ديوان مفتون خاندان جو احوال مولانا جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا رهاڪو هئا، جتي سندن اباڻو ڳوٺ ڇَٽ جي نالي اڃا تائين آباد آهي. هي ابڙن جي لِڇ مان هئڻ ڪري پيچوها سڏائيندا هئا، سندن گذران اُٺي جي آباديءَ تي هوندو هو.... اتفاق سان، جڏهن ناڙيءَ جي پٽ ۾ ڪا برسات نه پوندي هئي ته هنن کي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، اتر سنڌ ۾ بيگاري واهه هي ڀروارن ڳوٺن ۾ اچي پوکي راهي ڪرڻي پوندي هئي. انهيءَ وچ وڃ جي ڪري هتان جي رهاڪن سان سندن واهپو وڌندو ويو. مولانا جو ڏاڏو محمد مبارڪ مالوند ماڻهو هو. هڪ دفعي جهنگ ۾ مال چاريندي کيس ڪو اهلِ علم مسافر مليو. جنهن هن کان پاڻي اچي گهريو. هن ڀاڳئي پاڻيءَ بدران مسافر جي کير سان خاطر تواضع ڪئي. حال احوال وٺندي، جڏهن مسافر کي معلوم ٿيو ته سندس ميزبان جي خاندان ۾ ڪو به پڙهيل ڪونه آهي، تڏهن کيس پنهنجي اولاد لاءِ علم جي حصول جي صلاح ڏنائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ محمد مبارڪ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد يعقوب رکيائين. هي نينگر جڏهن سمجهه سان ٿيو ته محمد مبارڪ هن کي علم جي تحصيل لاءِ وقت جي برک عالمن ڏانهن رجوع ڪيو. تنهن زماني ۾، سنڌ جي علمي مرڪزن وانگي، ڀاڳناڙيءَ ۾ به علمي ادار موجود هوا، جن مان ڪنڊي، لانڍي ۽ ڪٽبارن ۾ ٺٽي، پاٽ ۽ بکر جي علمي مرڪزن جيان مشهور درسگاهه هئا. ميان محمد يعقوب پنهنجي ذهانت جي زور تي ابتدائي تعليم جا مرحلا طئي ڪندو ويو، پڇاڙيءَ، تر جي جيد عالم، مولانا عبدالحليم ڪنڊيءَ وار کان فارغ التحصيل ٿيو، ان کان پوءِ پاٽ شريف جي روحاني پيشوا، ميان محمود کيس خلافت جي خلعت عطا ڪئي. ميان محمد يعقوب عالم هئڻ سان گڏ حليم طبع ۽ فياض شخص هو، انڪري ٿوري ئي عرصي اندر هن جي عزت ۽ شهرت اوري پري پکڙجي وئي. آخرڪار، همايون جي زميندارن ميان غازي خان سومري ۽ وڏيري مسو خان سڌائي جي استدعا ۽ ميان محمود جي هدايت تي هي بزرگ همايون ۾ آيو ۽ ٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ هتي هڪ علمي اداري جو پايو وڌائين. همايون جو ڳوٺ اوائل ۾ سومرن ۽ سڌاين جو اڏايل هو، جتي پوءِ ٻيون قومون به اچي آباد ٿيون. همايون جي باري ۾ هيءَ روايت مقامي طور عام آهي ته مشهور مغل حڪمران همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، جڏهن 950هه مطابق 1543ع ڌاري، ايران ويندي، لڏپلاڻ ۾ هو، ته هتي هڪ رات پڙاءُ وڌو هئائين. اها ميدان اڃا سوڌو ساڳئي نالي سان ڳوٺ جي اوڀارئين پاسي ڪراچيءَ کان ڪوئٽيا ويندڙ قومي شاهراهه ۽ ريلوي جي وچاڳ ۾ موجود آهي، جنهن جي ڏاکڻين طرف کان هڪ سرڪاري بنگلو هوندو هو. جو هاڻ ڊهي پڌر ٿي چڪو آهي. انهيءَ واقعي کان پوءِ هي ڳوٺ همايون جي نالي سان