صوفي محمد فقير گهوٽو

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
21b0zmh.jpg


طالب المولي
سندس ولادت 1298ھ بمطابق 1771ع ۾ ٿي . پاڻ ڳوٺ حسين ٻيلي تعلقه گھوٽڪي ضلعي سکر جو رهاڪو هو . تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين . سندس مرشد الدين انڍڙ سهروردي ، حضرت پيران پير سرڪار جن جي رو...ضي تي ويو ، کيس ارشاد ٿيو ته ” محمد فقير گھوٽو ، خير الدين شاھ سکر واري وٽ وڃي . فقير صاحب پورا 14 سال حضرت خيرالدين شاھ جي درگاھ جون حاضريون ڀريون ۽ فيضياب ٿيو . سندس طريقو اويس هو . سندس ڪلام سنڌي ، سرائڪي ۽ فارسي زبانن تي مشتمل قلمي صورت ۾ موجود آهي . 1385ھ بمطابق 1940ع ۾ سکر شهر ۾ وصال فرمائين . سندس درگاھ ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ آهي .

ڪلام

بشر بهانو ڀول ڀڃي الانس سري الله چوان

رکي مشوق شتابي شاھ آيو ، وه بردو ٿي بادشاھ آيو ،
ساري ملڪ حسن جو مان آيو ، عين احمد عبدالله آيو.

لولاڪ لما جو تاج پائي ، سهڻل سڀ ۾ صاف سڀائي ،
قائم قادر قدم ڪڏائي ، جوش جذب جلاالله چوان .

ڪعبو قدسي ڪير آهي ، هن کان سواءِ ٻيو ڦير نه آهي ،
ريءِ سمجھ رڳو انڌير آهي ، ڏس جاچي ڪلام الله چوان .

ڄڻيو نه ڪنهن جو ڄايو آ ، صورت سڀ ۾ سمايو آ ،
هتي رائي پنهنجي آيو آ ، محمد قل هوالله چوان
1yw9vp.jpg

فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
 
Back
Top