سارنگ علي سولنگي سيد قطب علي شاھ ولد فتح الدين شاھ جي ولادت 8 سيٽمبر 1814ع ۾ ٿي. سندس سلسله نسب حضرت امام زين العابدين عليه السلام جن سان ملي ٿو. سندس بزرگ اچ شريف کان ٿيندا، سنڌ ۾ آيا. سائين سيد قطب علي شاھ جي والد دروات ...جبل ۾ الاهي عبادت ۾ مشغول هو ته کيس خواب ۾ معلوم ٿيو ته ڪو ماڻهو کيس پٺين ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته “شادي نه ڪندين ته پٺي ڦاڙي ٻاهر نڪرندس.” آخر پاڻ شادي ڪيائين. روح جو هن زمين تي لهڻ لاءِ منتظر هو، تنهن جي اچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي. يعني پوري ڏهين مهيني، جمح جي رات شاھ صاحب تولد ٿيو. سيد قطب علي شاھ جو تخلص قطب هو. پاڻ صاحب دل ۽ اهل الله مرد ٿي گذريو آهي. سندس انتقال 22 ڊسمبر 1910ع ۾ ٿيو. ڪلام جبل جهاڳيندو وت، من ٻاروچي کي ٻاجھه پوي . آڏا ڏونگر لڪيون، سائين ڏيندو شت. وندر جي به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت. چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون، ڪاند نبا ڪت. “قطب” پير پنهون جو، نئي نهارج نت. فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل