عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سيد لعل محمد مير شاه لڪياري عُرف سيد گنبل شاه وڳڻن جو ويٺل، وريل فقير ابڙي جو طالب هو. وريل فقير جي وفات کان پوءِ محمد فقير کٽياڻ واري رنگ ۾ آيو.
[1781] روپ ڪامول...
لکين ڪامل ڪرامت جا، نِوايا نينهن جي ناتي
جلن العشق نارالله، چريا ڪيا چشم جي چاتي
سچي صورت سڃاتائون، نيڻن نئون نينہ لاتائون
’سَوِي الله‘ سُر پاتائون، پيا منجهه عشق اوراتي
2- رڙهي روه رڻ رڃ ۾، ڪيائون سير سڀ سڃ ۾
اصل عاشق وتن اُڃ ۾، لقاء الله لنؤن لاتي
3- مجازي مست ٿيا مُل ۾، پچن قيامت سندي ڪُلَ ۾
’اِذازلزلة‘ ذل ۾، کِيا ڪنهن خون جي کاتي
4- ڪيائون سير سلطاني، ٿيا قربان قرباني
فدا اسباب سڀ فاني، بِت جي پور منجهه پاتي
5- ”گنبل شاه“ جيها لک ڪيئي، مُنجهي متڙي تنهن ويئي
سوگها ٿيڙا سڀئي سيئي، درُس منجهه دام تودا تي.
[1782]
روح نه اچي منهنجو هِت راس
مارن پاس محبت مينهڙا وسايا
1- سِر لوئي ڳل ڪنجرو، روئي رت رُنياس
2- وهواه جا واحد وڻي، وطن وري شل ويندياس
3- اميد اٿم الله ۾، اوڏي ٿي ويهندياس
4- قضا جي هن قصد جا، ڪاڪين ساڻ ڪندياس
5- ”گنبل شاهه“ چئي گُوندرين، مارن سان ملندياس
[1783]
جڏهن پاتو ڪجل ڪاني، منهنجي ڪَيڙوَ دل ديواني
1- جڏهن چشم کڻي ٿو چهرِي، هَٿِ باز بڇي ٿو بحري
ڦري ڪان هڻي ٿو قهري، زره چاڙهي ڪمان ڪياني
2- تنهنجو حسن فريب فرنگي، چاڙهي لشڪر رومي زنگي
تنهنجا خال خدنگ تفنگي، ڪن زورئون مُلڪ زياني
3- لب لعل ياقوت رُومانا، ڏند موتي جَڙيا مرجانا
گهڻا مستيءَ ڪيا مستانا، پسي جلوه جوت نُوراني
4- سر ٻڌڙو شَملو شاهي، تون ته بيشڪ بي پرواهي
ڏاڍو سرڪش سيف سپاهي، هَٿِ حُڪم سِڪو سلطاني
5- ”گنبل شاه“ غلام سڏايو، پائي پاند ڳچيءَ ڳل آيو
تنهن کي پِرين اوهين پاڻ پسايو، ڪيو افضل ڪا اِحساني.
[1784]
منجهه خواب جي خيال، سڄڻ رات مون ڏٺو
رات مــون ڏٺــو، پــرڀــات مــون ڏٺــو
1- نوري نور جو نروار ڪوچمڪار جو چمڪو
وڏيءَ جوڙ ۽ جمال
2- کڻي نيڻ نازڪ نينہ ڀريا، محبن مون کي مست ڪيو
انهين قرب جي ڪمال
3- ”اناعبد“ ۽ معبود جو مقعود مجمعو
خوش خيال ويس وصال
4- ذاتي ذات ۾ صفات ڪو اثبات ٿي آئيو
الف ميم جي مثال
5- ”گنبل شاه“ چئي غم درد جو احوال عاشقان
سِک سوز ڪرقتا!(1)
[1785]
منهنجي دل جا مطلب ٿيا ٿيا
جڏهن ڪيڙم درسن دوست جو
1- پاتــم لڪائي لـوڪ کـؤن ميان
لالڻ ڪارڻ لِيا لِيا
2- دام ديــدن دل يار جا ميان
بِرت منجهارئون پِيا پِيا
3- محبت جن کي ماريو ميان
مري سي عاشق جِيا جِيا
4- ٻاريا پرين ٻاجهه سان ميان
ڏيل اندر منجهه ڏِيا ڏِيا
5- ”گمبل شاه“ چئي پسندي پرين ميان
غم وهم سڀ ويا ويا
فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل