هڪڙو سپاهي جنگ جي ميدان مان ٿي، پنهنجي گهر ڏانهن پئي ويو. سياري جا ڏينهن هجن ۽ ٿڌيون هوائون زور زور سان پئي لڳيون. آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙي آيا هئا. اهڙي وقت ۾ هلندي هلندي سپاهيءَ کي بک اچي ستايو. هن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه به نه هو. نيٺ هلندي هلندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو ۽ هڪڙي گهر جو دروازو کڙڪائي چوڻ لڳو ته: ”مون کي بک لڳي آهي، ٿوري ماني هجي ته کارايو.“ پر اندران جواب مليو ”ادا، اسان وٽ پاڻ به کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“ سپاهي اهو جواب ٻڌي اڳتي وڌيو ۽ هڪڙي ٻئي گهر جو دروازو کڙڪائي ساڳيو سوال ڪيائين. پر وري به ساڳيو ئي جواب مليس. انهيءَ تي سپاهيءَ گهر وارن کان پڇيو ”اوهان وٽ ڀلا ڪو وڏو ديڳڙو آهي؟“ ”ها، ها. هڪڙو وڏو ديڳڙو برابر آهي.“ گهر وارن جواب ڏنس. ”۽ پاڻي به هوندو. سپاهيءَ پڇيو. ”پاڻي به آهي.“ جواب مليو. سپاهيءَ چيو: ”ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري باهه تي کڻي رکوس. مون وٽ شوروي جو هڪڙو پٿر آهي.“ گهر وارن ڏاڍي اچرج مان پچيو ”شوروي جو پٿر! اهو ڇا آهي؟“ سپاهيءَ چيو: ”اهو هڪڙي قسم جو پٿر آهي، جنهن مان شوروو ٺهندو آهي.“ اهو ٻڌي گهر جا سڀئي ڀاتي انهيءَ پٿر کي ڏسڻ لاءِ سپاهيءَ جي چوڌاري مِڙي بيٺا. نيٺ عورتن جلدي جلدي باهه ٻاري ۽ هڪڙي وڏي ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري چُلهه تي رکيو. سپاهيءَ پنهنجي کيسي مان هڪڙو پٿر ڪڍي ديڳڙي ۾ وڌو. اهو هڪڙو اهڙو پٿر هو جنهن جهڙا ڪيترا پٿر رستن تي پيا هوندا آهن. پر انهيءَ گهر جا ڀاتي اهو ئي سمجهي رهيا هئا ته اهو ڪو نرالو پٿر آهي. سپاهيءَ ديڳڙي ۾ پٿر وجهڻ کان پوءِ چيو ته: ”هاڻي پاڻيءَ کي ٽهڪڻ ڏيو.“ سڀئي پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، ٿوريءَ دير ترسي سپاهيءَ چيو ”اوهان وٽ ٿورو لوڻ آهي؟“ ”ها ها. ڇو نه، لوڻ جي ڪا کوٽ.“ ائين چئي هڪڙي عورت لوڻ جو دٻو سپاهيءَ جي هٿ ۾ آڻي ڏنو. سپاهيءَ دٻي مان مُٺ لوڻ جي ڀري ديڳڙي ۾ وڌي. اتي سپاهيءَ جي نظر سامهون ٽِپائيءَ تي پئي، جنهن جي هيٺان گجرون رکيون هيون. هن چيو: ”جيڪڏهن ٿوريون گجرون ملي وڃن ته جيڪر شوروو ڏاڍو مزيدار ٿئي.“ اهو ٻڌي هڪڙي عورت اُٿي ۽ ڪيتريون ئي گجرون کڻي آئي. سپاهيءَ گجرن کي چڱيءَ طرح ڇِلي صاف ڪري ديڳڙي ۾ وڌو ۽ پوءِ گهر جي ڀاتين کي جنگ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. ٿوري دير رکي، چوڻ لڳو: ”ٿورا پٽاٽا به ملي وڃن ها ته شوروو وڌيڪ لذت وارو ٿئي ها.“ ائين واري واري سان پٽاٽا، گوبي ۽ ٻيون مختلف ڀاڄيون به ملايون ويون. ٿوريءَ دير کان پوءِ شوروو ٺهي تيار ٿي ويو ۽ سڀئي گڏجي کائڻ ويٺا. شوروو ڏاڍو مزيدار ٿيو هو ۽ سڀني ڏاڍي شوق سان کاڌو به پئي ۽ تعريفون به پئي ڪيون. هاريءَ چيو ”واهه واهه! ڏاڍو مزيدار شوروو ٺهيو آهي. هاريءَ جي زال چيو، اهو پٿر ئي ڪونهي، الائي ڇا آهي.“ سپاهيءَ چيو ”انهيءَ پٿر مان اوهين به اهڙو شوروو ٺاهي سگهو ٿا، البت انهيءَ جي ٺاهڻ جي طريقي کي نه وسارجو.“ سچ پڇو ته اهو هڪ پٿر هو جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه هئي. سپاهي هاريءَ جي گهران موڪلائي اڃا ٿورو اڳتي مس ويو ته رستي ۾ اهڙو ئي پٿر ڏسڻ ۾ آيس. هن اهو پٿر کڻي کيسي ۾ وڌو ته متان اڳتي انهيءَ جي ضرورت پوي.