رشيد سمون توڙي جو اسان پاڻ کي پنهنجي وڏڙن کان وڌيڪ تعليم يافته سمجهندا آهيون پر ڪڏهن ڪڏهن انهن وڏڙن جو هڪ ئي جملو اسان جي سموري سکيا اڳيان ٿي بيهي رهندو آهي... هن دفعي موڪل دوران جڏهن مانجهندو ڪندي امڙ کان مانيءَ جو ٽڪرو ڪري پيو ته پاڻ بسم الله چوندي کنيو ۽ اکين تي رکي چمندي کائي ورتو... منهنجي ننڍڙي ذيشان جڏهن امڙ کان مانيءَ جو زمين تي ڪريل ٽڪرو کائيندي ڏٺو ته رڙ ڪيائين ... ”امان جراثيم ... امان جراثيم.. ٿيندا آهن زمين تي.. ان ڪري زمين تي ڪريل ماني نه کائبي آ..“ امڙ وراڻيو... ”ڪا ڳالهه ناهي پٽ.. ! هاڻي ته مون کائي ڇڏيو... ڪجهه نه ٿيندو...“ ۽ پوءِ مون محسوس ڪيو ته امڙ کي جراثيمن کان وڌيڪ خدا جو ڊپ هو... هوءَ چوندي آهي ته رزق جي بي ادبي نه ڪجي.. ان کي ضايع نه ڪجي... ڇا امڙ جي ان سوچ ۽ چيل جملي جو اسان جي وڌيڪ تعليم يافته ذهن وٽ ڪو جواب آهي...؟؟