• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان هليو ڇو ويس؟

سلطان

سينيئر رڪن

آڪاش انصاري

مان هليو ڇو ويس؟


تون پڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس؟
جڏهن شام جو جام،
خالي نه هو،
رات رم جهم هُئي،
تنهنجي ساهن جي،
جهيڻن سُرن ۾ سُتل
منهنجي بستر تي
مُنڪر ڪا موسم هئي۔

تنهنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ها! انهي کان اڳي،
مان هليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين!
دل به چاهيو گهڻو،
ڪا گهڙي تنهنجي،
وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان
واس وٺندو رهان!
ٻن گهڙين لئه سهي
تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾
ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناهون وٺان،
کن پل لئي سهي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي نيڻن جون،
نرمل هي چاندوڪيون،
سدا مست نينڍون نياپا کڻي
روح جي رڻ مٿان
ايئن رقصان رهن۔

دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،
سونهن سرهاڻ جا
سئو سنديسا کڻي
منهنجي تن تي سدا
ايئن وکريل رهن۔

ها مگر ڇا ڪجي؟
تنهنجي ڪاڪل جو قيدي
ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي۔

دل ته ماڻڻ گُهريون،
تنهنجون سڀ دلبريون،
ها مگر ڇا ڪجي!
دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا وئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين
مان هليو ڇو ويس؟



http://www.youtube.com/watch?v=d4NwVpX_8zM
 
جواب: مان هليو ڇو ويس؟

مٿي سوال ته آخر ۾جواب به پاڻ اسانجي محترم آڪاش انصاري صاحب ڏئي ڇڏيو آهي،
ها مگر ڇا ڪجي!
دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا وئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين
مان هليو ڇو ويس؟


جڏهن انسان کي پنهنجي مقصد جي حاصلات پنهنجي جان کان وڌ پياري ٿي وڃي ته پوءِ نيڻ، چپ يا ڪاڪل جي ڪاراڻ ڪٿي ٿي روڪي ۽ مٿان وري جڏهن ان مقصد جي حاصلات ۾ تڪليفون اچن ته سون تي سهاڳو ۔۔۔ بس پوءِ لطيف چواڻي ته؛ عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي وهسن گهڻو ۔۔۔ ۽ سسي نيزي پاند هوندي به ماڻهون فتح ماڻي وٺي ٿو ۔۔۔
 
Back
Top