رشيد سمون جي فيس بڪ جي وال تان ڳوڙهن جو وزن ڪيترو هوندو.......؟؟؟ ماڻهون ويهه ڪلو وزن کڻي ويندو آهي.. پر ڳوڙها .....!! نه ٿو کڻي سگهي....!! اهي ڪري پوندا آهن.... روز کلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان... جو سمجهندو هان ته کلڻ سان حوصلا وڌندا آهن ۽ مايوسين کي شڪست ملندي آهي... پر .... اڄ ڪجهه احساسن روئاري وڌو... اهڙي ڪيفيت ۾ هڪ دوست جي ڪال اچي وئي... منهنجي رنڌيل آواز کي ٻڌي شايد هن ڪيفيت جو اندازو ڪري ورتو.. ۽ منهنجي انڪار به کيس ٻڌائي ڇڏيو ته مان رنل آهيان... چيائين... ”روئڻ ۾ ڪا برائي ناهي.. نِم اکيون نرم دل هجڻ جي نشاني هونديون آهن.. ۽ دلين کي نرم ئي هجڻ گهرجي ... جيڪڏهن دليون ئي سخت ٿي وڃن ته پوء ان ۾ پيار ۽ محبت جو ٻج پوکي نه ٿو سگهجي ۽ جيڪڏهن دلين ۾ محبت باقي نه رهي ته پوءِ انسان پنهنجي منزل جي دڳ کان به ڀٽڪجي وڃي.. محبت اها واحد طاقت آهي جيڪا انسان جا قدم مضبوطي سان ڄمائيندي آهي.. ۽ ان کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي آهي.. بس انهن ڳوڙهن جي پٺيان نااميدي ۽ مايوسي نه هجڻ گهرجي .. ڇو ته نااميدي ايمان جي ڪمزوري جي علامت هوندي آهي.. الله پاڪ کان هميشه ڀلائي ۽ سٺي وقت جي اميد رکڻ گهرجي .. اهو پنهنجي بندن کي ان ئي شيء سان نوازيندو آ جنهن جي هُو پنهنجي رب کان توقع رکندا آهن...“