• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صوفي نصير محمد فقير جلالاڻي

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
16a1yu0.jpg


سندس ولادت جي صحيح تاريخ معلوم ناهي البته سندس چوڻ موجب ته صوفي صادق شاھ سنه 1840ع ۾ وفات ڪيائين ته آءُ پنڌ ڪندڙ ٻار هوس . روايت آهي ، ته هڪڙي دفعي صوفي صادق شاھ تجل شريف ويندي واٽ تي جلالاڻيءَ ۾ اچي ٻپهرو ڪيو ...۽ ان وقت پاڻ فرمايائين ته ” اسان کي هتي گدري جي خوشبوءِ اچي ٿي ، هتي هڪڙو ڪامل مرد خدا پيدا ٿيندو جيڪو ولي الله هوندو. “ ڪجھ وقت کان پوءِ صوفي نصير محمد جي ولادت ٿي ، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي فقيري طبع جو مالڪ هئو ۽ بعد ۾ صوفي جھوڪ ڌڻي حضرت عبدالستار شاھ صاحب جن جو طالب ٿيو . 27 _ جماد الثاني 1380ھ/ 16 _ ڊسمبر 1960ع تي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو .

ڪلام
پيتم جڏهن جام وحدت جو ، وجود و ترڪ تڏهن ڦيرو .
نشو ٿيو نينهن جو غالب ، ڀڃي ڀورا ڪيئين غالب
رهيو مطلوب نا طالب ، نظر ۾ ناھ ڪو ٻيڙو.
صحيح ڪيم سير هيءَ سارو ، ماري اناالحق سندو نعرو
وڃائي ورھ جو وارو صدق تنهان جو ٿيڙو .
وڙهي جڏهن لاسندي ڪاتي ، تڏهن ٿيو عشق اثباتي
رهيو آذڪرنا ذاتي ، ” نصيرا “ نام نفي ٿيڙو.
فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
 
Back
Top