جي ايم سيد، جيئن ڏٺو هو مون! اعجاز منگي مائوزي تنگ جون اڪثر لکڻيون منهنجي نظر مان گذريون آهن، مون هن جي اهاشاعري به پڙهي آهي، جيڪا هن انقلاب جي وسيع تر مفادن ۾ ڪئي هئي. پر هن جي ان جملي جو جوڙ مون کي اڄ ڏينهن تائين ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، جيڪو جملو هن هڪ آمريڪي صحافي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو. مون کي يقين آهي ته ان شام مائو پڪ سان پيتل هوندو، جنهن نماشام جو هن کان آمريڪي صحافي پڇيو هو ته دنيا لاءِ ڳوڙهي ڳجھارت بڻيل مائوزي تنگ ڪيرآهي؟ ۽ ان صحافي پنهنجن ياد گيرين ۾ لکيو آهي ته انهي سوال تي سوچيندي مائوءَ جي مک تي پراسرار مرڪ اڀري آئي ۽ هن بند اکين سان، ڪنهن منظر کي ڏسندي چيو ته مائو چين جي تنها ڳوٺ جي ويران پيچري تي هلندڙ هڪ اهڙو فقير آهي، جنهن جي مٿان تيز طوفاني مينهن وسي رهيو آهي ۽ هن جي ڇٽي ڦاٽل آهي ۽ هاڻي مون کي جڏهن به مائو جي سارايندي آهي ته منهنجي تصور ۾ وسيع پس منظر وارو سبز کيتن جي وچ ۾، ڊگھن وڻن سانڍڪيل اهو پيچرو نظر ايندو آهي، جنهن جي مٿان ڪنهن مسافر جو ڪوئي پاڇو ڪونهي. پوءِمنهنجي دل چاهيندي آهي ته تصور جي اهڙي تصوير جي هيٺيان غالب جو اهو شعر لکي ڇڏيان ته: هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد ۽ مجنون جو مرگيا تو جنگل اداسهي! هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو فڪر ۽ پنهنجي نظر آهي. منهنجي اندر جي اکين ۾ به جي ايم سيد جي اهڙي تصوير اڀرندي آهي. کيرٿر پهاڙن مان گذرندڙ اها راهه جيڪا بنهه اڪيلي آهي، جنهن جي چوڌاري سنڌوديش نالي خواب جو ڳوٺ ننڊ جي ڳهر ۾ آهي، ۽ مٿان تيز بارش وسي رهي آهي. جهنگ جي وسيع ٻانهن ۾ سمائجي ويل ڳوٺ، جنهن جي تصوير، غالب جي اهاتحرير بڻيل آهي ته: هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد ۽ مجنون جومرگيا تو جنگل اداس هي! ۽ اهو انسان مجنون ئي ته هو جنهن سنڌ کي ليليى سمجھيو. هن کي پنهنجا سمورا ساٿي سنگتي ديوانو سڏيندا هئا. پر هن جي پيار ڀري ڪردارجو احترام ڪرڻ انهن لاءِ لازمي هو، هن وٽ محبت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ڪري آخري ڏينهن ۾ هو اياز جي ان نظم تي سڏڪا ڀري رنو هو ته: هو مون کان ڇا لاءِڊڄن ٿا مون وٽ پيار سواءِ ٻيو ڇاهي؟ ڪالهه هو پاڻ ٻين شخصيتن جي حوالي سان اها شڪايت ڪندو هو ۽ اڄ خود هن لاءِ اها شڪايت ڪرڻي ٿي پوي ته هن جبل جهڙي انسان جي مٿان تر جيتري تحقيق به نه ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن جي وفات کانپوءِ جلال محمودشاهه هن جي شخصيت کي ميڙي سهيڙي اجاڳر ڪرڻ جو ذمو کنيو هو پر هن کي اٿندي ئي پاورپاليٽڪس جي ٽافين جي اهڙي عادت پئي جو هن کان اهو بنيادي ۽ بيحد ضروري ڪم وسري ويو! اسان جا دانشور ڪرسي _ ڪريز ۾ مبتلا آهن. انهن کي ڪو پتو ڪونهي ته جي ايم سيد جيذات جي ڪهڙن پهلوئن ۾ پتوڙ ڪري سگھجي ٿي، باقي هڪ پروگرام جو پوسٽر نه لکي سگھندڙ ڪارڪنن تي ڪهڙو معيار! هاڻي پاڻ حڪومت کان نه اهو مطالبو ڪرڻ کان رهياسين ته سرڪار جي ايم سيد جي شخصيت جي اوک ڊوک ۽ اوچائي لاءِ ڪو ادارو قائم ڪري. اهڙي ريت کيرٿر جهڙي شخصيت اڻڄاڻائي جي جھڙ جي اوٽ ۾ آيل آهي. جڏهن سنڌ ۾ واعدن وارو سج اڀريو ته ڪيترن ئي چِٽي ٿيل منظرن مان جي ايم سيد جي اداس جهنگ جو به هوندو. اهو جي ايم سيد جنهن منصور ۽ ميڪاولي جي وچ ۾ ميلاپ ڪرائڻ جي بي نيازي ڪوشش ڪئي. نه ته تصور ۽ سياست جي وچ ۾ ڪهڙي هڪ جھڙائي؟ پر هن جو فقيراڻو خيال نهايت جدلياتي بنيادرکندڙ هو. جي ايم سيد پنهنجي نياري نظريي جا بنياد بيحد مضبوط ۽ حقيقي رکيا پر هن سان الميو اهو ٿيو ته هن کي اهڙي ٽيم نه ملي سگھي، جهڙو هو پاڻ هو. ايئن ناهي ته جي ايم سيد اڪيلو رهجي ويو ۽ هن کي ماڻهو نه ملي سگھيا، شيخ اياز کان وٺي جمن دربدر تائين سنڌ جا سمورا شاعر، حفيظ قريشي کان وٺي مير عالم مري تائين سمورامقرر، آريسر کان وٺي آصف بالادي تائين سنڌ جا سمورا دانشور ۽ وڏن ڦڏائِيُن کان وٺي ننڊن ڦڏائين تائين سنڌ جا سمورا ڏنگا ڪردار هن سان ساڻ رهيا. اڄ به سنڌ جي هر ستين گھر ۾ جي ايم سيد جي تصوير موجود آهي. هو سن تائين محدود هجڻ باوجود پوري سنڌ سان تعلق ۾ آيو. سنڌ جي قومپرستي جي سڃاڻ بڻيل، اهو انسان گمنامي ۾ نه گذاري ويو، پر هنکي پاڻ جهڙو هڪ به ماڻهو ملي نه سگھيو ۽ نه هو پنهنجي فڪري ۽ سياسي پورهئي سان ڪوهڪ به جي ايم سيد جوڙي سگھيو. اهو هاڃو صرف جي ايم سيد سان لاڳاپيل ناهي پر عالمي اتهاس جي اڪثر قدآور شخصيتن پنهنجي پويان پنهنجو تسلسل جاري رکڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو آهي. اڄ چين ۾ ڪو مائو ڪونهي، ائين جيئن روس ۾ ڪو لينن ڪونهي، بوليويا ۾ ڪو چيگويرا ۽ انڊيا ۾ ڪو گانڌي ڪونهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪو جي ايم سيد ناهي. ڪو اهڙو انسان جنهن جي سنڌ سان محبت هر شڪ، هر لالچ ۽ هر خوف کان بلند هجي. ان ڪري سنڌ جو مشن به ٻين عالمي انقلابن وانگر اڪيلو ٿي، بي اثر بڻجي، ميسارجي رهيو آهي. اصل ۾فقط پاڪستان ڊاهڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ جو نعرو هڻڻ سان ڪوئي قومپرست جي ايم سيد نه ٿوبڻجي. جي ايم سيد ٿيڻ لاءِ وجود جي گرجا گھر ۾ جبر ۽ خوف جي سموري رات دوران جلڻ ضروري آهي. جي ايم سيد جو جيون، جل جل شعل، جل جل، جيان هيو. جي ايم سيد جي سنڌوديشي تصور کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ خود جي ايم سيد کي سمجھيو وڃي هن وٽ عالمي ادب، فڪر ۽ اتهاس لاءِ وڏو احترام هو. هو بائيبل کان وٺي برٽرانڊ رسل جي ڪتابن تائين اولهه جي سموري قلمي پورهئي کي قدرجي نگاهه سان ڏسندوهو پر هن جو روح فقيري رمزن سان ريجھيل هو هن کي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين صوفي فقيرن اهڙي ڏيا ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان هن کي لڳو ته هڪ حسناڪ جھان جوڙي سگھجي ٿو. پر ان جهان جي جوڙجڪ جي ايم سيد نالي اڪيلو انسان ڪيئن ڪري ٿي سگھيو. ان ڪري هن پاڻ جهڙن ماڻهن جي تلاش شروع ڪئي پران تلاش دوران کيس هميشه مايوسي ملي. سنڌ جي خاموش ڪنڊ سن ۾ويهي، هن سنڌ لاءِ جيڪا گھري اونهي ميڊيٽشين ڪئي، ان ۾ هن کي محسوس ٿيو ته سنڌ جي فقيرنجي گودڙي ۾ امن ۽ محبت جا جي املهه موتي موجود آهن، جيڪي جهان جي جوهرين