خلافت تحريڪ جي نشو و نما مسلمانن جو هندستان جي آزاديءَ ۾ حصو لطف الله بدوي ويهين صديءَ جي ابتدا ۾، هندستان جي مسلمانن، سر سيد مرحوم جي سياسي رنگ ۾، برطانوي حڪومت سان پوريءَ وفاداريءَ وارو تعاون ڪيو. سن 1913 ۾، مسلم ليگ پنهنجي لکنئو واري ٺهراءُ ۾ حڪومت کان فقط ‘مڪاني حڪومت’ جي تقاضا ڪئي. ان سان نئشنل ڪانگريس جهڙي اداري به ساڳي ئي طلب دهرائي. سن 1914 جي وچ ڌاري، پهرين مهاڀاري لڙائي يورپ ۾ ڇڙي پيئي، ترڪي حڪومت، ڪن سياسي مجبورين جي باعث، جرمنيءَ سان وڃي ملي. ترڪيءَ جي سلطان، جو ان وقت اسلامي دنيا جو خليفو پئي تسليم ٿيو، جهاد جي فتوا جاري ڪئي، جنهن تي ترڪيءَ جي شيخ الاسلام جي مهر موجود هئي. جهاد جي انهيءَ فتوا جي ڪري اسلامي ملڪن ۾ وڏو هيجان پيدا ٿيو ۽ ترڪن جي خلاف جنگ کي اسلام جي خلاف جنگ قرار ڏنو ويو. مولانا محمد عليءَ، ان وقت جي حالتن کي مخدوش سمجهي، پنهنجيءَ مشهور اخبار ‘ڪامريڊ’ ۾، ‘لنڊن ٽائمز’ جي مضمون ‘ترڪن جي پسند’ (Choice of Turks) جي جواب ۾، هڪ مقالو لکيو، جنهن کي انگريزي حڪومت پنهنجي مفاد جي خلاف سمجهي، ڪامريڊ پريس جي ضمانت ضبط ڪري ڇڏي، جنهنڪري مجبوراَ اخبار بند ٿي ويئي. ملڪ ۾ وڏو هنگامو مچي ويو. ان قوت هندستان ۾ ترڪي حڪومت جي تائيد ۾ ٻه مجلسون وجود ۾ آيون، جن جو مقصد هڪ ۽ ساڳيو هو: (1) ديوبند جي عالمن جي مجلس، ۽ (2) هندستاني عالمن جي مجلس. پوئينءَ مجلس جا ان وقت وڏا رهنما مولانا ظفر علي، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، مولانا عبدالباري، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي جوهر هئا. ديوبند جي مجلس جو رهنما، شيخ الاسلام، مولانا محمود الحسن ديوبندي (1920-1985) هو، جنهن جي شاگردن مان عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ سياست ۾ وڏو عملي حصو ورتو. هي ٻئي جماعتون گڏ ڪم ڪري رهيون هيون، پر بعد ۾ وري جدا ٿي ويون. پوئين جماعت، يعني هندستان جي عالمن جي جماعت، ‘خلافت تحريڪ’ جي نالي سان مشهور هئي. پهرئينءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي ابتدا ۾ مولانا محمود الحسن صاحب حج لاءِ ويو ٿي. ان موقعي تي هن پنهنجي شاگرد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي هندستان ۾ معاملن لاءِ پنهنجو جانشين بڻايو. مولانا محمودالحسن صاحب مڪي ۾ پهچي، اتان جي گورنر غالب پاشا سان مليو ۽ کيس پنهنجي سفر جو صحيح مقصد ٻڌايو، انگريزي حڪومت جي مخالفت ۽ ترڪي حڪومت موافقت، غالب پاشا، مولانا جي نيڪ ارادن کان واقف ٿي، کيس هڪ تعارفي خط مديني جي گورنر لاءِ لکي ڏنو هو. کيس شام جي گورنر جمال پاشا ۽ ترڪيءَ جي سپهه سالار انور پاشا سان