ارباب ڇڄڙو ٽيهه چاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. جيڪو ڪجهه اسان ڏٺو هو. اهو ڏسندي ڏسندي اکين کان ائين پري ٿي ويو جو وري ڪڏهن به نه اسان کي نه وري اسان جي ايندڙ نسل کي ئي ڏسڻ لاءِ ملندو. انهن شين جا نالا به گم ٿي ويندا، جن جا نالا ڪن ڪتابن ۾ ته لکيل آهن پر هاڻي انهن جو وجود هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آهي. ويهين صديءَ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي ۽ ان جي عيوض گهڻو ڪجهه وٺي به وئي آهي. مان سمجهان ٿو هزارين سالن کان هلندڙ شيون اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويون جنڊ، جنهن تي عورتون اللصبح جو اٽو پيهنديون هيون، جنڊ هزارين سالن کان انسان جي ڪم آيو اهو اڄ سواءِ ٿر جي ڪٿي به نظر ڪو نه ٿو اچي. پاکڙا ۽ ڪجاوا جيڪي اٺن تي رکي ماڻهو سوريون ڪندا هئا اهي به نظر نٿا اچن. اسان ننڍي لاءِ انهن تي چڙهياسين. پر اڄ اهي به ناهن. ڪڻڪو لڻي پوءِ ڏاندن تي هفتن جا هفتا ڳاهيندا هئا. اسان پڻ اهي ڳالههُ ڳاهيا، ڦرسان ٻڌي ڪڻڪ جي ول مٿا هلائيندا هئاسين. اڄ جو نوجوان ان کان به اڻواقف ٿي ويو آهي. ڳالههُ کان پوءِ گاگڙن، ڇڄن ۽ ٻيانن سان وائر ڪري انُ صاف ڪندا هئاسين. اڄ ان جي جاءِ تي ٿريشر اچي ويا آهن. توڙي جو ٿريشر ۾ ان بهه ۾ رهجي ٿو وڃي پر ٿريشر رائج ٿي ويو آهي. ڏاندن جي ڳچين ۾ پاڃاريون وجهي، پويان هر ٻڌي، زمين کيڙي ان ۾ ٻج وجهي پوک پوکيندا هئاسين. اڄ اهو ڪم ٽريڪٽر جي وسيلي ٿو ٿئي. ڏاند به غائب، پاڃاري ۽ هر به ڪونهي. اهو سلسلو به هزارن سالن کان هلندڙ هئو. پر هاڻي ختم ٿي ويو آهي. بُهه ايترو ٿيندو هو جو ايندڙ سال تي ان کي باهه ڏئي ساڙيو ويندو هو. هن وقت اڻاٺ جي ڪري به پنج سئو روپيه مڻ ٿو ملي. ووڻن جون باٺيون به گهر ۾ ٻارنهن مهينا ٻارڻ کان پوءِ باهه ڏئي ساڙيون وينديون هيون هن وقت اهي به عدم موجود آهن ۽ ڪاٺ جي پورت ڪا نه ٿي پئي. ڪاٺ ٽي سئو ۽ چار سئو روپيه مڻ ٿي ويو آهي. ٻيلا بهانا ڪري وڍي ڇڏيائون. ٻيلن ۾ ماکيون هونديون. ماڻهن جي ٻڪرين لاءِ چارو هوندو هو. ان کان سواءِ جهنگلي جانور هوندا هئا. اهي سڀ ختم ٿي ويا. باهڻ جو ڪاٺ جام هوندو هو، جنهن مان جنڊيءَ جا ڪاريگر کٽون ۽ هندورا ٺاهيندا هئا. اهو اڻملهه ڪاٺ ختم ٿي ويو رگ ويد ۾ لکيل آهي ته سنڌ جي ٻيلن ۾ اهڙا به وڻ هئا جن ۾ ٻار هوئي گل هوندا هئا ۽ ماکيون جام هونديون هيون روز ماڻهو ماکي کائيندا هئا. پير علي محمد لکي ٿو ته، ميرن جي زماني ۾ سنڌ جي ٻيلن ۾ چيتو شينهن جام هوندو هو. خيرپور جي ميرن چيتن جي کلن مان هڪ تنبو ٺهرائي برطانيه جي راڻي ڏي تحفه طور موڪليو هو. اڄ سنڌ ۾ نه چيتو، نه گڊ، نه سرنهه، نه هرڻ، نه ڦاڙهو، ويندي سها ۽ لومڙ به نه رهيا آهن. سنڌ جي سونهن جي سڃ ٿي وئي آهي، ٻيلا برسات جو سبب ٿيندا آهن. ٻيلا درياهه کي ڪنٽرول ۾ رکندا آهن. ٻيلا موسم کي صحيح رکندا آهن. مون کي ياد ٿو پوي ته، ٻيلن جي واڍيءَ خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي اڳيان بس هڪ ئي شخص سائين امداد محمد شاهه، اجرڪ وڇائي بک هڙتال ڪئي هئي پر ٻين ساٿ ڪو نه ڏنس، سنڌ جا ٻيلا وڍجي ويا ۽ ڪاٺ به پنجاب کڄي ويو. ٻيلن ۾ وڻن تي ٻارهو ئي ڳجهون ويٺيون هونديون هيون. انهن لاءِ اجهو هو. اهي ڳجهون به خبر ناهي الائي ڪاڏي هليون ويون آهن. ٻيلو خاتو ته اڃان به آهي پر وڻ نه آهن. ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ٻيلن ۾ هاٿي ۽ ڀولڙا به هوندا هئا. جيئن اڄ به هندستان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جي ڪنارن تي آهن. پر اسان وٽ رڳو بربادي ڪرڻ جو ئي رواج رهي ٿو. درياهه جي ڪپن تي ۽ کوهن تي سنڌ ۾ نار هوندا هئا. جيڪي ڪاٺ مان سنڌ جو ڊکڻ طبقو ٺاهيندو هو. اهي نار به ڏسڻ جهڙا هوندا هئا. ڪنهن عاليشان مصوريءَ جو ڏيک هوندا هئا ۽ پوءِ لوهه جا نار به آيا. حضرت شاهه لطيف نار تي کوڙ بيت جوڙيا هئا. سورن سانگهارو، ڪڏهن مون سين ڪيو، آيل، اوڀارو، ٻاتڙ ٿو ٻوڙ وهي. هن بيت ۾ شاهه ڪمال مصوري ڪئي آهي ۽ درد جو هڪ داستان ٻڌايو آهي. هاڻي ڪٿي به نار نظر ڪو نه ٿو اچي شايد ڪنهن شوقين زميندار وٽ هجي. موهن جي دڙي واري دور کان جيڪا دنيا ۾ پهري ڦيٿن واري گاڏي ٺاهي وئي هئي. اها ڪجهه سال اڳ تائين به لاڙڪاڻي طرف ڏسبي هئي. پر هن وقت اها ڳوليو به ڪا نه ٿي لڀي. ٻه گاڏيون موهن جي دڙي تي رکيل آهن جيڪي به جهري ويون آهن. جن جي سنڀال به ڪانهي. دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ اها شيءِ آهي ان جو ڪو خيال نٿو رکيو وڃي. سنڌ ۾ هزارين سالن کان جنڊيءَ جو ڪم هلندڙ هئو. ڪاٺ ۾ گل ٺاهي ان ۾ عاليشان رنگ ڀري وري ان مٿان ٻين رنگن سان هڪ ڀيرو ٻيهر جنڊي هلائي ويندي هئي. هڪ ڪاريگر فقط هڪ پائو شام تائين مس ٺاهي سگهندو هو. هاڻي پاڻيءَ جي مٿان ڪچو رنگ مکيو وڃي ٿو. اصل جنڊيءَ وارو سامان ڪن سالن کان ٺهڻ ئي بند ٿي ويو آهي. اهو سارو رنگ مکڻ وارو ڪوجهو هنر پنجاب کان آيل آهي. پر سنڌ جو هنر گم ٿيل آهي. اجرڪ، جيڪي موهن جي دور کان سنڌ ۾ ٺهندا آيا آهن. سي به هاڻي اڪثر ٺهڻ بند ٿي ويا آهن. جو صفا سادو اجرڪ ڪارخانن ۾ ٺهڻ لڳو آهي. اهو ڪنهن نه ڪم جو اجرڪ اڄ جام ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي جيڪي باقي ڪجهه رنگ ساز موجود آهن انهن جي ڪا به همت افزائي نه آهي. شايد ڪجهه وقت کان پوءِ اهو به نظر نه ايندو. سنڌي ٽوپي، جيڪا پڻ موهن جي دور کان ٺهندي اچي جنهن تي عورتون سئي سان باريڪ ڪم ڪنديون هيون. هاڻي ان جي جاءِ پنجاب جي ڪارخانن ساديون ٽوپيون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن. هاڻي جڏهن سنڌ ۾ ٽوپي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ته لکين ٽوپيون پنجاب جون ٺهيل کپن ٿيون. ڇو ته سنڌي ٽوپي ڪجهه مهانگي آهي. ان ڪري وري به ان جي همت افزائي ڪو نه ٿي ٿئي. شايد ان جو ڪارڻ اهو به آهي جو اسان جي سنڌ سرڪار هنرمندن جي ڪا به همت افزائي ڪا نه ٿي ڪري. خود سنڌ سرڪار ۾ اهڙا ماڻهو ويٺل آهن. جن وٽ سنڌي ثقافت لاءِ ڪو به شعور ئي نه آهي. من ڪو وري واءُ واري، من ڪي مينهن وسن.