نوٽ: فقير خوش خير محمد هيسباڻي جن ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن. سندن صوفيانه ۽ ناصحانه ڪلام، اسين هر وقت ٻڌندا رهون ٿا. خاص طور، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا فنڪار فقير صاحب جو ڪلام نهايت گهڻي عقيدت ۽ احترام سان ڳائيندا آهن. فقير صاحب جن جي درگاهه شريف، سندن نالي پٺيان مشهور ڳوٺ ”ڳوٺ خوش خير محمد فقير“ ۾ آهي. سندن درگاهه تي وڃڻ لاءِ ڀريا روڊ اسٽيشن تان لهڻو پوندو، جتان وري بس ۾ سوار ٿي، ڪرونڊيءَ وڃڻو پوندو آهي. اتان وري ٽانگي جي وسيلي اٽڪل ٻه ميل کن پنڌ ڪري، درگاهه تي وڃبو آهي. فقير صاحب جن جو ساليانو عرس تاريخ 18_ذوالحج تي ٿيندو آهي. هت، فقير صاحب جن جي زندگيءَ ۽ شعر و شاعريءَ تي مختصر احوال ڏجي ٿو. ’م. ع. ج.‘ (الف) زندگي جو احوال حسب نسب: جناب فقير خير محمد، جيڪو عام طرح ”خوش خير محمد فقير“ جي نالي سان مشهور آهي، تن جي والد بزرگوار جو نالو رئيس غلام حيدر خان ۽ سندن ڏاڏي جو نالو رئيس عرض محمد خان هو. فقير صاحب هيسباڻي بلوچ آهن. ڪن محققن جو رايو آهي ته هيسباڻي بلوچ، مري بلوچن جي هڪ شاخ آهي، ۽ ڪن جو وري خيال آهي ته هيسباڻي، شر بلوچ جي پاڙي مان آهن ۽ هيسب خان شر بلوچ جي نالي پٺيان هيسباڻي سڏجڻ ۾ آيا. بهرحال، سندن وڏا اصل عرب جا رهاڪو هئا، پر ڪن سببن ڪري عرب مان نڪري، ايران، بلوچستان ۽ پوءِ پنجاب مان ٿيندا اچي سنڌ ۾ سهڙيا. جنهن وقت هيءُ خاندان سنڌ ۾ آيو، تڏهين سنڌ تي ڪلهوڙن جو راڄ هو ۽ هي خاندان به آدم شاهه ڪلهوڙي سان گڏجي آيو هو. سنڌ ۾ اچڻ سان، هي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو: ڪي ڪاڇي جي طرف، شاهه گودڙئي جي ڀرسان ميهڙ تعلقي ۾ ڏانهن هليا ويا، ته ڪي ڪنڊياري تعلقي ۾ ڀونئري لڳ اچي آباد ٿيا، جتان وري ڪي ڪرونڊيءَ طرف (خيرپور ضلعي ۾) هليا ويا ته ڪي وري دؤڙ طرف. جنم ۽ تعليم: جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، فقير صاحب جن جو اصل ڳوٺ ڀونئر تعلقو ڪنڊيارو آهي، جتي سندن ولادت هجري سنه 1224 ۾ ٿي. فقير صاحب جن پنهنجي زندگيءَ جا شروعاتي ويهه ورهيه پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريا، جتي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. سندن استاد وقت جو مشهور معروف عالم آخوند بخش علي گاڏهي هو. چون ٿا ته فقير صاحب جن جا وڏا عربي توڙي فارسي علم ۾ ڀَڙُ هئا. قرآن شريف ۽ علم فقہ منجهان به گهڻو واقف هئا. سندن مادري زبان سرائڪي هئي پر عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ به چڱي روانيءَ سان گفتگو ڪري سگهندا هئا. وڏن جي اثر سبب، فقير صاحب جو به لاڙو علم ڏانهن گهڻو رهيو. فقير صاحب جن جا وڏا تصوف جا قائل هئا، ۽ سندن طريقو ميانوالي ’نقشبندي‘ هو. جيئن ته فقير صاحب خوش خير محمد جا وڏا نوشهري فيروز جي مشهور ۽ معروف اولياء پير عبدالحي صاحب جا طالب هئا، تنهن ڪري فقير صاحب جن به اتي وڃي رهيا ۽ وڌيڪ تعليم اتي پرايائون. فقير صاحب جن جو استاد ۽ مرشد جناب شهاب الدين صاحب هو. چون ٿا ته ان کان پوءِ تعليم وري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان تڳرن ۾ استاد مولوي عبدالقدوس وٽ ختم ڪيائون ۽ ’مولوي‘ جي دستاربندي حاصل ڪيائون. فقير صاحب جن کي ٻيا به ٽي ڀائر هئا: شير محمد، مير محمد ۽ عرض محمد. ٻين جي زندگيءَ جو احوال ته ملي ڪونه ٿو سگهي. بهرحال، فقير خير محمد سڀني ڀائرن کان وڏو هو. فقيريءَ جو سبق: ڀونئرن وارن فقيرن جو چوڻ آهي ته فقير خير محمد صاحب ٿورو علم پرائي، مير علي مراد خان ٽالپر، رياست خيرپور جي واليءَ وٽ، وڃي نوڪري ڪئي. مير صاحب شروعات ۾ کيس ڪارائو ڪري رکيو، پر آخر سندن ايمانداري، هوشياري ۽ سچائي ڏسي، کين مختيارڪار ڪيو. هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته فقير صاحب پنهنجي وڏي اٽالي سان شاهي شان و شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان ٺٽ جي پتڻ تان درياءَ پار ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا، واٽ تي هڪ سولنگي قوم جي پوڙهي مائي، گاهه جي ڀري ٺاهيو ويٺي هئي. جڏهن فقير صاحب جن جي اٽالي تي نظر پيس، تڏهن چوڻ لڳي: ”ابا، آهي ڪو ماڻهو، جيڪو مون کي هيءَ ڀري کڻائي؟“ فقير صاحب جن ٽپ ڏيئي، گهوڙي تان لٿا ۽ مائي کي ڀري وڃي کڻايائون. فقير صاحب جي اميراڻي پوشاڪ ڏسي، مائي سمجهي ويئي ته هي ڪو امير ماڻهو آهي، سو هٻڪندي ۽ ڊڄندي چوڻ لڳي ته ”مون ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ٿي چيو، توهان کي ته ڪونه چيم.“ فقير صاحب کي ڄڻڪ دل تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. وائڙو ٿي چوڻ لڳو، ”مائي، آئون ماڻهو نه آهيان ڇا؟“ مائيءَ وراڻيو: ”ابا اوهين ته هفيسر آهيو.“ مائيءَ جا اهي اکر ٻڌي، فقير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ”شايد هنن ڪپڙن ۽ ٺاٺ باٺ جي ڪري، آئون ماڻهن جي قطار کان ٻاهر نڪري ويو آهيان!“ بس، ان وقت ئي فقير صاحب جي خيال ۾ انقلاب اچي ويو. هڪدم نوڪري ڇڏي، پنهنجي مرشد پير عبدالحي صاحب وٽ نوشهري فيروز ويو ۽ اتان طلب ورتائين. پير صاحب جن کين اسم نفي اثبات سمجهايو. فقير فولاد علي صاحب جن کان روايت آهي ته فقير خير محمد صاحب جن کي رندي طريقو، حضرت شاهه عنايت جهوڪ واري جي سلسلي جي هڪ عارف بالله ”جوڳ ڌڻيءَ“ نالي کان مليو. فقير صاحب مزيد فرمايو، اهو ”جوڳ ڌڻي“ هڪ لڱا نوشهرو فيروز کان اچي لانگهائو ٿيو ۽ پير صاحب جن جي اوطاق ۾ اچي ٽڪيو. فقير خير محمد صاحب جن به اڪثر ڪري، اتي رهندا هئا ۽ اوطاق ۾ آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندا هئا. فقير صاحب جن دستور موجب ”جوڳ ڌڻيءَ“ جي به خاصي خدمت ڪئي. فقير خير محمد صاحب ته ننڍي کان ئي حق جو ڳولائو هو، سو ٺهه پهه ”جوڳ ڌڻيءَ“ کي چئي ڏنائين ته ”قبلا، ڪا الاهي عشق جي عنايت ٿئي!“ مست فقير سندس خدمت سبب اڳ ئي مٿس راضي هو، تنهن ڪري ان جي اها گهر موٽائي نه سگهيو ۽ فقير خير محمد کي هڪل ڪري چيائين ته ”منهنجي پٺيان ٿي ويهه.“ فقير خير محمد صاحب، ارشاد موجب ائين ڪيو. ”جوڳ ڌڻيءَ“ کيس اسم اعظم سمجهايو ۽ آخر ۾ ٻڌايائينس ته ”جيڪڏهن اڳيان ويهاري سبق ڏيانءِ ها ته مون وانگر مست فقير ٿي پوين ها. هاڻي تون سالڪ رهندين.“ شادي ۽ اولاد: فقير صاحب جن صرف هڪ شادي ڪئي، حالانڪه سندن خاندان ۾ وڌيڪ شادين جو رواج هو. فقير صاحب جن اها شادي پنهنجي خاندان مان ئي ڪئي. جتان شادي ڪيائون، اهو ڳوٺ هينئر راضي فقير هيسباڻيءَ جي نالي سان مشهور آهي ۽ ڀونئرن جي نزديڪ ڪنڊياري تعلقي ۾ ئي آهي. فقير صاحب جن کي چار فرزند ٿيا: فقير در محمد، فقير عبدالله، فقير ملنگ علي ۽ فقير نياز علي. حج تي وڃڻ: فقير خير محمد صاحب جن حج پڻ ڪري آيا هئا. پاڻ پنهنجي مرشد ۽ استاد پير عبدالحي صاحب جن سان حج تي ويا هئا. مدينه شريف پهچڻ بعد فقير صاحب جن جڏهن حضرت رسول مقبول جي مبارڪ روضي جي زيارت ڪئي، تڏهن هي ڪلام چيائون: مک ماهي دا ماهه منير هويا، سادا دم دم ساهه سڌير هويا. جڏهن حج جي فرض کان فارغ ٿي، جدي شريف ۾ پهتا ته اتي سندن مرشد پير عبدالحي صاحب جن سخت بيمار ٿي پيا. چون ٿا ته فقير خير محمد صاحب جي پنهنجي مرشد سان عقيدت جي اها حالت هئي، جو جڏهين سامونڊي جهاز ۾ بيماري ۽ نقاهت سبب پير صاحب ٿُڪ ڦٽي ڪرڻ جي ڪندو هو ته فقير صاحب، پير صاحب جي وات اڳيان ٻُڪ کڻي جهليندو هو ۽ ٿُڪ ان ۾ وٺندو هو. جهاز جا خلاصي ۽ مسافر به پير صاحب جو گهڻو احترام ڪندا هئا. خالاصين دوا درمل جو خيال ظاهر ڪيو، پر پير صاحب جواب ڏنو ته ”هاڻي دوا وغيره جي ڪابه ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته وقت اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ هاڻي دارالبقا ڏانهن وڃڻ وارا آهيون.