سندس ملاقات جو بندوبست ڪري ڏنو، جي اتفاق سان روضه نبي صلي الله علي وآله وسلم جي زيارت ڪرڻ لاءِ مديني ۾ آيا هئا. مديني شريف ۾ ترڪي حڪومت جي انهن نمائندن سان مولانا جي ملاقات ٿي. هنن مٿس اعتماد آندو ته انگريزي حڪومت کي شهه ڏيڻ لاءِ، مغربي سرحد تي، پٺاڻن جي جنگجو قبيلن کي انگريزن خلاف آماده ڪيو وڃي. مولانا، ساڻن متفق ٿيڻ کانپوءِ، هن مشڪل ڪم کي پنهنجي سر ورتو، ۽ هنن مولانا کي سموريءَ حقيقت کان آگاهه ڪيو. مولانا عبيدالله پنهنجي پير ۽ مرشد جي هدايتن موجب، هن ڪٺن سفر تي نڪري پيو. هو انگريزي حڪومت جي ڪارندن کان لڪي ڪوهستاني علائقن کان گذرندي، 15 آگسٽ 1915 ۾ افغانستان جي زمين تي وڃي پهتو، ۽ آڪٽوبر ۾ ڪابل پهتو. هيءُ عجيب اتفاق هو ساڳئي مهيني ۾ ‘انڊين نئشنل ڪاميٽيءَ’ جو هڪ نمائندو برلن کان ڪابل ۾ پهتو. مهاڀاري لڙائيءَ جي ابتدا ۾ ڪيترائي هندستاني جرمنيءَ ۾ ئي رهيا. هنن، جرمن حڪومت جي اشاري تي، هندستان جي آزاديءَ لاءِ اتي ان جي تحريڪ شروع ڪري ڏني، ۽ باقاعدي جماعت ٺاهي، جنهن کي ‘انڊين نئشنل ڪاميٽيءَ’ جو نالو ڏنو. هن تحريڪ جو وڏو نمائندو هرديال هو. افغانستان ۾ هن جماعت جي طرفان جيڪو وفد موڪليو ويو ان جا فقط ٻه ميمبر هئا – هڪ راجا مهيندرا پرتاب، ۽ ٻيو مولوي برڪت الله. افغان حڪومت مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي همٿايو ته هو ‘انڊين نئشنل ڪاميٽيءَ’ جي ميمبرن سان ملي ڪو متفق پروگرام ڏئي. پر افسوس جو ملاقات ۾ راجا مهيندرا پرتاب، هندستان ۾ مسلمانن جي نمائندگيءَ ۾، اقليت ۽ اڪثريت جي سوال کي اٿاري، ملاقات کي بي اثر بڻائي ڇڏيو. امير حبيب الله خان هندستان جي رهڻ وارن جي هيءَ بي اتفاقي ڏسي، دل برداشته ٿي پيو، ۽ هن انگريزي حڪومت سان ڦٽائڻ نه ٿي گهريو - ۽ اهڙي ريت مولانا عبيدالله جي سڄي مشقت ۽ محنت اجائي ويئي. مهاڀاري لڙائي وڏي زور شور سان هلي رهي هئي. ترڪي حڪومت چاهيو ٿي ته مولانا محمودالحسن کي هندستان جي مغربي سرحد تي موڪلي ڏئي، پر مولانا عبيدالله جي ناڪاميءَ کيس وڏي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ افغانستان جي گورنمنٽ، برلن جي ‘انڊين نئشنل ڪاميٽيءَ’ جي دل وٺڻ لاءِ، ڪابل ۾ هندستان جي عارضي حڪومت ٺاهڻ جي اجازت ڏني، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي به شامل ٿيو، پر ان مان ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. يورپ ۾ هاڻي جنگ جون حالتون نهايت خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪيون هيون. ترڪيءَ جا بهادر سپاهي هر محاذ تي وڏي بي جگريءَ سان وڙهي رهيا هئا. سن 1916 ۾، مڪي جي گورنر، شريف