ALI AKBAR SHAR
سينيئر رڪن
گوگل جو حل ضروري آهي
برلن انٽرنيٽ جي خدمت فراهم ڪندڙ دنيا جي سب کان وڏي ويب سائيٽ ڪمپني گوگل جي متعلق هڪ جرمن وزير چيو آهي ته اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن آمريڪي ڪمپني جا ٽڪڙا ڪرڻا پوندا. جرمني جي وزير معيشيت سگمرگيبريل جو چوڻ آهي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ڪمپني عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ وڏي پوزيشن ٺاهي سگهي ٿي جڏهن ته پوري دنيا ۾ ننڍيون ڪمپنين جو وجود خطري ۾ آهي. جرمني جي وزير گوگل جي پهرين کان تحقيقات ڪري رهيو آهي جنهن ۾ گوگل جو ڪاروبارو ذاتي ڊيڻا ۽ پرائيوئسي جي خلاف ورزين تي جائزو ورتو پيو وڃي. سگمرگيبرل جو چوڻ آهي گوگل جا ٽڪڙا ڪرڻ ان جي لاءِ ضروري آهي يورپ ۾ باقي ڪمپنين کي به معقو ملڻ ڪپي جيڪو گوگل جي آمريت ۾ ممڪن ڪون آهي.