“ وڌيڪ وصيت ڪيائون ته ”منهنجي لاش اوڏانهن کڻائي نه هلجو، پر سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏجو.“ نيٺ انهيءَ وصيت تي عمل ڪيو ويو. فقير خير محمد صاحب جي دل کي نهايت گهڻو صدمو رسيو. جنهن وقت پير صاحب جي خاڪي بوتي کي سمنڊ جي حوالي ڪري رهيا هئا، تڏهين فقير صاحب جن هيءُ ڪلام پڙهيو: ڌاري ڇڏي هت ڌار، اوهين پنهنجي وطن وڃون ٿا. فقير صاحب واپس پهتو ۽ نوشهري ۾ گاديءَ وارن کي اطلاع ڪري، پاڻ ڪجهه عرصو اتي رهي، واپس پنهنجي ڳوٺ تڳرن ڏانهن روانا ٿيا. وفات: آخر، فقير صاحب جن ستر ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 2 محرم سنه 1294هه ۾ وفات ڪئي ۽ کين تڳرن ۾ دفن ڪيو ويو. فقير صاحب جن جي طالبن ۽ ڀونئرن وارن فقيرن کان روايت آهي ته کين شروع ۾ هڪ وڏيءَ پيتيءَ ۾ بند ڪري، امانت طور رکيو ويو، جو کين خبر هئي ته درياءَ پائيندو رهي ٿو، جنهن ڪري سندن جسد خاڪي محفوظ رهي نه سگهندو. هڪ دفعي درياءُ سچ پچ پائڻ لڳو ته فقير صاحب جن جو ڀاءُ عرض محمد، جيڪو خيرپور رياست ۾ زمين تي رهندو هو، تنهن خواب ۾ ڏٺو ته فقير صاحب کين چئي رهيو آهي ته هاڻي هتان اسان کي ڪڍو، جو درياءُ پائڻ وارو آهي. پوءِ فقير عرض محمد ماڻهو گڏ ڪري، مقبرو کوٽائي، لاش ڪڍرايو ۽ ضلع خيرپور ۾، ڪرونڊيءَ جي ڀرسان سندن جاگير ۾ دفن ڪرايو. اتي فقير صاحب جن جو قبو اڃا تائين قائم ۽ دائم آهي ۽ ساليانو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي ويندي آهي. سيرت ۽ صورت: فقير صاحب جن جو چهرو مبارڪ ويڪرو، رنگ وڻندڙ ۽ ڪڻڪ جهڙو، اکيون ڪشاديون ۽ نمڪ واريون ۽ سندن ڪُلها موڪرا هئا. پاڻ بلڪل سادي پوشاڪ پهريندا هئا ۽ کائڻ پيئڻ به سادو هوندو هئن. نفس کي مارڻ لاءِ، ڪڏهين ته ٽي _ ٽي ڏينهن ۽ راتيون به کاڌي جي ويجهو نه ويندا هئا. کاڌو ملندو هون ته پنهنجي طالبن ۽ حاضرينن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. پاڻ هميشه ڳيرو رنگ جي پوشاڪ پهريندا هئا ۽ سائي چادر اوڙهيندا هئا. طالبن کي ڪهڙي به پوشاڪ هوندي هئي ته به کين حضور شرميءَ سبب ڪجهه به نه چوندا هئا. فقير صاحب پنڌ جو ڪوڏيو هوندو هو ۽ بنا کاڌي پيتي جي به ڪوهن جا ڪوهه ڪري ويندو هو. رات جو پويون حصو رب جي ذڪر ۾ گذاريندا هئا. پڇاڙيءَ جو، پيريءَ جي ضعف سبب ٿڪجي پوڻ جي حالت ۾ ڪاٺ جي بيراڳڻ ڪتب آڻيندا هئا. سندن پهرين ڪافي هيءَ آهي: آيون وچ عرب دي، ڪرڪي احمد دا اولا. طالب، شاگرد ۽ همعصر: فقير خوش خير محمد صاحب جن جا طالب ڪافي انداز ۾ هئا، جن مان مکيه آهن: سيد محمد علي شاهه منگرجي وارو، قاضي محمد پريل ٽالپر وڏن وارو، شاهه محمد ديدڙ، درياءَ خان ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪيترا. فقير صاحب جن درس تدريس جو ڪم گهٽ ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندن گهڻو ڌيان الاهي ياد ڏانهن هوندو هو ۽ هميشه انهيءَ مشغلي ۾ محوَ هوندا هئا. ان سبب ڪري ڪي گهڻا شاگرد ڪونه اٿن. مير علي مراد خان، خيرپور رياست جي واليءَ کين عقيدت وچان جاگير ڏيئي ڇڏي هئي، جنهن ڪري سندس سفر گذر ڪشادو ٿيندو هو. مطلب ته پاڻ دنيا جي هر کٽراڳ کان آجا هئا ۽ سدائين رب پاڪ جي ذڪر ۾ مستغرق هوندا هئا. فقير صاحب جن جا همعصر فقير ۽ صوفي شاعر به گهڻا ئي ٿي گذريا آهن، جن مان فقير عبدالستار جهوڪ وارو، فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو، فقير بيدل روهڙيءَ وارو، فقير غلام حيدر گودڙيو ڳوٺ مينگهو فقير شر وارو، قابل ذڪر آهن. فقير صاحب ۽ مير علي مراد خان فقير صاحب جن جي وقت ۾ خيرپور رياست جو والي مير علي مراد خان ٽالپر هو. مير صاحب به رند عاشق حضرت نانڪ يوسف جو ٻالڪو هو. جيئن ته مير صاحب جي دل ۾ الاهي محبت جو ٻج ڇٽيل هو، تنهن ڪري فقير کي سڃاڻڻ جي اک صاف ۽ چٽي هئس. مير صاحب فقيرن جو اهڙو ته عاشق هو، جو ڪوبه فقير سمجهندو هوس، ته هلي وڃي ان کي ڏسندو هو ۽ ان کي عقيدت ۽ احترام وچان ڪافي انعام و اڪرام ڏيندو هو. مير صاحب کين ٻه _ ٽي دفعا جاگير جي آڇ ڪئي، پر فقير صاحب اها آڇ ٺڪرائيندو رهيو. گهڻي زور کان پوءِ، فقير صاحب سندس آڇ قبول ڪئي ۽ کين فيض گنج تعلقي ۾ ڪرونڊيءَ لڳ جاگير ڏني ويئي. مير صاحب فقير صاحب جو وڏو عقيدتمند هو ۽ فقير جو جيڪو به چيو نه موٽائيندو هو. فقير صاحب وري اهڙو ته رحمدل هو، جو جيڪو به ڏوهي وٽس هلي ايندو هو ۽ کيس مير صاحب وٽ سفارش لاءِ عرض ڪندو هو، ته فقير صاحب هڪدم مير صاحب وٽ هلي ويندو هو ۽ ڏوهي ڇڏاڻي ايندو هو. اهڙي قسم جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا: (1) هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته مير علي مراد خان وٽ، فقير عبدالستار جهوڪ واري جا ڪجهه مريد ۽ عزيز، چوريءَ جي ڏوهه ۾ قيد ٿي آيا. فقير عبدالستار صاحب مير صاحب وٽ ويو ۽ کيس ايلاز منتون ڪيائين، پر مير صاحب ڪو چورن تي سخت ناراض هو، سو جوابدارن کي نه ڇڏيائين ۽ فقير صاحب کي ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيائين. لاچار ٿي فقير عبدالستار صاحب، فقير خير محمد صاحب وٽ لنگهي آيو، جو خبر هئس ته فقير صاحب جو مير صاحب تي تمام گهڻو اثر آهي. فقير خير محمد صاحب کي سموري حقيقت کان واقف ڪيائين. فقير صاحب ته نهايت رحمدل هو، سو هڪدم فقير عبدالستار سان گڏجي مير صاحب وٽ ويو. جيئن ئي مير صاحب جي نگاهه فقير خير محمد تي پيئي، ته مير صاحب هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ تعظيم خاطر تخت تان هيٺ لهي آيو ۽ فقير صاحب کي نهايت ادب سان وٺي پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريائينس. فقير صاحب اول ئي اها ڳالهه ڇيڙي ته ”مير صاحب، ايهه فقير صاحب شاهه عنايت صوفي دي گادي دا تئن ڪني آيا ها قيدي ڇڏاوڻ. تيڏا ايهه شان نه ها، جو اِهِن ڪونه خالي واليا هَوِي.“ مير صاحب وري به اهي ئي لفظ اچاريا ته ”فقير صاحب، سرڪار انهان ڪون هرگز نه ڇوڙيسين.“ تنهن تي فقير صاحب به ٺهه پهه چئي ڏنس ته ”مير صاحب، الله دي به قهر هن، جو تئن جيهي جت ڪون چا بادشاهي ڏتي هس.“ مير صاحب مشڪي ڏنو ۽ چوڻ لڳو ”قبلا، گِهنو اپڻا تخت. تسان فقيران ڏتا ها، هڻ گهڻو به تسان.“ تنهن تي فقير صاحب کلي چيس ته ”ٻهه ٻهه، تيڏيان ست پيڙهيان اٿان ٻهسن. تسان ڪني قيدي ضرور گهنڻا هَي.“ مير صاحب هڪدم قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. (2) ٻئي دفعي جي ڳالهه آهي ته فقير صاحب جا ڪي عزيز مير صاحب وٽ قيد ٿي آيا. حقيقت هيئن هئي ته مير صاحب شڪار جو ڏاڍو شوقين هوندو هو، سو گمبٽ جي ڀرسان هڪ مهاڙي رکائي هئائين، جنهن ۾ مرون جهليل هئا ۽ مٿن راکا مقرر ٿيل هئا. انهن مرن مان هڪ مرونءَ کي هيسباڻي ٻروچن هڻي ماري وڌو، جو اهي مرون مهاڙيءَ مان نڪري اچي سندس فصل خراب ڪندا هئا. مير صاحب کي جو اها خبر ملي، تنهن هڪدم کڻي انهن ڏوهارين کي گرفتار ڪرايو. اهي جملي ڇهه ماڻهو هئا. هڪ ماڻهو فقير خير محمد وٽ ڊڪندو آيو ته هاڻي واهر ڪريو. فقير صاحب سڄي ماجرا ٻڌي، اٿي هليو ۽ مير صاحب وٽ لنگهي آيو. دستور موجب مير صاحب اٿي بيٺو ۽ آجيان ڪيائين. فقير صاحب پري کان ئي دانهن ڪئي ته ”مير صاحب هيٺ ٻهه.“ مير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ”قبلا، خبر ته هي!“ فقير صاحب وراڻي ڏني ته ”هيٺ ٻهه، جو تيڪون مشيت حق دي ڏيون آيا هان. اسان دي عزيزان تسان دا وڏا ماريا هي، تنهن دي رضا الله دي ڪرڻي هي.“ مير صاحب ڏاڍو شرمندو ٿيو، جو راز کي سمجهي ويو ۽ هڪدم قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيائين. (3) ٻئي دفعي جو ذڪر آهي ته فقير خير محمد صاحب جي ڀائٽيي شفيع محمد پنهنجي عزيز سبز علي فقير کي ڪنهن ڳالهه تان چاقو هڻي، ماري وڌو ۽ جلد ئي گرفتار ٿي ويو. فقير خير محمد صاحب کي عزيزن قريبن گهڻو ئي ستايو ته واهر ڪريو ۽ جوابدار آزاد ڪرائي ڏيو، پير فقير صاحب سندن هڪ به نه ٻڌي. رهندو فريادي ڌر جو طرف وٺي بيٺو، ڇاڪاڻ ته سندن ماڻهو ري گناهه ماريو ويو هو. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ مير علي مراد خان تڳرن ۾ فقير خير محمد صاحب سان ملڻ آيو. جڏهين مير صاحب کي اها ڳالهه ٻڌائي وئي، تڏهين فقير صاحب کي چيائن ته ”قبلا، اسان ڪني ته قيدي ڇڙا ويندا هئين، پر هڻ وڏي سرڪار ڪني ته ڇڙائو ته ڏيکون.“ فقير صاحب جي دل تي انهن لفظن تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ مير صاحب کي چئي ڏنائين نه ”پرواه نه ڪيو. اتان به قيدي ڇڙا ويسيون.“ (ب) شعر و شاعري فقير خوش خير محمد سنڌ جي انهن صوفي شاعرن ۽ عارفن مان هڪ آهي، جن جو شعر، ڪيف ۽ مستي سان لبريز آهي. اهڙي موج ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾، پاڻ جيڪي به شعر چيا اٿس، سي دراصل اکين سان ڏٺل مشاهدن ۽ حقيقتن وانگر سراسر سچ ۽ حق آهن. اچو ته ڏسون ته سائين خير محمد فقير شعر ۾ ڪهڙا نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ انهن جو مطلب ڇا آهي. (1) تصوف جا نڪتا: انسان جو شان مٿاهون آهي. خالق اڪبر انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏنو، جنهن ڪري انسان ذات ٻين سڀني ساهوارن: ديون، پرين، ملائڪن، حورن _ مطلب ته هر هڪ مخلوق کان وڌيڪ حسين ۽ وڏي شان واري آهي. هيءَ انساني صورت خالق اڪبر کي اهڙي ته پسند آهي، جو خود پنهنجي محبوب کي به هن ئي صورت ۾ پيدا ڪيائين. انهيءَ کان وڌيڪ انسان جي اعليٰ شان هجڻ يا لاثاني هئڻ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو! فقير صاحب جن پنهنجي ڪلام ۾ فرمائين ٿا ته آدم اصل ته عدم ۾ هو، پر جڏهين وجود ۾ آيو، ته ملائڪن به سندس اڳيان سر جهڪايو. هونءَ ته انسان خاڪي پتلو آهي، پر ڪنهن خاص جوهر سبب، ملائڪن کان سندس اڳيان سجدو ڪرايو ويو ۽ سجدي نه ڪندڙ کي تڙيو ويو ۽ مردود قرار ڏنو ويو، حالانڪ اهو عبادت ڪرڻ ۾ اول حيثيت رکندڙ هو. فقير صاحب جن فرمائين ٿا: آدم دي اي عبرت ويکو، اصلئون اَها عدم موجود. ڪيهي سبب اين خاڪون مل ملڪين ڪيتا سجود. فقير صاحب اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته انسان جي صورت ۾ جيڪا مکيه شيءِ موجود آهي، ۽ جنهن جي ڪري ئي ملائڪن به سندس اڳيان سر نوايو ۽ انسان جي ذات اڳيان غرور ڪندڙ شيطان مردود سڏجڻ لڳو، سا ڪا اهڙي جهڙي شيءِ نه آهي. اها شيءِ ته انسان جي تخليق کان به اڳ جي آهي ۽ قديم آهي. فرمائين ٿا: خوشيءَ ۾ پنهنجي خاڪ رلياسون، نه ته آدم ڪنون اڳي هئاسون. هاڻي ائين چوڻ بجا آهي ته جنهن شيءِ جي ڪري ملائڪن انسان کي سجدو ڪيو، اها شيءِ آدم جي وجود کان به اڳ جي آهي. هاڻي به، جڏهين اها شي انساني خاڪي بوتي کان ڌار ٿيندي، يا بوتي کي ڇڏي الڳ ٿيندي ته هڪ ناياب شيءَ وڃي رهندي. فقير صاحب ان لاءِ فرمايو آهي ته دُئي دل تان غير ڌريائون، سوريءَ تي چڙهي سير ڪيائون: ڳيت انا الحق ڳائين ٿا. مطلب ته خاڪ واري دئي جڏهين پري ڪئي ويندي ته باقي حق جي ذات وڃي رهندي ۽ انا الحق جو آواز ڪندي. رسول اڪرم لاءِ به فقير صاحب جن فرمائين ٿا ته: هن فاني جهان ۾ عدم کان جسم جو خاڪي چولو پهري، عام کان اولو ڪري، هت آيو هو: خاڪي پاڪي چولا، آيا ڪرڪي اولا. اڳتي هلي، ساڳئي ڪلام ۾ فرمائين ٿا ته: جڏهين کيس مٿي ويهڻ نه آيو، تڏهين هيٺ لهي آيو ۽ ميم وارو لقب رکيائين، يعني ”احد“ مان ”احمد“ ٿي آيو. عشق نه من وچ مايس، ميم لقب چا لايس. وري ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته رسول الله نسورو ذاق حق هو ۽ معراج وارو صرف بهانو آهي. حقيقت سڀڪجهه پاڻ آهي. عاشق به پاڻ ته معشوق به پاڻ. انا احمد بلا ميمي نور نسور ذات قديمي ڪيو مِنهن معراج. حق جي ذات هر انسان ۾ وسي ٿي. هو انسان کان پري نه آهي. فقط اسان جي غلطي آهي، جو ان کي سڃاڻي نه سگهيا آهيون. اها ذات اسان جي بلڪل ويجهو آهي، پر اسان جي اڻڄاڻائيءَ سبب سمجهون ٿا ته الله ستين عرش تي آهي. و نحن اقرب دور نه ڄاڻين، اڃا تڪين آسمان. ڇڏ اوڳا انهيءَ ريت رسم کي. ٻئي هنڌ فرمائين ٿا: وفي انفسڪم سمجهه اشارو، اهو اٿئي عنوان. سو، جيڪڏهن انسان انهيءَ بوتي کي ڀڃي، ذات حق کي الڳ ڪري وجهي، ته جيڪو فنا ۽ موت جو فڪر ئي ڪونه رهيس ۽ نسوري ذات حق جي وڃي رهي، جا باقي ۽ امر آهي. فقير صاحب جڏهن اها منزل ماڻي، تڏهن فرمائڻ لڳو: فنا جا هاڻي فڪر لٿاسون، موتوا قبل مري جياسون. جڏهن انسان پنهنجي هستي ماري ٿو وجهي، ته پوءِ نسوري ذات وڃيو رهي، ۽ ان ذات کي هر طرف صرف خدا جي ذات ئي ذات نظر ٿي اچي. اهڙا فقير جيڏانهن به مهاڙ ڪندا ته کين حق جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو، ڇاڪاڻ ته منجهن غير ته آهي ئي ڪونه، جو غير کي ڏسي سگهي. اهڙيءَ حالت ۾، هيءَ ڪثرت به کيس وحدت نظر ايندي. جڏهن هر صورت حق ڀانئين ٿا، تڏهن صوفي اچي سر نائين ٿا. (2) مرشد جي ساراهه: هي رندي طريقو، جنهن جو فقير خير محمد به هڪ پانڌيئڙو هو، سو ڪنهن سونهين يا واقفڪار جي رهنمائي کان سواءِ پار ٿي نٿو سگهي. مرشد کان سواءِ انهيءَ رستي کي صرف سمجهڻ به اوکو آهي. اهڙو مرشد، جيڪو حق تعاليٰ جو صحيح رستو ڏيکاري، تنهن جا ڳڻ ڳائڻ ۽ احسان مڃڻ جي زبان کي ڇا مجال آهي، پر تنهن هوندي به ڳڻ چوريءَ جي عيب کان بچڻ لاءِ لازمي آهي ته پنهنجي مرشد جي شڪر گذاري ڪئي وڃي. مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته فقير صاحب جو مرشد پير عبدالحي صاحب نوشهري فيروز وارو هو. فقير صاحب فرمائي ٿو ته منهنجو مرشد به حق جي سچن عاشقن مان هڪ هو، جنهن دنيا کي ڇڏي، پنهنجي اصلي وطن ڏانهن پرواز ڪيو. پيرِ مغان مخدوم عبدالحي، هو منجهه عاشقن، تنهن اصل واري آشيان، پرواز ڪيو پنهنجي وطن. فقير صاحب اهو سڄو ڪلام پنهنجي مرشد جي شان ۾ چيو آهي ۽ ان ۾ پنهنجي مرشد ڏانهن عقيدي جا گل پيش ڪيا آهن. فقير صاحب جي پنهنجي مرشد سان ڪيتري مراد وندي ۽ عقيدت هئي، تنهن جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪيو ويو آهي. اسان جي سنڌ جا صوفي، توڙي ٻاهريان به حضرت لال شهباز کي سڀني عاشقن، سالڪن ۽ رندن جو سردار ڪري سمجهن ٿا. قلندر شهباز خود به فرمايو آهي ته: سرور عاشقان مستانم، هاديء سالڪان عرفانم، سرگروهِ تمام راندانم، ڪ سگِ ڪوئي شير زيدانم. سو، فقير خوش خير محمد صاحب جن به لال شهباز سان پنهنجي عقيدت ڏيکاري آهي ۽ اوکيءَ ويل سندس مدد طلب ڪئي آهي: اچي حاضر حسيني ٿي، قلندر لال مروندي. اڳتي هلي حضرت