عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن

اوهان جي مُرڪُن تي جِيُ گهوريان
قضا به سا! بي وجهه نه ٿيندي
پريت پنهنجي مَري پروڙيان
تڏهن به قيمت ادا نه ٿيندي
اوهان جي دم سان بهار جن تي
ڪڏهن انهن تي خزان نه ٿيندي
اسان جو سِينو ۽ تير تنهنجا
خطا ٿيڻ جي خطا نه ٿيندي
ڀَلِي ٿي درويش جسم ٽڪرا
ڪڏهن به شِڪوا، گِلا نه ٿيندي،
عمران درويش سومرو
.