”اونداهه جي آڙاهه ۾ ڦاٿل اسانجو سماج“ رفيق آزاد منگي لاڙڪاڻو سنڌ هڪ تمام وڏي مها ساگر جيان آهي جنهن ۾ هڪ. ٻه يا ٽي نه پر هزارين قسمن جا جاندار رهن ٿا ان مها ساگر ۾ هيل تائين جيترو جانچيو ويو آهي ان مطابق ان ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون زنده ۽ مرده ملن ٿيون ڪڏهن شهيد هوش محمد شيدي جهڙا بهادر جوڌا ته ڪڏهن شهيد بشير خان قريشيءَ جهڙا سنڌ سان محبت ڪندڙ محبوب ملن ٿا، ڪڏهن سرمد سنڌي، استاد وحيد علي، عابده پروين ۽ ماسٽر منظور جهڙو مڌر آواز ملي ٿو ته ڪڏهن وري شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ قلندر لال شهباز جهڙا شاعر ۽ انسانيت کي اولين ترجيح ڏيندڙ بزرگ ملن ٿا، اهي شخصيتون اهڙيون آهن جيڪي نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان بلڪه پوري دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين تي پنهنجو روحاني اثر روا رکيون اچن ٿيون، قديم آثارن جي ڳالهه ڪجي ته موهن جو دڙو سڀني کان سر فهرست آهي هي هڪ اهڙو شهر آهي جنهن جو راز هيل تائين ڪو به ماڻهو ڄاڻي ناهي سگھيو، بلڪه وقت جي وير گذرڻ سان گڏو گڏ هن کي قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصان کان ان جي قديم آثارن تي تحقيق ڪرڻ اڃان به مشڪل بنجندي پئي وڃي، موهن جي دڙي جي ماڻهن جي ٻوليءَ کي ڪجھ وقتن ۾ ڪن ماڻهن سمجھڻ جي دعوي ته ڪئي پر اهي پنهنجي دعوي کي سچ ثابت نه ڪري سگھيا، موهن جي دڙي کان علاوه ٻيا به قديم آثار سنڌ جي سونهن ۽ سندرتا بنيل آهن جن ۾ ڪوٽڏجي جو قلعو، رني ڪوٽ، ۽ ٻيا قديم آثار شامل آهن، سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ سياستدانن جي اگر ڳالهه ڪريون ته ان ۾ سائين جي ايم سيد، پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جا نالا فورن دماغ تي تري اچن ٿا، مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت لاءِ پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪئي جنهن کي مختلف نقطئه نظر سان ڏسجي ٿو. خير! سنڌ جي سونهن ڪجھ لفظن جي محتاج ناهي، ان جو شان ڪجھ ورقن تي بيان نه ٿو ڪري سگھجي، سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي طوفان هن ڌرتيءَ کي تباهه ڪرڻ ۾ مشغول رهيا پر نيٺ آخر انهن کي شڪست جو منهن ئي ڏسڻو پيو، ماضيءَ ۾ جن طوفانن جو مقابلو ڪيو ويو اهو يڪجهتيءَ کانسواءِ ناممڪن هيو هن وقت سنڌ تي هڪ اهڙو طوفان برپا آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ جي سگھ ته هرڪو رکي ٿو پر وقت اچڻ تي هرڪو پٺيان پير ٿو ڪري، هڙتالون ته ڄڻ سنڌ کي ڏاج ۾ مليل آهن هميشه سنڌ جي خدمت جون