ساڳُ پنهنجو پَلي ، سِنڌ پو ڀي ڀَلي، ڀاڳ وارِي سَدا ڀونءِ تي ڀَر جھلي. تو چيو ” سنڌڙي “ مون چيو ” جندڙي “، مون پرولَي سَلي ! مون پرولَي سَلي! پِريتَ ليلا به آ ، پِريت ڪَؤنرُو به آ، پِريت پَرکي ته ڪا مون جيان دل جَلي! وک وِتَري ڪيو ٿي اَچي ، ٿي اَچي، هُو جھُڙالي هوا ، هُو گلابي گلي! سِنڌُ مَرڻي نه آ ، اي ” اياز “ آ اڃا ، اُڃ جو آسرو ، ڪا ته پاڻيءَ کَلي!