• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقير در محمد هيسباڻي

ابو محمد اسدي

سينيئر رڪن
فقير در محمد هيسباڻي ولد فقير خيرمحمد هيسباڻي سن 1894ع ۾ ڳوٺ فقير خير محمد هيسباڻي ضلعه نوشهروفيروز ۾ تولد ٿيو . پاڻ فقير خوش خير محمد جو پڙپوٽو هئو . سندس صداقت نوشهري سان هئي ۽ پاڻ شاھ ڪريم نوشهري فيروز واري جو طالب هئو . مختلف ، زبانن ۾ شاعري ڪئي اٿس جيڪا درگاھ فقير خيرمحمد تي قلمي صورت ۾ موجود آهي . سندس وفات 4_مئي 1977ع تي ٿي .

ڪلام
اي رفيقا خيال منهنجو ناهي يڪجا ڇا ڪيان،
پور پرين جا پون ٿا دل اندر دم دم نوان.
ناز نيڻن جا ڏسي ، داناءَ دل ٿي بي وسي،
حسن جي جلون جلايو ، ساھ سارو باھ جيان.
يار جي ناز ڪ نظر، دل کي ڪيو شوقون شڪار،
بيخبر جھرجھنگ ڦران، فرياد هيءُ ڪنهن کي ڏيان.
ڪين ٿي وسري ڪڏھ، محبوب جي صورت عجيب،
ويجھڙائي يار جي، ويتر وڌائي سڪ عيان.
بي وفا دنيا اندر، ڀايان نه ساعت ڪا سکي،
دم اهو بر حق ڀلو ، رهجي اچي جو يار سان.
“درمحمد” ڳالهه دل جي، آ گھڻي پر ڪر قطع ،
حال ڀائي ناهي ڪو، ڪنهن سان قصور سارو سليان
 
14mq5wm.jpg

مخدوم طالب المولى جن جو لکيل مضمون بهترين ونڊ
 
Back
Top