هادي بخش شاهه جهانيان ؛مسڪين؛

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2014۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    فقير هادي بخش شاهه جهانيان ولد سيد روشن علي شاهه جهانيان پوٽو، حيدرآباد ۾ 1297هه/1880ع ۾ ڄائو. پهرين سندس نالو پڙڏاڏي جي پٺيان فتح الدين شاهه رکيو ويو، پر پوءِ هادي بخش شاهه سڏيو ويو. پنهنجي خانداني ر...وايت موجب دنيا کي ترڪ ڪري جبل جهاڳيائين ۽ ٻارهن سال سفر ڪيائين. 3 صفر 1310هه/18 فيبروري 1942ع تي وفات ڪيائين.
    سهڻي صورت ۽ نيڪ سيرت جو صاحب هو. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ گهڻوئي ڪلام چيائين. سندس تخلص ”مسڪين“ هو.”جهانيان خاندان“ جي مصنف جي لکڻ موجب سندس ڪلام تمام گهڻو آهي. پر مذڪوره ڪتاب ۾ سندس سنڌي، سرائڪي ۽ هندي جون 35 ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

    [798] ڪافي
    جي جوڳي ويا جبروت، سامي سي ته صبور ۾
    1. سامين لاٿو سر جو سانگو، ڏسي عشق الله جو اڙانگو
    سي ماهر ٿيا ملڪوت، گهوٽ گهايا انهيءَ گهور ۾
    2. سدا خورش خوديءَ جي کائن، هستي هوڏي هٿ نا لائن
    لعل وڃي لاهوت، نظر وڌائون نور ۾
    3. جتي چنڊ جو ناهي چارو، اُتي آڌوتين اڏيو اوتارو
    حاصل ڪري هاهوت، محو رهن هن مذڪور ۾
    4. ”مسڪين“ ماڳ مهيسين وارو، آهي روپ ۽ رنگ کان نيارو
    بانڪا ويا باهوت، حاصل حال حضور ۾.

    [799]
    رک ڌيان سارو دم دم ۾، ٿئي جاڳڻ جوش جسم ۾
    1. سهڻل سائينءَ سبق سيکاريو، جاءِ ڳجهيءَ تي جانب آيو
    ٿيءَ ڳولائو لڱ لحم ۾
    2. ٿيءُ نفي ڪر اثباتي، پاءِ دَرُوني دم دم جهاتي
    اٿي فڪر واري فهم ۾
    3. خوشيان خاڪي خرقو پائين، احديت مان عبد ٿي آئين
    ٿي آئين اوج اعظم ۾
    4. ”مسڪين“ موجه ڪيو آهي ماهر، ذوق منجهان ٿي آيو ظاهر
    ٿي آئين اوٽ آدم ۾.
    [800]
    جنهن پيچ پايو، تنهين جي مان آهيان
    ڏسي ويس ڳاڙها نه لوئي لڄايان
    1. ڏسي کاجھ خاصا، مليدا ۽ مربا
    منگها، موٺ، مکئيون، خوشيءَ سان مان کاوان
    2. ڪيو خود ڪٿائون، اڇين باغ جنت
    هجان سنگ سڄڻ جي، دوزخ بهشت ڀانيان
    تڙي جي تڏي تان ڪڍي پاڻ پيارو
    مِڙي مَن نه ماسو،سچي تان سڏايان
    4. جنهين نينهن لائي، ڪيو کاتي خلاصو
    جيڪو دم حياتي، تنهنجا ڳڻ مان ڳايان
    5. ڪري خود ڪرامت مئا لک جياري
    ”مسڪين“ محب منهنجو، اهڙو ٻيو نه چاهيان.


