مان سنڌي آهيان. ڪجهه صديون اڳ هـــــــــــــنــــــــدُو يا مـــــســـــلـــمـــــان سڏائيندڙ ديس واسيو! اوهان جي اهڙي مـعـتـبـر ۽ مـانـائـتـي سڃاڻپ جو دل سان احــتــرام!! الله تعاليٰ جي آخري رَســول محمد صلي الله عليه وصلم فرمايو(تنهنجو دين توسان منهنجو دين مون سان) يا وطــن جي حُـــبَ ايمان جو اهَــم جُز آهي) اِنهي حوالي سان وطن جي حب يا ڌرتيءَ يا ٻوليءَ سان چاه بيحد فطرتي آهي. سنڌو سَڀيتا ۽ سـنڌي ٻـولي (7000) سَت هزار سالن کان وڌيڪ پُراڻي ۽ شانـائِتي آهي جنهن جو مِزاج خالص صُوفياڻــو، رنــگ نـــسُـل ۽ مـذهـبـي ڪــٽــرپـــڻــــي کان پاڪ ۽ امن آشـــــتـــــي وارو رهيو آهي جـيڪـو تمام اعــلـيٰ ۽ فـــخــر جـوڳـو آهي. يـاد رکـو: اوهان 7000 هزار سـالن کان به تـمام گهـڻو آڳــاٽــــي سُـڌريل سنـڌي سڀـيتـا جا وارث ۽ امـين آهيوته دل کــولي فـخـر سان چـئو ته مان سنڌي آهيان ۽ بـيـحـجـاب ٿي وڏي مان مرتـبي سان سـنڌي ڳالهايو، سـنـڌي پــڙهـو ۽ سـنڌيءَ ۾ لکــو ۽ .... پاڻ ۾ وري ٻيهر، سنڌي آڳاٽي سڌريل قوم وارا گڻ وري اُجاگر ڪريو ڇــو ته زنـده ۽ بـاغــيرت قــومون پنهنجي تــهــذيـب ثــقـافت، ٻـولــي ۽ ڌرتـيءَ ســـان مـحـبـت جو اِظهار ته هـر هنڌ ڪنديون آهـن پر سندن حيثيت برقرار رکڻ لاءِ قومي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ اهم هوندي آهي. انهيءَ لاءِ فخر سان چئو ته مان سنڌي آهيان.