• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايم بي سنڌي جا نوان فانٽ نظر اچن ٿا پر اهي ويب سائيٽ تي موجود نه آهن

السلام عليڪم مون ڪي مين ۾ پنهنجا ڪيترائي فانٽ ٺاهيا آهن پر مان هاڻي وولٽ پروگرام ۾ جيڪا پروگرامنگ ٿئي ٿي اصل ۾ اهو نئون فانٽ ٺاهڻ چاهيان ٿو. باقي فانٽ هڪ ٻئي جي مٿان ڪاپي ڪرڻ تمام سولو ڪم آهي ان لا به ڪي سهڻا فانٽ هٿ ڪرڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي وڄن ٿا پر عربي سٺا فانٽ نه ٿا ملن.
ٻئي ڳالهه ته ڪورل ڊرا تيراهن يا چوڏنهن صحي نه ٿيون هلن انهن ۾ ايم بي سنڌي صحيح نموني ڪم به ٿو ڪري جيڪي طريقا توهان لکيا آهن اهي سڀ مان ڪري ڏٺا آهن ان کان پو آخر ۾ پنهنجا ڪي مين فانٽ هلايا پر انهن ۾ مزو نه ٿو اچي
نويد احمد قريشي
رائل ڪرائون پريس لکيدر شڪارپور
 
پاڻ ان معاملي ۾ زيرو آهيون ... اوهان کي گهرجي ته شبير ڪنڀار سان رابطو ڪريو يا وري ساريم مڱڻيجو سان
 
السلام عليڪم مون ڪي مين ۾ پنهنجا ڪيترائي فانٽ ٺاهيا آهن پر مان هاڻي وولٽ پروگرام ۾ جيڪا پروگرامنگ ٿئي ٿي اصل ۾ اهو نئون فانٽ ٺاهڻ چاهيان ٿو. باقي فانٽ هڪ ٻئي جي مٿان ڪاپي ڪرڻ تمام سولو ڪم آهي ان لا به ڪي سهڻا فانٽ هٿ ڪرڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي وڄن ٿا پر عربي سٺا فانٽ نه ٿا ملن.
ٻئي ڳالهه ته ڪورل ڊرا تيراهن يا چوڏنهن صحي نه ٿيون هلن انهن ۾ ايم بي سنڌي صحيح نموني ڪم به ٿو ڪري جيڪي طريقا توهان لکيا آهن اهي سڀ مان ڪري ڏٺا آهن ان کان پو آخر ۾ پنهنجا ڪي مين فانٽ هلايا پر انهن ۾ مزو نه ٿو اچي
نويد احمد قريشي
رائل ڪرائون پريس لکيدر شڪارپور
وعليڪم السلام ، ادا سنڌ سلامت تي ڀليڪار ، هن سيڪشن ۾ پنهنجو مختصر تعارف به ڪرائيندا
 
ادا منهنجو نالو نويد احمد قريشي آهي.
آ ڪمپيوٽر آپريٽر آهيان مان اندازاَ 100 کان مٿي 98 ونڊوز تي فانٽ ٺاهيا
ان کان ايڪس پي آئي ته ان تي به 150 کان مٿي فانٽ ٺاهيا آهن جيڪي ڪورل 9 ۾ هلندا آهن مونکي اڄ ڏينهن تائين يونيڪوڊ وارا فانٽ ڪم ڪونه ايا آهن ڇوته اهي ڪورل 9 ۾ نه ٿا هلن. اسان پرنٽنگ وارن جو مسئلو اهو هميشه رهندو. ان لا اسان کي اها شڪايت هميشه رهندي ته ڪورل 9 جي لا انٽرنيشنل طور تي سنڌي نه ٺاهي وئي آهي. بلڪه اسان پاڻ جڳاڙ ڪري سنڌي هلائي رهيا آهيون. اسان پنهنجن فونٽس تي پاڻ محنت ڪندا آهيون ۽ خوبصورت بڻائيندا آهيون ۽ ڳولا ڪندا رهندا آهيون. اڃان ڪو بهتر فانٽ ملي ته ٺاهيون. مهرباني ڪري منهنجي نئون بيس ٺاهڻ ۾ مدد ڪريو ته جيئن آ ڪورل 9 تي سنڌي آساني سان لگيچر فانٽ استعمال ڪري سگهؤن.
 
السلام عليڪم ادا مون کي جواب نه مليو ته آ ڇا ڪريا يا ويب سائيٽ ئي ٻڌايو ته آ ڪم شروع ڪريان ڪيئن نئون فانٽ جوڙيان شروع کان وٺي. مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو ان سلسلي ۾.
 
ادا ڪورل ڊرا ايڪس فور جيڪا مارڪيٽ منجھان سي ڊي ملي ٿي اُنَ مي واقعي ايم بي سنڌي سپورٽنگ فائيلس ناهن. اوهان ڪورل ڪارپوريشن سان رابطو ڪري اوريجنل ڊي وي ڊي گهرايو اُها ايم بي سنڌي سپورٽ ڪندي.
 
سڀ کان پهرين توهان مبارڪباد جا حقدار آهيو ته توهان ڪورل 9 لا فانٽ جوڙيا آهن.
توهان کي خبر به هوندي ته اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ڪيترو پوئتي ڌڪجي ويا آهيون ! :( .. پو به ڪجهه سنڌي نوجوان ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيا آهن انهن جو ڪم به ساراهه جوڳو آهي.

توهان ليگچر فانٽ جي ڳالهه ڪئي ته ان متعلق مون ابو واصف جن کي عرض ڪيو هو، ۽ محترم ثنا الله صارم مڱڻيجو کي به عرض ڪيو هئم ته ان کي استعمال جو طريقو ٻڌائين.. محترم ابو واصف ۽ مون ڪوشش ڪئي پر اهو وولٽ اسان جي سمجهه کان ڳرو نڪتو.. توهان محترم شبير ڪنڀار سان رابطو ڪريو، سائين جَن ايم.بي خورشيد نالي هڪ فانٽ ٺاهيو آهي جيڪو پڻ ليگچر بيس تي آهي.
 
Back
Top