    [801]
    گهڙيونگ گهاريجا، ٻاروچا‘ ڇڏيو ڪين ڇپر ۾
    1. رهي رات ڀنڀور ۾، جڏي جياريجا
    2. ولهيءَ کي ته وڻڪار ۾ ساجن ساريجا
    3. لڪن جي لوڏن کان آري اُڪاريجا
    4. وعدا ڪيئي نه وڃڻ جا، پڪا پاڙيجا
    5. ملڻ شال ”مسڪين“ سان، پرين پاريجا


    [802]
    جوش جبل جا جذبي وارا
    غازي ٿي لنگهه گهارا، ٿيءُ نيارا
    1. پختو رکي پيچ پنهل سان، وندر ڏس وڻڪارا، ٿيءُ نيارا
    2. ’هو‘ جا هوڪا جام جبل ۾، پلپل سڻ پوڪارا، ٿيءَ نيارا
    3. دم قدم ڪر پيش پرين جي، ذاتي سڻ ذونقارا، ٿيءُ نيارا
    4. ”مسڪين“ ملڪ انهي جا مليا، پار پرين کؤن سارا، ٿيءُ نيارا


    [803]
    ڏسي آرا سي اکڙين، جا ويا ڪوپا لکين لٽجي
    پسڻ سان پيچ پنبڻين جي، سوين سوره ويا سٽجي
    1. اڙن ٿيون هو جتي اکيون، امالڪ پاڻ سان ٻکيون
    وتن بازن مثل بکيون، ويا ويرم ۾ ڪئين وٽجي
    2. اهي ڪجليون اکيون ڪاريون، اچن ٻهڳڻ سي ٻيهاريون
    ڪئين ڪن ڪوس قهاريون، لکين ويا خان هت کٽجي
    3. ڪرن جت فير ٿي فالم، ڪئين اُت علم جا عالم
    سوين سورهه سنوان سالم، ڪئين لحظي ۾ ويا لٽجي
    4. اکيون ”مسڪين“ جٿي اتڪن، لکين لائق اتي لٽڪن
    ڏسي بانوريون سوين ڀٽڪن، ڪئين ويا فير ۾ ڦٽجي.

    [804]
    چڱي وڻيئي توکي شال، هن نماڻيءَ جي حق ۾ هادي
    1. آءُ نماڻي عيبن هاڻي، ڪيو ٻيلايون ڀال
    2. چِت چرخي سان ڪين مان لاتو، ڪهڙو سڻايان حال
    3. دم دم سان شال گڏ تون هجين، تونهين ڪنديم نهال
    4. مهر منگي ”مسڪين“ ٿو، ٻي مايان منگي نه مال.


    [805]
    بدل بره دا برسي آيا، ڪرڪي مينگهه ملاري دا
    1. آڙنگَ عشق آگم ڪر آيا، وڄڙين چا چمڪار مچايا
    ويس ڪري وسڪاري دا
    بوند بره دي برسڻ آئي، آوڻ نام ٿي سرت سوائي
    کليا واءُ بهاري دا
    بارش بره دي ڪيتي بهاري، باغ برابر ڪيتي گلزار
    حسن ويکو هيڪاري دا
    4. ”مسڪين“ مام دا مينهن وسايا، راز رهبر دي رنگ لايا
    قدر پيا تيڏي ياري دا.
    [806]
    لوڪ سڄا لهوارا، شاهه عشق چلي اوپارا
    1. لوڪ ڳوليندا بخت بشارت، عشق ڳوليندا مُلڪ ملامت
    نينهن دا مُلڪ نيارا
    2. لوڪ هي منگدا شانا شاهي، عشق ڪريندا گذر گدائي
    ڦردا مست متارا
    3. لوڪ منيندا تاج ڪلنگي، عشق ڪريندا مست ملنگي
    گوندر غم گذارا
    4. ”مسڪين“ ڏونهين آپ نه ٺهندي، هِڪي گفتي مول نه ٻهندي
    الٽ ڪريندا آرا.
    [807]
    صوفي نام سڏاوڻ سؤکا، اؤکا قدم اُٺاوڻ، آپ پڇاوڻ
    1. ڏيک شمع پرواني وانگر، کوري وچ آ کامڻ، آپ سڙاوڻ
    2. عاشق ٿي انصاف اُتي، ارڏا ٿي اُت آوڻ، ڪنڌ ڪپاوڻ
    3. دم دا حال پوي جنهن دم وچ، اپڻا نينهن نچاوڻ، ڇيريان پاوڻ
    4. ”مسڪين“ انهي تي محڪم، جوشان جوش جڳاوڻ، نينهن نڀاوڻ .
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو