• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواب احمد خان لغاري

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
28l7sie.jpg

طالب المولى
نواب احمد خان، نواب ولي محمد خان لغاري وزير اعظم جو وڏو فرزند هو. پاڻ پنهنجي والد صاحب جي زير نظرعربي ۽ پارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. امارت ۽ وزارت جي معاملن ۽ مسئلن ۾ تربيت ڏيڻ خاطر نواب علي محمد خان کيس حيدر...آباد ۾ پنهنجي ٻڌايل ٽنڊو ولي محمد ۾ رهايو. نواب احمد خان جي عوام ۽ راڄن سان دلي محبت هوندي هئي ۽ ڀلائي ۽ بهبودي خاطر پنهنجو پاڻ پتوڙي سندن حمايت حاصل ڪيائين. همت ۽ مردانگي سان گڏ سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقير ڏانهن مائل هئي. ٺٽي جي درويش “شاهه بلاول” جو مريد ٿيو جو پوءِ لڏي ڀين ۾ آيو ۽ “ڀين وارو صاحب” سڏجي ٿو.
مير صاحبن جي اسرار تي شاهه بلاول سنڌ ڇڏي مسقط ڏانهن روانيو ٿيو ۽ ويندي وقت نواب احمد خان کي چيائين ته مريد اسان جو آهين، پر صحبت وڃي صوفي فضل الله قلندر جن سان ميرانپور “جهوڪ” ۾ ڪر. نواب احمد خان پوءِ صوفي شاه قلندر جو مريد ٿيو. نواب صاحب علم دوست مطالعي جو شوقين هو. کيس پنهنجو ڪتب خانو هو. جو سنڌ ڇڏڻ وقت پڻ سنڀالي ساڻ کنيائين. نواب صاحب 21 فيبروري 1870ع تي وفات ڪئي.
فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
 
Back
Top