حسين، ترڪي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ اها خلافت جا ترڪيءَ جو حق ٿي سمجهي ويئي، تنهن جو پاڻ دعويدار ٿي ويٺو. هن مڪي شريف جي عالمن کان پنهنجيءَ دعوا لاءِ فتوا طلب ڪئي. شريف حسين، مولانا محمودالحسن تي به زور آندو ته هو به ان تي صحيح ڏئي، پر مولانا نه فقط صحيح ڏيڻ کان انڪار ڪيو، بلڪ شريف حسين کي باغي سڏيو. ان وقت هندستان ۾ خود وڏي داروگير پيدا ٿي چڪي هئي. مولانا محمد علي ۽ مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ کي نظربند ڪيو ويو. شريف حسين، جو انگريزي حڪومت جو ساٿي هو، مولانا محمودالحسن تي بيحد بگڙيو. انگريزي حڪومت جي به تقاضا هئي ته مولانا کي سندس سپرد ڪيو وڃي. شريف حسين، پنهنجي دشمنيءَ جي بنياد تي، مولانا ۽ سندس شاگرد مولانا حسين احمد مدنيءَ کي گرفتار ڪري، انگريز حڪومت جي حوالي ڪيو. کين پهريائين قاهره جي جيل ۾ رکيو ويو، جتان کين مالٽا موڪليو ويو، جتان چئن سالن جي نظربنديءَ کان پوءِ، سن 1920 ۾، آزاد ٿي، هندستان پهتا. انگريزي گورنمنٽ هن ڳالهه تي بيحد زور ڏنو ته هندستاني مسلمان شريف حسين کي پنهنجو خليفو تسليم ڪن، پر هندستاني مسلمانن ان جي بيحد مخالفت ڪئي، ۽ باقاعده هڪ سياسي جماعت جو بنياد رکيو، جنهن کي ‘خلافت ڪاميٽي’ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ به خلافت تحريڪ ۾ شرڪت ڪئي، ان جو وڏو روح روان سر حاجي عبدالله هارون هو. انگريزي گورنمنٽ هندستان ۾ مولوي عبدالحق حقاني ۽ سنڌ ۾ مولوي فيض الڪريم جون خدمتون حاصل ڪيون ته هو شريف حسين جي فائدي ۾ پنهنجي پروپئگنڊا جاري ڪري ڏين. مولوي فيض الڪريم ۽ مولوي عبدالحق حقانيءَ ان سلسلي ۾ پنهنجا رسالا به تصنيف ڪيا. مولوي فيض الڪريم جي تصنيف جو نالو ‘تحقيق الخلافت’ هو، جنهن جي رد ۾، سنڌي عالمن گڏجي هڪ تصنيف پيش ڪئي، جنهن جو نالو هو ‘اظهار الڪرامت’. ان جي تمهيد ۾ لکيو ويو ته: “مسئله خلافت، شريف مڪي جي هڪ چالبازي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته سلطنت عثمانيه کي ٽڪر ٽڪرا ڪيو وڃي. اها تجويز سڄي منصوبي بازيءَ تي رکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شريف خليفو ٿيو، ته پوءِ حجاز جو حصو لازمي ريت ترڪي سلطنت کان ڌار ٿي ويندو، ۽ اها ترڪي سلطنت جي تقسيم هوندي”. اگرچ ‘اظهار الڪرامت’ جو رسالو سڄو ترڪيءَ جي خلافت جي حمايت ۾ لکيل آهي، پر هن مان اسان کي صاف خبر پوي ٿي ته ان وقت جي مسلمانن ۾ انگريزي حڪومت لاءِ ڪيڏي نه نفرت موجود هئي. جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته ”خلافت تحريڪ“ مسلمانن ۾ سياسي بيداري آندي، ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. سن 1918 ۾ مهاڀاري لڙائي ختم ٿي وئي. ترڪيءَ جي گهڻن حصن تي انگريز ۽ سندس ساٿي حڪومتن جو قبضو ٿي ويو، جن کي ”اتحادي“ ٿي چيو ويو. هي ترڪن جي لاءِ بيحد مخدوش هو. اتحادين ترڪي کي دنيا جي صفحي تان مٽائڻ ٿي گهريو – جيئن اسرائيل عربن جي مقابلي ۾ ڪري رهيو آهي، ۽ منصوبي ۾ آمريڪا ۽ انگريزن ان جي همت افزائي ڪري رهيا آهن. ان وقت انگلينڊ جي وزير اعظم لائڊ مسلمانن کي تسلي ڏني ته عرب، عراق، شام ۽ فلسطين ترڪن کي موٽايا ويندا، ۽ اهي هڪ خليفي جا ماتحت هوندا، پر خليفو ڪير هوندو، تنهن جي ڪا به خبر موجود ڪا نه هئي. مغربي سياست جي هن فريب ۾ هاڻي مسلمانن چڱيءَ ريت سمجهيو ٿي. هن جنگ ۾ افسوس جو ٻه سال گذري ويا. پر مسلمان پنهنجي مقصد ۾ بلڪل بيباڪ بڻجي چڪا هئا، ۽ ان جي الڳ حڪومت جي هيبت سندن دلين مان نڪري چڪي هئي. هنن ڪنهن به قيمت تي ترڪيءَ جي خلافت کي قائم رکڻ ٿي گهريو. جنوري سن 1920 ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي هڪ وفد ڊاڪٽر انصاريءَ جي قيادت هيٺ، ان وقت جي وائسراءِ چيمسفورڊ سان ملاقات ڪئي، ۽ مٿس زور آندو ته خلافت کي وري زنده ڪيو وڃي، جو هر مسلمان جو مطالبو آهي، پر وائسراءِ کان ڪو به خاطر خواهه جواب ملي نه سگهيو. مارچ سن 1920 ۾، ‘خلافت ڪاميٽيءَ’ هڪ وفد ساڳئي مطالبي لاءِ، مولانا محمد عليءَ جي قيادت هيٺ لنڊن روانو ڪيو. مولانا محمد علي تازو فرنگ جي جيل مان آزاد ٿي آيو هو. هن وفد لنڊن ۾ وزير اعظم سان ملاقات ڪئي، ۽ پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽري لارڊ مانٽيگو سان به. پر برطانوي حڪومت جي عملدارن هنن کي صاف جواب ڏيئي ڇڏيو ته “ترڪن کي فقط اهو علائقو ملندو، جن ۾ سندن آبادي آهي”. هن وفد پنهنجي ناڪاميءَ جي خبر خلافت ڪاميٽيءَ جي ارڪانن کي هندستان موڪلي ڏني. هندستاني مسلمانن ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙندي ويئي، ۽ هنن 19 مارچ 1920 تي ‘قومي ماتم جو ڏينهن’ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. هن موقعي تي خلافت ڪاميٽي انگريزي حڪومت سان قطع تعلقات ڪرڻ جي تحريڪ هلائي. عالمن هندستان کي ‘دارالحراب’ ٺھرايو، ۽ هتان هجرت ڪري وڃڻ جو اعلان ڪيو. اهو داستان طويل به آهي ۽ المناڪ به. مسلمانن جي هن عملي جدوجهد کان ٿورو وقت اڳ، سن 1919 ۾، مهاتما گانڌي ڏکڻ آفريڪا کان هندستان پهتو هو، ۽ ‘انڊين نئشنل ڪانگريس’ ۾ نئون نئون قدم رکيو هئائين - ۽ اها سياسي جماعت جا فقط مبالغانه ڳالهين تائين محدود هئي، تنهن ۾ ڄڻ عملي جان پوندي ٿي نظر آئي. هو مسلمانن جي عملي ڪارواين ۽ بيباڪ پالسيءَ کان بيحد متاثر ٿيو. هن خلافت جي معاملي ۾ مسلمانن سان شريڪ هجڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ ان ۾ سندس وڏو سياسي مقصد هو ته اهي مسلمان جيڪي ڪانگريس کان ٽهندا وتن ٿا، ڪانگريس ۾ داخل ٿي وڃن، تان جو ان جو آواز هندستان جي ٻن قومن جو متفقه آواز بنجي وڃي. مهاتما گانڌيءَ جي هيءَ وقتي تجويز ڪامياب ٿي ويئي، ۽ مولانا محمد علي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ جهڙا مجاهد ڪانگريس جي اندر داخل ٿي ويا، ۽ انهن جي رهبريءَ هيٺ ‘ڪانگريس’ هڪ عملي ادارو بنجي ويو. سن 1921 ۾، ترڪيءَ جي حڪومت جو هڪ حصو، ٿريس، اتحادين يونانين کي بخشي ڇڏيو، ۽ ان سان گڏ سندن پٺي ٺپري ڇڏيائون ته ترڪي گورنمنٽ جي باقي رهيل حصن تي به قبضو ڪري، ان کي مفلوج بڻائي ڇڏي. يونانين اناطوليا تي حملو ڪري ڏنو. يونانين هٿان ترڪيءَ جو خاتمو ٿيڻ تي هو، پر ڪمال پاشا مخفي طرح پهچي ويو. سندس جهنڊي هيٺان ترڪ گڏ ٿيا، ۽ سندن فوجي قيادت جي ڪري يونانين کي سخت شڪست نصيب ٿي. اتاترڪ انگورا ۾ عارضي حڪومت قائم ڪئي. سن 1922 ۾ ترڪيءَ جي ‘گرانڊ نئشنل اسميبليءَ’ ترڪي خلافت کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ۽ هندستاني مسلمانن کي خلافت جي مسئلي بابت مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. هڪ سال پوءِ، نجد جي سعودي حڪومت حجاز تي قبضو ڪري ورتو. شريف حسين کي پنهنجي غداريءَ جي قيمت ملي ويئي. جيتوڻيڪ انگريزن جو جنگي جهاز جدي جي ڀرسان شريف جي مدد لاءِ پهچي ويو هو، مگر خلافت ڪاميٽيءَ جي خوف کان اهو ڪا به عملي ڪاروائي نه ڪري سگهيو. انهن ٻن واقعن جي سبب، هندستان جي خلاف ڪاميٽيءَ ۾ ڪمزوري اچي ويئي. علامه اقبال ان موقعي تي مسلمانن جي اشڪ شوئي هيئن ڪئي: اگر ملڪ هاتهون سي جاتا هي، جائي، تو احڪامِ حق سي نه ڪر بيوفائي. نهين تجهه کو تواريخ سي آگھي ڪيا، خلافت ڪي ڪرني لگا تو گدائي. خريدين نه هم جس ڪو اپني لهو سي، مسلمان ڪو هي ننگ وه پادشائي، مرا از شڪستن چنان عار بايد، ڪه از ديگران خواستن موميائي. بهرحال، خلافت ڪاميٽيءَ جي پهرين جدوجهد جو سن 1922-23 ۾ خاتمو ٿي چڪو. ان کان پوءِ جي جوجهد جو هندستان جي آزاديءَ جي تواريخ سان واسطو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خلافت ڪاميٽيءَ مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو، ۽ اهي پنهنجي آزاديءَ لا سوچڻ سکيا. ان جي اراڪين جو وڏو حصو، پوءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڪشمڪش ۾، مسلم ليگ جو همنوا بڻيو، جنهن ڪشمڪش، اڳتي هلي. ‘پاڪستان’ جي صورت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ماخذ: نئين زندگي، آگسٽ 1967. (پروفيسر انعام ڪٻر جي ڪتاب ”پاڪستان جو تاريخي پسمنظر“ مان ورتل)