هاڪارو ٿيو. ميان محمد يعقوب جي اچڻ کان پوءِ هن ڳوٺ جي رونق ۾ چڱو واڌارو ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن هتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿي ته ڳوٺ هڪ ننڍڙي شهر ۾ قائم ٿي ويو ۽ آسپاس جي ڳوٺن توڙي واهڻن لاءِ علم عرفان سان گڏ وڻج واپار جي ڪم ڏيڻ لڳو. ميان صاحب پهريان هتي هڪ مسجد تيار ڪرائي، جنهن سان گڏ هڪ حجرو به هو. تنهن کان پوءِ وڌندڙ ضرورتن جي پيش نظر عظيم الشان جامع مسجد جوڙايائين، جنهن جي ايوان جي اڳياڙيءَ ۾ ٻه ويڪرا حجرا به تعمير ٿيل آهن. اها مسجد اڄ تائين انهيءَ شان مان سان قائم آهي، ليڪن ان جا حجرا اسان جي سانڀر ۾ ڊهرائي وري نئين سر ٺهرايا ويا هئا.هيءَ مسجد جيئن ان جي قطحه تاريخ مان ظاهر آهي، سنه 1253ع مطابق 1856ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي. ميان محمد يعقوب جي وفات 1273هه، مطابق 1856ع ۾ ٿي. هن پنهنجيءَزندگيءَ ۾ علم ۽ دين جي وڏي خدمت ڪئي. ڪيترا طالب هن وٽان فيضياب ٿي ويا ۽ هن جون ڪيئي فتوائون سنڌ ۽ بلوچستان-- ويندي افغانستان تائين، جاري ٿيون، جنهن ڪري سندس درگاهه ۽ درسگاهه جي ناموس ۾ هن جي وفات کان پوءِ به ڪو فرق نه آيو. مولانا عبدالغفور جي ولادت ميان محمد يعقوب جي حياتيءَ ۾ ئي مولانا جي ولادت 1261هه مطابق 1844ع ڌاري همايون ۾ ٿي. شرعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين. ان جي وفات کان پوءِ، باقي تعليم ميان صاحب جي قابل شاگرد مولوي سلطان سيتپوريءَ واٽ پوري ڪيائين. تعليم جي تحصيل پڄاڻا دستور موجب مولانا پنهنجي والد جي مسند تي رونق افروز ٿي درس تدريس سان گڏ فتوا نويسي ۽ پيري مريديءَ جو سلسلو به جاري رکيو. ٿوري ئي وقت اندر، پنهنجي خداداد ذهانت وسيلي، عوام توڙي خواص ۾، هن جي هاڪ ٿيندي وئي. مولانا وٽ سنڌ ۽ پنجاب لان علاوه هندستان جي ڪيترن پرڳڻن ۽ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ ايران ۽ افغانستان جي ماڻهن جي گهڻي آمدرفت شروع ٿي وئي، جي اڪثر علم جي تحصيل ۽ فتوائن جي لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍي هتي ايندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ جيتوڻيڪ هن بزرگ جون مصروفيتون حد کان وڌيڪ هيون، تڏهن به سندس روزمره جي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ ڪو تفاوت نه اچي سگهيو ۽ سڀئي ڪم، جيئن جو تئين، سرانجام ٿيندا رهيا، مولانا جون روزانيون مصروفيتون هن ريت هيون. صبح جو نماز کان پوءِ درس تدريس، جنهن ۾ ديني تعليم سان گڏ طبي تعليم به شامل هوندي هئي. منجهند جو عام خاص ماڻهن سان ملاقاتون، جن مان ڪي پيري مريديءَ جي سلسلي ۾ ساڻس ملڻ ايندا هئا ته ڪي شرعي فتوائن لاءِ ڏانهس رجوع ٿيندا هئا ۽ ڪي وري دعا ڌاڳي ۽ دوا درمل واسطي سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندا هيا. هنن مان فتوا طلب ماڻهن کان سواءِ باقي سمورن ماڻهن کي ٽنهي وقتن جي ماني ننگر سان ملندي هئي. فتوا طلب ماڻهو پنهنجي کاڌي پيتي جو پاڻ بندوبست ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته عام رواداريءَ موجب انهن جي کاڌ خوراڪ جي ذميداريءَ کان ننگر کي الڳ رکيو ويندو هو. شام جو وقت گهڻو ڪري مولانا جي نجي مصروفيتن جي ِبلي هوندو هو يا وري اهو وقت حويلي ۾ پردي پوش عورتن جي دعا ۽ دستگيري لاءِ وقف رهندو هيو. سمهاڻيءَ جي نماز کان پوءِ ڳچ وقت تائين مولانا ورد وظيفي ۾ مشغول رهندو هو ۽ اَڌيءَ جو تهجد جي ادائي کان فارغ ٿي شعر و شاعريءَ جو شغل جاري رکندو هو. سندس کاڌ خوراڪ توِڙي لباس ۾ گهڻي سادگي هوندي هئي ۽ هر حالت ۾ کيس صفائيءَ جو خاص خيال رهندو هو. هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته مولانا پاڻ پنهنجي دؤر جي ڪنهن به سياسي تحريڪ ۾ ڪو به حصو نه ورتو، بلڪ سياست کان اجنبي رهڻ جي حالت ۾ ۽ ناواقف هئڻ جي بناء جي وقت جي ڪيترن ناعاقبت انديش مُلن ۽ پيرن جي سادگيءَ سان ناجائز فائدو وٺي کانئس ڪن فتوائن تي ڪيئي ڀيرا صحيحون ڪرايون، جن مان انگريزن طرفان حجاز جي نهاد حڪمران ابن شريف جي تقرر ۽ تائيد واري تحريڪ عام مشهور آهي، جنهن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ۽ سندس جماعت کان سواءِ سنڌ جي سڀني عالمن ۽ مرشدن بهرو ورتو هو. بهرحال ٻيون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، ليڪن هيءَ حقيقت پنهنجي ليکي وڏي اهميت رکي ٿي ته مولانا ٻين ڪن بزرگن وانگي انگريز حڪومت جو حاشيي بردار يا وظيفي خوار ڪو نه هو ۽ ننگر جي سموري آمدني سندس مريدن ۽ معتقدن جي نذر نياز مان ٿيندي هئي. انهيءَ لاءِ ربيع توِڙي خريف ۾ هر موسم جي ضرورتن مطابق کاڌ خوراڪ جي سامان کان وٺي ڪاٺين ڪوئلين، چوپائي مال ۽ هنڌ بستري تائين سڀ ڪجهه مريد ۽ معتقد باقاعدي درگاهه تي پهچائيندا هيا. مولانا جي مريدن ۽ معتقدن ۾ هندو، مسلمان، پارسي، عيسائي، پير، فقير، وزير توڙي وڏيرا غرض ته هر طبقي جا ماڻهو شامل ۽ شريڪ هوندا هئا. هن باري ۾ ڪنهن سان به ڪو امتيازي سلوڪ روا نه رکيو ويندو هو. مولانا جي مدرسي مان جيڪي عالم ۽ طبيب فيضياب ٿيا، تن مان ڪن جا نالا هيٺيان آهن: مولانا جا شاگرد مولوي نبي بخش ڪولاچي، مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو، سيد زين العابدين شاهه افغانستاني، قاضي ميان رسول بخش، نواب جهل مگسي وارو، مولوي حافظ محمد حيات قريشي شڪارپوري، مولوي عبدالرحمان شڪارپوري، مولوي محمد مبارڪ ميان جي ڳوٺ وارو، مولوي محمد يعقوب بلوچستاني، مولوي محمد اسماعيل شاهلاڻي، مولانا عبدالرحمان ڌامراهو مصنف فتاوا رحماني، مولانا