دعوائون ڪندڙ پيپلز پارٽي به سنڌي عوام کي گل ڏيکاري هميشه ڪنڊا ئي ڏنا آهن، قومپرستن جي جدوجهد به ڪنهن هڪ ڳالهه تي نه آهي ڪنهن به قومپرست پارٽيءَ جو نظريو پاڻ ۾ نه ٿو ملي اهي پارٽيون دعوا ته سائين جي ايم سيد جي نظرئي جو پوئلڳ هجڻ جي ڪن ٿيون پر وقت اچڻ تي هرڪو الڳ ڪنو چاڙهي پاڻ کي جدا جدا راهن تي گامزن ڪريو ڇڏي، سنڌي قوم ۽ سنڌ کي هميشه هر سياسي پارٽي توڙي مذهبي ۽ قومپرست پارٽين قربانيءَ جو ٻڪرو ڪري استعمال ڪيو آهي، هن وقت جنهن اونداهي راهه تي اسان سنڌي قوم مذهبي انتها پسندي، جهالت ۽ آزادي جا علم کڻي گامزن آهيون اها راهه ڪڏهن به اسانکي ڪاميابيءَ واري منزل ڏانهن نه پهچائيندي، افسوس جو اسان وري به انهيءَ اونداهيءَ راهه تي ٿاٻڙجندا ڌڪجندا پيا وڃون، اسان ان راهه تي پاڻ سان هڪڙو روشنيءَ وارو علم ۽ هڪ هٿيار کڻڻ وساري چڪا آهيون جيڪو هر راهه تي اسانجي رهنمائي ڪندو ۽ اهو هٿيار دنياوي ميزائيلن، بمن ۽ تلوارن کان به وڌيڪ طاقتور آهي ۽ اهو علم آهي ”تعليم جو علم پاڪ“ جيڪو جنهن به قوم بلند رکيو اها قوم اڄ ترقي يافته قومن ۾ فخر سان شامل آهي. جاپان تي جڏهن آمريڪا ايٽم بم ڪيرايو هو ته ان وقت جاپان سٺ سيڪڙو تباهه ٿي چڪو هيو، انکان بعد جاپاني قوم هڪ گهري صدمي ۾ هلي وئي پر ان وقت به هنن پير پوئتي نه ڪيا ۽ جاپان کي نئين سر تعمير ڪرڻ پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنايو ۽ اڄ اهو جاپان روبوٽڪ دنيا ۾ وڏن وڏن ملڪن سان ڪلهو ڪلهو ۾ ملائي بيٺو آهي ان کانسواءِ چين، آمريڪا، انڊيا ۽ برطانيا اهڙا ملڪ آهن جن ڪڏهن به تعليم جي علم کي ڪرڻ نه ڏنو ۽ ان کي هر حال ۾ بلند و بالا رکيو، اڄڪلهه اسان جنهن اونداهي غار ۾ ڦاسي پيا آهيون ان ۾ رستا ته گھڻائي آهن پر جيڪو رستو اسانکي ڪاميابيءَ ڏانهن وٺي ويندو اهو صرف ئي صرف تعليم جو ڏيئو ٻارڻ سان ئي لڀندو، اسان پنهنجي حال جو ذميوار جيترو پاڻ آهيون اوترو شايد ئي ڪير هجي، اسان هر وقت شارٽ ڪٽ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن اسانکي اهو شارٽ ڪٽ وارو رستو مليو ته اسان انهيءَ تي بنا سوچي سمجھي هلڻ شروع ڪيو اسانجي ثقافت دنيا جي قديم ترين ثقافتن مان هڪ آهي پر اسانجي ثقافت ۾ شامل ٿي ويل ڪاپي ڪلچر جهڙي ڪنڊن واري رستي تي خبر ناهي الائي ڇو اسان نچندا ڪڏندا پيا وڃون اهو هڪ اهڙو شارٽ ڪٽ آهي جنهن ۾ صرف ئي صرف تباهي آهي ان کي ڄاڻيندي به اسان اڻڄاڻ ٿي ويا آهيون ۽ پنهنجي پيڙهين کي به اهو ئي سبق لفظ به لفظ پڙهائي ڇڏيو آهي. هن وقت ۾ هر قوم سجاڳ ٿي پنهنجي مستقبل لاءِ جاکوڙي پئي پر اسان وري ڪڇون ۽ سهي واري قصي جيان آرام ڪري ستا پيا آهيون ۽ جڏهن ڪو اسانکي اٿارڻ اچي ٿو ته اسان ان کي وري اهو طعنو ڏئي ٿا ويهون ته هُو چريو آهي ۽ اهوئي اسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، هي وقت سجاڳ ٿيڻ جو آهي، هي وقت پنهنجي روشن مستقبل جو بنياد رکڻ جو آهي، هن وقت اگر اسين نه اٿياسين ته اسانجا ڪجھ ”فل ايجوڪيٽيڊ“ ماڻهو رنڪل ڪماري، لاڙڪاڻي واري واقعي ۽ انهيءَ طرز جهڙن واقعن ۾ تيزيءَ سان واڌ آڻيندا رهندا، هن وقت به اگر اسان سجاڳ نه ٿياسين ته اسان جي ڪاري سون جا مالڪ ٿري ماڻهو ائين ئي بکن ۽ بيمارين جي ور چڙهي تڙپي تڙپي مري ويندا، هن وقت اگر اسين سجاڳ نه ٿياسين ته اُرڙي ۽ پوليو جهڙو خطرناڪ مرض اسانجي مستقبل جي معمارن کي ائين ئي ڳڙڪائيندو رهندو، تير تي ٺپو هڻڻ کان پهريائين اهو ضرور سوچڻو پوندو ته اڳي تير کي صحيح رخ ۾ هلائيندڙ جوانن جو خاتمو ٿي چڪو آهي هاڻي نُوي نُوي سالن جي عمر جا جوڌا تير هلائڻ ۾ نشاني تان چڪجي ٿا وڃن ۽ اهو تير وري اسانجي ئي پٺيءَ ۾ اچي ٿو لڳي، ٻارهن سالن کان بکيو شينهن به موتمار بنجي چڪو آهي. آخر ۾ اهو ئي چوندس ته هاڻي اسانکي سجاڳ ٿي ڪري پنهنجي مهمان نوازيءَ واري نرم روئي کي ٿورو سخت ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجن گھرن کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ڪري پنهنجي روشن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ رستو بنائڻو پوندو نه ته ائين ئي اسان مخدوم بلاول جيان جهالت جي گھاڻي ۾ پيڙهبا رهنداسين ۽ اسانجا ايندڙ نسل اسانکي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. ”پورو ٿيو“ رفيق آزاد منگي مينهل آباد ڪالوني لاڙڪاڻو rafiqazadm@gmail.com 03473656482
آزاد اهان جا ويچار تمام سٺا آهن. فلحال اسان جي معاشري م جيڪا خاموشي آهي اها تيستائين رهندي جيستائين اسين اڃا بدترين حالات نه ٿا ڏسون جيڪي اّٺنِ يا ڏهن سالن کان پو۽ ظاهر ٿيندا ههڙي حڪمراني جي نتيجي ۾.
اسان جي قوم ۾ ڪيئي طبقا بڻجي ويا آهن. هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي نفعي لاء قومي نفعي کي وڪڻي ڇڏين ٿا ۽ انهن جي اڪثريت ئي سڻڀن عهدن تي آهي ۽ سنڌ جا سودا پئي ڪري ... يا ان کان اهي سودا ڪرايا پيا وڃن. هڪ طبقو آهي جيڪو اڃان منجهيل آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي ...... اچو ته ڪيون، ان طبقي ۾ گهٽ ماڻهو شامل آهن ۽ انهن کي اها به خبر ناهي ته ڇا ۽ ڪيئن ڪجي. اسانکي ذاتي انائن ۾ به ورهايو ويو آهي ۽ ڪٿي وري مذهبي فرقن ۾ ... هاڻ سڀ ڪجهه سولو ناهي پر پوء به اوهان سان اتفاق ڪجي ٿو ته ڪجهه ته ڪرڻو ئي پوندو ڇو ته پاڻي مٿي مان گذري چڪو آهي.