وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ,ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو نهاريندس نڪري , بوتَن ڪارڻ بَرُ آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روهَه رَتيُون ٿئين. وَرَ ۾ = منهنجي ڪانڌ ۾، پنهونءَ ۾، منهنجي محبوب ۾ وَرُ = ڦڏُ ڦير، ڏنگائي ,ڏوه وَرُ = ڪچائي، ويساه گهاتي, ڍونگ بوتَن = اٺن بَرُ = رڻ پٽ، بيابان ٽَڪَرَ = پهاڙ، جبل ٽَرُ = ڀڄي پري ٿيءُ روهَه = اي پهاڙ، اي جبل رَتيُون = ذرا ذرا، پرزا پرزا * منهنجي محبوب، منهنجي پنهل جو ڪو قصور ناهي، سندس ڪو ڏوهه ناهي هي سڀ ڏنگائي، اُرهه زورائي ڏيرن ئي ڪئي آهي. * ڀنڀور کان ٻاهر نڪري رڻ پٽ ۽ بيابان لتاڙي انهن اٺن جا پيرا جاچينديس جيڪي منهنجي پنهونءَ کي پاڻ سان کڻي ويا هن. * اي پهاڙ اڄ منهنجي عزم ۽ حوصلي جي اڳيان ڀڄي پري ٿيءُ نه ته ذراذرا ۽ پرزا پرزا ٿي ويندين. * ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته محبوب ۽ منزلون ماڻڻ لاءِ پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان هر ايندڙ رڪاوٽ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ۽ اڳتي وک وڌائيندا هلندا هلو. پنهنجو خيال رکندا ڪيو سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ وال تان ورتل