دين محمد بٺوي، حڪيم مولوي محمد صادق راڻيپوري، حڪيم ملان مالڪڏنو ميردهي ۽ همايون جو مشهور هندو طبيب ڀائي ڄيٺومل، جو اکين کان نابينا هو مگر طب ۾ خاص درڪ حاصل هيس، هنن مان ڪي عالم ۽ طبيب پنهنجي دؤر جا بهترين ۽ نامور شخص ٿي گذريا آهن. همعصرَ، پونئرَ ۽ تصنيفون مولانا جي همعصرن مان هيٺيان بزرگ قابل ذڪر آهن: پير حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارو، حضرت شاهه مردان شاهه اول پيرپاڳارو، مخدوم الهه بخش کهڙائي، الحاج خواجه عبدالرحمان سرهندي، رئيس الاحرار حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا محمد عمر چشمي وارو، حضرت مولانا پير حسن لنواريءَ جو سجاده نشين، مولانا بهاء الدين بهائي، ميرپورماٿيلو وارو، مولانا مخدوم صالح پاٽ وارو، سيد قاضي بهادر علي شاهه شڪارپوري، پير صالح شاهه راڻيپور وارو، پير خميس علي گمبٽ وارو، ميان غلام حيدر ڪٽبار شريف، حڪيم مير علي گمبٽ وارو، ميان غلام حيدر ڪٽبار شريف، حڪيم مير علي نواز علوي شڪارپور وارو، حڪيم عبدالغفور شڪارپوري ۽ ٻيا. هي پنهنجي وقت جا ناميارا بزرگ ٿي گذريا آهن. مولانا جي تصنيفن مان، (1) فتاواهمايوني، فارسي، ٻن جلدن ۾ (2) فتاوا همايوني، سنڌي، ٻن جلدن ۾، (3) ديوان مفتونس، عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ (4) فرهنگ طب همايوني. هن مان ديوان مفتون، عربي فارسي ۽ هندي شعرن وارو گم ٿي ويل آهي، باقي ٻيا ڪتاب ليٿوءَ ۾ ڇپيل ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن وٽ نظر اچن ٿا. ان کان علاوه مولانا جا مختلف علمي ۽ فنن تي قلمي صورت ۾ ڪيئي مسودا لکيل هئا، جن جو به ڪو نانءُ نشان ڪو نه ٿو ملي. مولانا جو ڪتب خانو هڪ مثالي حيثيت رکندڙ هو، ليڪن افسوس آهي جو ان جا سمورا ڪتاب، جن ۾ هند، ايران، افغانستان، مصر ۽ ٻين اسلامي ملڪن جا ڪيئي ناياب علمي ذخيرا يا ته اُڏهي کائي وئي، يا وري مفتخور ۽ بيعلم رهزن کڻي ويا. اسان جي ملڪ ۾ ڪيڏي نه ڌارين جي ستم ظريفي ۽ پنهنجن جي بدبختي آهي، جو ڪتابن تي ڌاڙا لڳندا رهن ۽ پونير انهن جي اهميت کي درگذر ڪري صرف مال ملڪيت جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن! مولانا عبدالغفور جي رحلت پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ يارهين تاريخ رمضان جي مهيني ۾، جمعي جي رات، 1326هه مطابق 1918ع ڌاري همايون ۾ ٿي، ۽ کيس جامع مسجد لڳ پنهنجي نامور والد جي تربت جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، اها جاءِ هڪ خوبصورت مقبري جي صورت ۾ هن وقت عام خاص لاءِ زيارتگاهه آهي. مولانا مفتون کي پٽ جو اولاد ڪو نه هو، تنهنڪري سندس لاڏاڻي کان پوءِ مولانا عبدالباقيءَ کي جو مولانا جو ڏهٽو هو، مدرسي ۽ درگاهه جو جانشين مقرر ڪيو ويو، ميان عبدالباقي پاڻ هڪ عالم ۽ مفتي هو. هن به مولانا جي نقش قدم تي هلندي درس تدريس سان گڏ شرعي فتوائن ذريعي خلق خدا جي چڱي خدمت ڪئي. هن جو انتقال 1383هه، مطابق 1963ع ڌاري ٿيو. هاڻ هن درگاهه جو وارث ميان عبدالباقي جو وڏو فرزند ميان عبدالباري آهي، جو پنهنجي وڏن جي راويت موجب درس ۽ ننگر جي سنڀال ڪندو رهي ٿو. ڳوٺ جي زميندارن مان سومرن جو خاندان عام هارين جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، باقي سڌاين مان وڏيري مسو خان جو پوٽو در محمد خان ۽ سندس عزيز قريب پنهنجي ذمينداري شان سان آباد آهن. وڏيرو در محمد خان نهايت سچار، مهماننواز ۽ دلير شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن جي دم قدم سان همايون ۾ آباديءَ جا آثار نظر اچن ٿا. همايون جي نئين دؤر ۾ جيڪي عالم ۽ اديب پيدا ٿيا، تن ۾ هي شخصيتون شامل آهن: مرحوم حافظ الهورايو سيٺار، مرحوم مولوي عبدالحليم پيچوهو، مرحوم منظور همايوني، ماستر سراج الدين پيچوهو، ماستر علي گوهر خان سڌايو، حڪيم ميان صدرالدين ۽ راقم نياز همايوني. مولانا جي خاص ماڻهن مان ميان جلال الدين ۽ راقم جو والد قائم الدين ليکجڻ ۾ اچن ٿا، جن مان پهريون سندس خليفو ۽ ٻيو خدمتگار هو. اهڙيءَ ريت، مولانا جي مريدن مان نواب پير بخش خان سرائي شهدادڪوٽ وارو ۽ سردار گل حسن خان کوسو جيڪب آباد ضلعي وارو اِهي ٻئي اهل خير هستيون ٿي گذريون آهن. تاريخي قطعا علم ادب سان تعلق رکندڙ طبقي جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهي تاريخي قطعا پيش ڪجن ٿا، جيڪي وقت جي عالمن ۽ شاعرن هن تذڪري جي سلسلي ۾ ترتيب ڏنا هئا. پهريان اهو فارسي قطعو درج ڪجي ٿو، جو مولوي محمد ابراهيم ”ئاظم“ ياسيني ميان محمد يعقوب جي يادگار ۾ مسجد لاءِ لکيو هو. هي قطعو اڃا تائين همايون. جي جامع مسجد جي اندرين وڏي دروازي تي ڪاشيڪاريءَ ۾ لکيل آهي: حضرتِ يعقوب آن عالي مقام، رهنمائي ملتِ خير الانام. والدِ علامهِ عبدالغفور، اَنڪ بوده، مقتدايان را امام. در همايون مسجدي تعمير ڪرد، خوش نما فرخ لقا دلڪش تمام. بهر تاريخ ِ بناي پاڪ او، گفت ناظم ثاني ِ بيت الحرام (1253 هجري) ٻيو فارسي قطعو خليفي ميان محمد يعقوب جي وفات متعلق آهي. هي قطعو مولوي محمد قاسم هاشمي ڳڙهي ياسين جي مشهور عالم جو لکيل آهي: حضرت يعقوب آن نورالهديٰ سر چشم دين، ڪامل و علامه و فيِاض، خورشيد زمان. چونڪ فيضش بو د نورِ هر دو عالم باليقين، ”هاشمي“ تاريخ او گفته: چراغِ دوجهان. (1273هجري) پڇاريءَ ۾ فارسيءَ جو اهو قطعو پيش ڪجي ٿو، جو مولانا مفتون جي انتقال تي سردار گل محمد خان ”زيب“ مگسيءَ جو تحرير ڪيل آهي. اِستاذي فاضلِ همايون، اَن شمس زمان شهاب گيتي، روپوش چوگشت گفت هاتف، پنهان شد آفتاب گيتي. (1336هجري) فيس بوڪ جي پيج بزرگ تان کنيل