لاڙ عجائب گهر هڪ رپورٽ سنڌ جي عجائب گهرن مان به ڪافي شيون چوري ٿئي ويون آهن جنهن جو ذڪر ڪجهه وقت پهرين اخژبارن ۾ پڻ ٿيو هو۔ سنڌ ۾ عجائب گهرن جي به صحيح طريقي سان سار سنڀال ڪئي نه ٿي وڃي، ۽ اسان جو قيمتي سنڌ جو سرمايو ۽ تاريخي شيون پڻ ڏينهن به ڏينهن غائب ٿئي رهيون آهن۔ اهڙن عجائب گهرن مان لاڙ عجائب گهر پڻ هڪ آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو۔ لاڙ عجائب گهر ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيء ۽ شندس ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙي واري جون به نشانيون به رکيون آهن ۽ ان کان علاوه ڪيتريون ئي لاڙ جون تاريخي شيون پڻ رکيل آهن ، باقي توهان پاڻ هي رپورٽ ڏسو۔ ، http://www.youtube.com/watch?v=Hez810GxKq8&feature=related
جواب: لاڙ عجائب گهر هڪ رپورٽ ادا سائين سنڌ جو لاڙ هجي يا اتر، ڪاڇو هجي يا ٿر، سڀ علائقه عجائب ۽ تاريخي شين سان ڀريل آهن، جڏهن سنڌ جي تاريخ مصر جي قديم احرامن کان به پراڻي هجي ته پوٌءِ هن ڌرتيءَ تي ڪيترا عجائب ۽ تاريخي اهڃاڻ هوندا تنهنجو ته ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي ۔۔۔ پر انهن مان ڪيترا آثار محفوّظ آهن ۽ بچيل آهن ۔۔۔ اصل سوال اهو آهي؟