هن وقت بلوچستان جي آزادي جو نعرو هڻي پهاڙن تي وڃي جنگ ڪرڻ مان بلوچ ڪاز کي ڪو فائدو نه پهچندو ڇاڪاڻ ته اسان جيڪڏهن بلوچستان جي آزادي چاهيون ٿا ته بلوچستان جا ٻه صوبا ڪرمان شاھ ۽ شيستان شاھ ايران جي قبضي ۾ آهن. ظاهر شاھ جي پٺي ٺپڻ وارو آمريڪا آهي جيڪڏهن اسان پاڪستاني بلوچ آزاد به ٿي وڃون ته اها اڌوري هوندي. جيل جا نعپ جا ساٿي چوندا هئا بابو ٿڪو آهي جيل ۾ قيدين مان انٽليجنس جو ماڻهو رپورٽ ڪندو ته ڀٽو صاحب کي آزادي ملندي، اهو بلڪل صحيح هو ته جيل ۾ سياسي قيدين جي روپ ۾ سي آءِ ڊي هوندي هئي بابو هڪ ته اڪيلو باريڪ ۾ رهندو هو ٻيو وري قدم ۾ به ڊگهو مونکي ڪن دوستن چيو، اسان ته ائين ڪو نه ٿا سمجهون پر بابو سڀني تي ڪاوڙيل آهي، تون بابو جي باريڪ ۾ رهي ڪري ان جي ڪجهه خدمت ڪر. بابو سان مان گڏ رهڻ جي اجازت گهري مونکي چيائين ته ڀلي، مونسان رهي سگهين ٿو. بابو چين جي انقلاب بابت ڪتاب لکندو هو. مان ساڻس ڪو به بحث نه ڪندو هوس. هڪ دفعي مون پڇيو ته بابو ائين ڇو ٿا چون ته بابو ٿڪو اهي. مونکي چيائين ته منهنجو جنم جيل ۾ ٿيو هو، منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي قيد ڪري بنگال نيو پي ويو ته مهنجو جنم ريل گاڏي ۾ ٿيو، ڀٽي صاحب کي به چڱو ڪونه ٿو چوان.بلوچن تي فوج ڪشي خود ڀٽي کي لوڙهي ڇڏيندي اصل ۾ منهنجي موقف آهي وقت کان اڳ ۾ بلوچن جي جدوجهد مان بلوچن کي خاص فائدو نه ٿيندو. بابو-بلوچن جي نسلي برتري ۾ متبلا هو ۽ عربن کي بلوچن کان ڪمتر سمجهندو هو. بابو جو چوڻ هو ته جڏهن عربن عراق فتح ڪيو هو ته بلوچ مرد ۽ عورتن جو شب خون ذريعي ايرانين کان ڦريل سامان بلوچ کڻي ويندا هئا. ۽ مونکي تاريخي حولا ڏيندو هو ۽ کوڙ سارا ڪتاب به هئس. اهڙي طرح مون سان ٺهي ويو هو مان به خوش ٿيندو هوس شينهن کي ريجهائي ورتو هو. ’ ڪجهه وقت کانپوءِ بلوچ ۽ پٺاڻ پاڻ ۾ اٽڪي پيا ته ڪوئٽه پٺاڻن جي آهي بلوچ چون ته ڪوئٽه بلوچن جي آهي. نوبت هاٿا پائي تائين پهتي. ائين بلوچ ۽ ۽ پٺاڻ هڪٻئي کان رٺل هئا. مان بابو کي چيو ته اهو فيصلو توهان ئي ڪيو ٻن ڏينهن کانپوءِ بابو راضي ٿيو ۽ پٺاڻن واري باريڪ جي اڳيان ڪرسي تي ويٺو. هن چيو ته بابا ڪوئٽه پٺاڻن نياڻي کي (ياد نه آهي ته ڪنهنجي لاءِ چيائين) ڏاج ۾ ڏني هئي. جيڪڏهن هو ڏاج واري شئي موٽائن ته انهيءَ تي بلوچ ضد نه ڪندا اها انهن جي رهندي اهڙي طرح پٺاڻ ۽ بلوچ وري کنڊ کير ٿي ويا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شاھ محمد شاھ ۽ قمر راڄپر به جيل ۾ آيا، شاھ محمد شاھ کي A Class مليل هو.