جي آڏواعتماد سان رکي سگھجن ٿا. پر افسوس ته هن جي ڪتابن جا اردو ترجما به هن جي وفات کانپوءِ ٿيا. جيڪڏهن هن جي فڪر جو فهم اولهه واسين تائين پهچي وڃي ها ته جي ايم سيد ايترو نظر انداز نه ٿئي ها! هن پنهنجي اظهار لاءِ سنڌ جي مٽي جي مهڪ کي ڪتب آندو، سنڌ هن جي آواز ذريعي پنهنجا سور اورڻ لڳي. سنڌ ۾ پاڻ جهڙا سنڌوديشي مسافر ڪٺا ڪرڻ ئي هن جي جيون جو مشن هو. اهو ئي سبب هو ته جڏهن هن کان سنڌوديش جي قيام جو سن پڇيو ويندو هو ته هو اڪثر شاه جي اها سٽ جھونگاريندو هو ته: جي قيام مڙن، ته به اوڏا ڀائنج سپرين! جي ايم سيد ڪيترائي ڀيرا ان حقيقت جو اظهار ڪيو ته اسانجو مقصد صرف ۽ صرف سياسي معنيٰ ۾ سنڌو ديش جي حاصلات ناهي پر ان راهه تي هلندي پنهنجي ذات کي اجاگر ڪرڻ ئي اسان جو مقصد هجڻ گھرجي. هونءَ ته ڪاميابي ۽ ناڪامي جو فلسفو نهايت پيچده آهي. ڇو ته ڪڏهن عارضي ڪاميابي مستقبل ناڪامي جو ڪارڻ بنجي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن عارضي ناڪامي ابدي سوڀ جو سبب ٿي اڀرندي آهي پر جي ايم سيد جي جيون کي سامهون رکي نهايت محبت سان تجزيو ڪبو ته اهو معلوم ٿي سگھندو ته هنجون سموريون قلمي ۽ زباني ڪهچريون هن جي قافلي کي تصوف جي رنگ ۾ نه رنگجي سگھيون. جي ايم سيد بنيادي طور تي سنڌ جي صوفي سلسلي جو سڄاڻ ۽ صوبر تسلسل هو. هن سنڌوديش جي نالي سان ان تسلسل کي برقرار رکندي، کيس بين الاقوامي افق تي اڀارڻ ٿي چاهيو. هن کي معلوم هو ته انساني ذات جي اصل عظمت تصوف ۾ آهي. تصوف انسان کي خسيس پڻي جي سطح تان مٿي کڻي کيس اشرف ۽ اعليٰ بڻائي ٿو. ان ڪري هن مسلسل سنڌ جي صوفي فقيرن جي سڃاڻ تي زور ڏنو. پيغامِ لطيف هن جي سياست جو بنيادي منشور هو. پر هن جو سمورو علمي پورهيو ٻين جي لاءِ نه پر خود هن جي پنهنجي ساٿ لاءِ هو. جي ايم سيد جي سڀ کان وڏي خواهش اها هئي ته هن جي ساٿ ۾ اهڙا ماڻهو هجن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي لطيف جا بيت ياد اچڻ لڳن. هن کي انهي حقيقت جي پروڙ هئي ته جيسيتائين قومپرست ڪارڪن سنڌوديش جي سفيرن جيان سياست جي اسٽيج تي نه ايندا تيسيتائين سوڀ جي صورت نروار نه ٿيندي. انهي مقصدجي حاصلات لاءِ هميشه هن کي دک ڏيندي رهي. جي ايم سيد جي جيون ۽ سياست جو پيچروکيرٿر پهاڙن جي خوبصورت پس منظر ۾ هڪ صوفي وادي طرف ويندڙ هو، هو انهي پيچري جواڪيلو مسافر هو. جڏهن هن جي ساهن جو سفر پورو ٿيو ته انهي پس منظر مان هن جي وجودجو اهو منظر مٽجي ويو، جنهن کي مائو انهن لفظن ۾ پيش ڪيو هو. منهنجي نظر ۾ جي ايم سيد سنڌ جو اهو درويش صفت صوفي انسان هو، جيڪو سياست جي سڀ کان ڏکئي پيچري تي سچائي جي تلاش ۾ نڪتل هو. هن جي مٿان ملامتن جو تيز مينهن وسندو رهيو ۽ هن جي ڇٽي به ڦاٽل هئي جنهن سبب هو ننهن کان چوٽي تائين ڀڳل هو، پر هن جي پهراڻ جي آلاڻ کي نپوڙيفرشتا وضو ٿي ڪري سگھيا. ان جي ايم سيد جي پڄاڻان هن جي تصورن جو ڀنڀور اجڙيلآهي. اڄ سنڌ جو سياسي جھنگ هن مجنونءَ پڄاڻان ڪيترو اداس آهي؟ ان سوال جوجواب عبدالواحد آريسر کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگھي!!؟. تعميرِ سنڌ، خميس 25 اپريل 2002ع