غزل عمران درويش سومرو


2hyuyoj.jpg



اوهان جي مُرڪُن تي جِيُ گهوريان
قضا به سا! بي وجهه نه ٿيندي

پريت پنهنجي مَري پروڙيان
تڏهن به قيمت ادا نه ٿيندي

اوهان جي دم سان بهار جن تي
ڪڏهن انهن تي خزان نه ٿيندي

اسان جو سِينو ۽ تير تنهنجا
خطا ٿيڻ جي خطا نه ٿيندي

ڀَلِي ٿي درويش جسم ٽڪرا
ڪڏهن به شِڪوا، گِلا نه ٿيندي،

عمران درويش سومرو








.



 
اسان جو سِينو ۽ تير تنهنجا
خطا ٿيڻ جي خطا نه ٿيندي

بهترين سٽون ... درويش ايندو گهڻن ڏينهن کان پوء آهي پر پنهنجا احساس ضرور ڇڏي ويندو آهي.
 
Back
Top