انساني حق ۽ اقليتون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    صائمه ميراڻي
    انساني حق مطلب انسانن سان لاڳاپيل سمورا حق توڙي سياسي سماجي معاشي ۽ ثقافتي حق جهڙوڪ اهي سمورا حق هڪ انفرادي شخص لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا ته پوءِ اقليتن جي حقن کي ڇو اهميت ڪو نه ڏني پئي وڃي ؟ اقليتون اسين انهن کي چئون ٿا جيڪي ڪنهن پاڙي شهر ملڪ صوبي يا خطي ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو اهڙي قوم اهڙي عوام اهڙو گروهه جيڪو ڪنهن مذهب ٻولي يا تعداد ۾ گهٽ هوندي به پنهنجي شناخت برقرار رکڻ چاهن. بين الاقوامي طور تي جڌهن انساني حقن جي ڳالهه ڪجي ته اتي هر ماڻهو کي بنا ڪنهن ذات پات مذهب رنگ نسل ۽ فرق جي بطور انسان حق ڏنا ويندا آهن انساني حقن ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ ٽي اهم معيار آهن1. امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ، 2.اقليتن جي شناخت جي حفاّظت ڪرڻ ، 3. اقليتن کي فيصله سازي ۾ شامل ڪرڻ .

    مٿين ڳالهين کي مدينظر رکندي اگر اڄ اسين پاڪستان جي ڳالهه ڪيون ته ڇا پاڪستان ۾ اقليتون محفوظ آهن؟ جڏهن پاڻ فيلڊ ۾ مختلف مذهبن جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي ته ڪجهه حقيقتون سامهون آيون ته اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ اقليتون ڪيترا عذاب ڀوگين ٿيون پاڪستان ته مسئلن جو ڳڙهه ٿي ويو آهي هر روز نوان مسئلا هر طرف خون ريزي هر پاسي ڦر لٽ ۽ بد امني ڪاهي پئي آهي ڪو ماڻهو ڪٿي محفوظ ڪو نه آهي پر اقليتن سان ڪجهه اهڙا ظلم جنهن جي هو دانهن به نٿا ڪري سگهن ان جا مثال نه صرف سنڌ بلوچستان پر پوري ملڪ ۾ ملن ٿا جيئن گزريل ڪجهه ڏينهن پهريان توهان سڀني ٻڌو هوندو ته سبي ۾ پنجن سالن جي ٻارڙي سان گينگ ريپ ، ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ، سانگهڙ پاسي ٻه هندو نارين جي اغوا جو واقعو، رمشا مسيح جو ڪيس ڪوڪو ڪولهڻ سان ٿيندڙ بي انتها ظلم ، لاهور ۾ عيسائين جي پوري ڪالوني کي ساڙي تباهه ڪيو ويو جيڪب آباد ۽ ملڪ جي ٻين شهرن مان سوين هندو خاندانن جي لڏپلاڻ ۽ اسان جا ڪافي اهڙا هندو ڪاروباري ڀائر ايترو ته مجبور آهن جو پنهنجي پاڻ کي پنهنجي ڪاروبار کي بچائڻ لاءِ آخر ڏاڍي ماڻهن کي ڀتو به ڏين ٿا پر وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي جو ڪڏهن به ڪنهن ميڊيا يا ڪنهن سماجي اڳواڻ جي اڳيان همت ڪري ڪو نه بيهندا ۽ پنهنجي ظلم لا۽ دانهي ڪونه ٿيندا انهن وڏيرن ڀوتارن ۽ سياسي ماڻهن جي خوف کان اگر ڪڏهن به ڪو انهن جي خلاف وڃڻ جي همت ڪندو ته ان جو سڌو نقصان ان جي ذات ۽ خاندان تي پوندو ڇا اهي سڀئي منظر ڏسندي اڃا اسين پاڪستان کي اسلامي رياست چئي سگهون ٿا اسلام ته اهو دين آهي جنهن هر انسان کي برابري جا حق ڏنا آهن جئين هر ساهه وارو آزاد زندگي گزاري سگهي جيئن الله تعالي قران مجيد ۾ فرمايو” لقم دينڪم ولي دين“ ترجمو ؛ تنهنجو دين تنهنجي لاءِ منهنجو دين منهنجي لاءِ .

    جڏهن پوري ڪائنات جي مالڪ آگاهه ڪيو آهي ته دين هر ماڻهو جو ذاتي فعل آهي انهي ڪري بنا ڪنهن مذهبي اختلاف جي بطور انسان هڪ ٻئي جي عزت ڪيون مدد ڪيون ۽ ساٿ ڏيون .

    مايوسي جي ڳالهين کي ختم ڪندي هڪ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ پاڪستان ۾ رهندڙ عوام ۽ حڪومت جي ڪجهه نمائيندن کي اهو خيال جاڳيو آهي ته ملڪ ۾ اقليتن جي حقن لاءِ آواز اٿارجي ۽ انهن جي تحفظ لاءِ يڪسان قدم وٺجن سو انهي سلسلي ۾ ڪراچي حيدرآباد ۽ پشاور ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺاهيون ويون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي دفاع لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڪجهه نيون پاليسيون ٺاهڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه سماجي تنظيمون اقليتن جي حقن لاءِ سرگرميون انجام ڏئي رهيون آهن ان سان جلد ڪو وڏو انقلاب ڪو نه ايندو پر ڪجهه نه ڪجهه شعور ضرور ڦهلندو جئين علامه اقبال پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو .

    ڪوشش ڪري انسان تو ڪيا ڪچهه نهي ڪر سڪتا

    بي همت هين وه لوگ جو هر ڪام ڪو مشڪل سمجهتي هين.

    اسان هن حڪومت کي اپيل ڪندا سين ته اقليتن جي حقن لاءِ نه صرف جوڳا قانون ۽ پاليسيون جوڙڻ انهن کي عملي طور به تحفظ فراهم ڪن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو