هو ڪنهن به بهاني فوج مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي مهينا غور ڪيو .. آخر هُن کي حل ملي ئي ويو... هو ڊاڪٽر ويو ۽ چوڻ لڳو ... “ڊاڪٽر صاحب...! منهنجي نظر گهٽ ٿي وئي آ.. ۽ هاڻي ته مون کي ڪجهه نظر ئي نه ٿو اچي...” ڊاڪٽر کيس چيو..“هن ڪرسي تي ويهه ۽ پوءِ تفصيل سان مان تنهنجي ڳالهه ٻڌان ٿو...” هن وراڻيو... “ڪهڙي ڪرسي” ڊاڪٽر کيس ٻانهن مان پڪڙيو.. ۽ هڪ ڪرسي تي ويهاريو.. ۽ کائنس پڇيو.. “ڇا توکي ڪرسي نظر نه پئي اچي...” “بلڪل نه...” هن جواب ڏنو... ڊاڪٽر ڀِت تي ٽنگيل هڪ چارٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو... “چڱو هاڻي پنجين سٽ پڙهه..” “ڪٿان پڙهان...” هن وراڻيو.. ڊاڪٽر چيو... “چارٽ ڏانهن ڏس...” هن چيو... “ڪهڙو چارٽ..؟” ڊاڪٽر چيو..“اهوئي چارٽ جيڪو سامهون ڀِت تي ٽنگيل آهي...” هن وراڻيو... “پر ڀِت ڪاٿي آهي..؟” هاڻي ڊاڪٽر کي پڪ ٿي ته واقعي هُن جي نظر ختم ٿي وئي آهي... ۽ پوءِ هُن کي فوج مان هميشه هميشه لاءِ موڪل ڏئي ڇڏي... جيئن ئي هُو ٻاهر نڪتو.. ته هُن زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيو.. هُو ڏاڍو خوش هو... هُو ويجهو موجود سينما هائوس ۾ فلم ڏسڻ هليو ويو... جڏهن فلم ختم ٿي ته هو حيران رهجي ويو... اهو ڊاڪٽر جنهن کيس نظر گهٽ هجڻ ڪري ڊسچارج ڪيو هو... هُن سان گڏ واري سيٽ تي ويٺو هو.. ڊاڪٽر کيس ڏسي سڃاڻي به ورتو هو... پر هن ڊاڪٽر جي اڳيان ڪنهن قسم جي گهٻراهٽ جو اظهار ڪرڻ بجاءِ پڇيو... “ٻڌاءِ صاحب...! هيءِ بس ڪيڏانهن ويندي...؟”
هاهاهاهاهاهاها....... مصيبت ۾ گهٻرائن ان کان وڌيڪ مصيبت هوندي آهي. هن همراه ڇا ته حاضر دماغي جو مظاهرو ڪيو آهي..