کي B Class مليو، شاھ محمد شاھ يعني A Class واري قيدي کي بند نه ڪيو ويندو آهي. تنهن ڪري شاھ محمد شا جي کٽ قمر راڄپر جي سيل جي اڳيان رکيل هوندي هئي،خوبصورت هجڻ سان گڏوگڏ عمر ۾ به ننڍو هو. تنهن ڪري هر ماڻهو جي ساڻس محبت هئي ڳالهائڻ جو انتهائي سيبتو هو. تنهن ڪري دير تائين ڪچهري ڪندا هئا شاھ محمد شاھ تي پٺاڻن کي شڪ هو ته هي ڀٽي صاحب جو ماڻهو آهي، تنهنڪري هن سان گهٽ ميل جول رکندا هئا ولي خان کي وٺڻ مان آچر واري ڏينهن ويندو هوس ۽کيس B Class ۾ وٺي ايندو هوس جيل انتظاميا نه روڪيندي هئي. تڏهن بابو حال احوال وٺندو هو، پر هن جي لڳندي نه هئي. جيل ۾ طارق اشرف رهندو هو جيڪو سهڻي رسالي ڪڍندو هو ۽ هن سان به ڪچهري ٿيندي رهندي هئي.اهڙي طرح محمد عثمان ڏيپلائي سان ميل جيل ٿيندو رهندو هو ڪتاب شيخ المشائخ لکڻ تي جتوئي صاحب ڊٽين ڪرايو هوس، ڪتاب پير سرهندي خلاف هو مان ڊيگهه نه ڪندو هوس نه وري ۽ هتي نظرياتي ساٿي هو، مونکي صابڻ وغيره روهڙي سيمينٽ فيڪٽري مان ملندو هو، ملاقات لاءِ مائٽ به ايندا هئا. اسان جي علائقي ۾ تمام گهڻي غربت هئي. لالا شاھ محمد دراني، به ملاقات تي ايندو هو عبدالقادر انڊهڙ هفتي ڏيڊ هفتي ضرور ملاقات ڪندوهو. انڊر ٽرائيل ڊي پي آر جو جج دراني هو شايد لالي شاھ محمد جو سنڍو هو لالي شاھ محمد منهنجي ضمانت ڪرائڻ جو بار پاڻ تي کنيو ۽ مير منور تي ضمانت ڏيڻ جو بار رکيو ويو. مونکي قانوني حاضر تي موڪليو ويو. جڏهن پوليس سکر ايڪسپريس ۾ ويهاريو ته مون سان راجه رحيم يار کهاوڙ به گڏ هو جيڪو انهيءَ جيل ۾ ٽرانسفر هو. اسان جنهن گاڏي ۾ ويٺاسون ٻن هيٺين سيٽن تي سمهي پيا سون قيدين جي سيٽن جي ڪابه رزرويشن نه ٿيندي هئي. اسان جي رزرويشن ڪونه ٿيل هئي پر سمهي سيٽن تي پيا سون جيڪي اڳ ۾ ڪن وڏن جون رزرو ٿيل هيون، انهن سيٽن تان اٿارڻ لاءِ جيل انتظاميه وڏا وس ڪيا پر اسان سيٽون خالي نه ڪيون. پوءِ جيل انتظاميه پوليس گهرائي پر اسان کين جواب ڏنو نيٺ سکر ايڪسپريس جو گاڏو ڪٽي ڇڏيائون ۽ پوءِ خيبر ميل ۾ موڪليو ويو. اسانکي ريل گاڏي ۾ B Class جو آفر ٿيو پر اسان پنهنجون سيٽون خالي نه ڪيون. ڪراچي پهتاسون ته مونکي الڳ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو هو جتي لالو شاھ محمد بيٺو هو جنهن جج سان ملاقات ڪري منهنجي ضمانت ڪرائي مير منور ضامن جو بندوبست اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو. ضامن کانپوءِ مونکي سينٽرل جيل سکر مان آزاد ڪيو ويو. پر حاضرين ڀرڻ لاءِ مون وٽ ايترا پئسا نه هوندا هئا جو ڪراچي جون حاضريون ڀريان، پر منور چيو ته تون آئنده حاصرين تي نه وڃ، مان ڄاڻان منهنجو ڪم. جيل جي جهان جون ٻيون ڪافي ڪهاڻيون آهن وري ڪنهن ٻي ڀيري.