لال شهباز جي واکاڻ ڪندي فرمايو آهي: تو وٽ چؤطرف چوڌاري، نمي ٿي هند سنڌ ساري، ڪابل ڪشمير قنڌاري، بلخ بيحد سمر قندي. تنهن کان پوءِ، فقير صاحب ان سردار ڏانهن به عقيدت ظاهر ڪئي آهي، جنهن لاءِ خود قلندر سلطان فرمايو آهي ته آئون ان گهٽيءَ جو ڪتڙو آهيان. حقيقت اها آهي ته حق کي حاصل ڪرڻ جو پهريون ڏاڪو آهي ئي اهو. رسول مقبول وٽ پهچڻ لاءِ اهو ئي در آهي. حضور جن پاڻ فرمايو آهي ته ”انامدينة العلم و علي بابها“. اهڙي هستيءَ جي ثنا ڪندي، فقير صاحب فرمائي ٿو: جنهان حب علي حيدر دي، ڪيهي ڪاڻ ڪڍن محشر دي. ساڳئي ڪلام ۾، حضرت امام حسين شهيد ڪربلا بابت چيو اٿن: خير محمد ڄل خاڪ چميجي، تنهن شهيدان دي شهر دي! اهو ئي دروازو آهي، جتان هر ڪنهن جو ڇوٽڪارو ٿيڻو آهي. انهيءَ دروازي جي غلامي ڏيڻ کان سواءِ، سڀ عبادتون بي سود آهن. ان دروازي جي غلامي هر هڪ لاءِ عين اسلام آهي. سو پاڻ به حضرت علي جن جي دؤر وينتي ڪندي چوي ٿو: رس شاهه نجف جا شير علي، اچي عاصين جي امداد ڪريو. حقيقي عشق جي امداد به انهيءَ چانئٺ تان منڱي ٿو: خير محمد جي دل خوش ڪر، خادم تنهنجو آهيان خاص علي. اچي عشق سندو ارشاد ڪريو. اهڙي برڪت ڀرئي دروازي تي نمڻ لاءِ فقير صاحب اسان کي هدايت ٿو ڪري ته: شاهه نجف جي شاهه جو، ٿج سوالي سنجهه صباح، وٽي ذوق ملندءِ واهه جو، ڪر نياز تان ماڻي نفعا. فقير صاحب، حضرت عليءَ جي اڳيان پنهنجي ڪمترين ۽ ضعيف حالت بيان ڪندي چوي ٿو ته اسان جي واهر ڪر، باقي اسان جو حال ڪونه آهي: بيشڪ بدعتي آهيون، مولا موالي تو سندا. اڳتي هلي چوي ٿو: حب حوض ڪوثر جي اٿئون، ٻي طلب طوبيٰ جي نه اٿئون، پي جام حيدر هٿئون، مولا علي شير خدا. وري ٻئي هنڌ فرمائين ٿا: صبح جو سوالي، منگي ٿو موالي، ڇڏيو ڪين خالي، وٽيءَ کي ورايو. (3) حسن جو وستار: صوفيانه اصطلاح موجب، حسن ۽ عشق، ٻئي نالا حق تعاليٰ ڏانهن منسوب آهن. هر هڪ صوفي شاعر جو حسن ۽ عشق جي ساراهه ڪئي آهي ۽ گيت ڳايا آهن، تنهن مان ائين سمجهڻ گهرجي ته اها ڪا عام حسن يا مجازي عشق جي واکاڻ نه آهي، پر حقيقي عشق ۽ حسن جي وستار آهي. هن دنيا ۾ به حسن جي ڪمي ڪانه آهي. ڀلان ڀل جو ڇيهه نه آهي. انساني صورت ۾ به اهڙو حسن رکيو ويو آهي، جو ڏسڻ سان عقل دنگ رهجيو ڃي ۽ حوصلا خطا ٿيو وڃن. حضرت يوسف جو حسن اهڙو ته جادوءَ ڀريو هو، جو بيبي زليخان جي ساهيڙين ۽ پاڙي وارين، هن جي حسن ڏسڻ سان بي خبريءَ جي عالم ۾ پنهنجي هٿ وڍي ڇڏيا! اهو ته آهي مخلوق جو حسن. اندازو لڳايو ته ان خالق اڪبر جو حسن ڇا هوندو، جيڪو اهڙي حسين مخلوق جو خلقيندڙ آهي. حديث ۾ آهي ته ”انا الله جميل، و يحب الجمال.“ انسان به حسن جو پوڄاري آهي. حسن کي پسند ڪرڻ سندس فطرت ۾ سمايل آهي. حسن جو مشاهدو روح جي خوراڪ آهي. روح حسن کي پسند ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو روح به ته خود ذات پاڪ جو جُز آهي. فقير خير محمد به ان حقيقي حسن جي اپٽار ڪئي آهي، جنهن کي پسڻ سان سندس ڦرجي وئي هئي. انهيءَ حقيقي محبوب جي حسن جي اپٽار ڪندي، فرمائي ٿو: رخ تنهنجي روشن ڪيو، جلوو ڪلام الله ٻئي هنڌ چيو اٿس: پسي صورت جو سلطان، همه حيران لڳي. ساڳئي ڪلام ۾، ان حقاني حسن کي گل جي سونهن سان تشبيہ ڏني وئي آهي ۽ پاڻ کي بلبل سان: کليا حسن چوطرف چوڌاري، بلبل ٿي مستان، برهه مستان لڳي. اهو حسن وري اهڙو ته دلفريب، دلڪش ۽ بيقرار ڪن آهي، جو هڪ دفعو ڏس ته وري ڏسڻ کان سواءِ آرام ئي نه اچي. ڪي جو ڪالهه اکيون ڏسي آيون، سي ته رهن نه ٻئي ڪنهن رايون. حسن ۾ اهڙو ته جادو سحر ۽ طاقت آهي، جو صنعان جهڙن عارفن کان به اهڙا ڪم ٿي ويا، جيڪي ظاهري شريعت جي بلڪل ابتڙ هئا: صنعان جهڙن سالڪن، تقويٰ جا ورق واريا. انهيءَ زلف جي زنجير ۾، اهي ڪاڪل ڪمڙا ڪاريا. مطلب ته حسن شهنشاهه کي هڪ دفعو ڏسڻ سان به عقل جليو رک ٿيو وڃي. دل بيقرار ٿيو پوي. عاشق سر جو سانگو لاهي، وتن انهيءَ حسن جي پويان پريشان حال گهمندا. دنيا کي ترڪ ڪيو، ٻيا حسن جي پوڄا ڪن. حسن جي حقيقي جلوي سان هي جسم جليو خاڪ ٿيو وڃي ۽ باقي ذات وڃي رهي، جيڪا امر ۽ ابدي آهي. حسن جي تجلي ۾ اها طاقت آهي، جو طور جهڙو جبل به سڙي خاڪ ٿي ويو. جهلي تاب حسن جون ڏسي جيڪو تجليون، جنهن سان جبل وڃي سارو طور جليون. اهڙي حسن کي صرف اندر واريون اکيون ئي ڏسي سگهنديون. ٻاهرين اکين کي طاقت نه آهي. جو ان جو تاب جهلي سگهن. ٻيءَ حالت ۾ حضرت موسيٰ وانگر بيهوش ٿي وڃبو. فقير صاحب محبوب حقانيءَ جي خماريل نيڻن جي واکاڻ ڪندي فرمائي ٿو: رمز ڀريون اکيون رانجهن جون، زور لٽن دل زاري. ساڳي ڪلام ۾ اکين کي تيرن سان تشبيهه ڏيندي فرمائي ٿو: مارن تير تفنگي خنجر، کنيون خوني نيڻ خماري. ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: ماريئه نينان دي نوڪ، سانون ٻهون من ڀاوڻا. ڏسو ته انهن ڪارين ۽ خماريل اکين کي ڪيئن نه گل نرگس ۽ رات ڏينهن سان ڀيٽ ڏني اٿس: رخ تي دلبر سونهين دلبر دي، نرگس چشم حوض ڪوثر دي، ظاهر باطن حق نظر دي، نين ڪهون يا دن رين ڪهون. وري زلفن جي ساراهه ڪندي، چوي ٿو: ڇٽي زلف اتي رخسار ميان، ڪڍي ڪاڪل برهه بازار ميان. ٻين عاشقن به محبوب جي ڀرن کي گهڻو ئي ساراهيو آهي، پير فقير صاحب جنهن نموني محبوب جي ڀُرن جي ڳالهه ڪئي آهي، سا ڪنهن عام شاعر وٽ نه ملندي: مزگان تير تي ابرو ڪمانان، جوڙ جادو جنگ ليندي هوجي. وري فرمائي ٿو: مزگان مورچي ٻڌ ميدان کڙن، چؤطرف نينان دي ٻاڻ لڙن، اتي وير بهادر ڪي خان کڙن، ويکو بانڪا بي پروا آيا. محبوب جي غبغب ۽ کاڏيءَ جي ثنا ڪندي ته ڪمال ڪري ڇڏيو اٿس: هن خوف خطر اهين راهه اتي، سوين چوڪيان زنخ والي چاهه اتي، هڪ غضب والا غار ميان، ڏوجها دام گيسو خمدار ميان. وري هي شعر ته پڙهو: ٿي غبغب دي وچ غرق ايوين، آهي مشتاقان دا مرڪ جيوين، کليا حسن دلبر دا ورق تيوين، جيوين جام جم و جم جم دا هئه. آخر ۾، فقير خوش خير محمد سائينءَ جو هي شعر لکي، مضمون جو اختتام ٿو ڪجي: دم دم ويک حسن دا مچ تون، پئو پتنگا وانگي وچ تون، سڙ اٿاهين،ٿي ول سچ تون، ويندي هئي رين وهائي. (ج) چونڊ ڪلام (1) ٿلهه: توڙي لکين پوشاڪون پهرين ٿو،ته به عشق چوي ٿو يار اجهو، 1. مرسل کي معراج گهرايو، پرت مجهون پيغام مُجيوَ، دوست پنهنجي کي درس ڪرايوَ، جيڪي توکي سير سجهيو. 2.ڪلهه ڪلهوڻي ڏاڏي آدم کي، بهشت منجهان ڏئي ڪڍيوَ ڏجهو، ڪالهه تڙايو، اڄ گهر جا ڪيڙوَ، ٻولي ڳجهارت پاڻ ٻجهو. 3. لاتحرڪ لا شڪ چيڙوَ، قصي انهيءَ جو ڪن ڪجو، اهڙا ٿو عنوان ڏئين، ته به موڳا ماڻهو پون منجهيو. 4. خوش خير محمد خير گهرو، وٿي تنهن کي ڪيم وجهو، ظاهر باطن يار تنهين سين، هر ڪنهن حاضر حال هجو. (2) ٿلهه: دل تي لا جا حرف ڌري، پڙهه پرهه واري باب کئون. 1. تون ته آدم يار ناهين، اڃا ڀورا ڪوئي ڀول ٿو ڀانئين، پڇج پنڌڙو ڪري، ڪنهن عشق سندي ارباب کئون. 2. ڇڏ هئڻ تون خود پرستي، پوءِ نئين ڏسندي حق جي هستي، نڪر تون نانهن ڪري، هن عالم جي اسباب کئون. 3. و نحن اقرب تو ۾ تنهنجو، ٻولي ڏس تون پاڻ ۾ پنهنجو، پرين سو ناهه پرين، لنگهه هئڻ واري حجاب کئون. 4. خير محمد ٻڌي هاڪ حسن جي، ڍولڻ ڪر تون منهنجي ملڻ جي، هاڻ دلبر تون ديد ڌري، کڻ نيڻ ٻئي نقاب کئون. (3) ٿلهه: تخت هزاري دا مالڪ، جانب جوڳي بن آيا. دليان لٽڻ دي ڪيتي، چاڪ لقب چا لايا. 1. آيا ٽردا ڦردا، قاف ڪشالي ڪردا. گهر ٿيا هر گهردا، روپي رکڪي رايا. 2. خاڪي پاڪي چولا، آيا ڪرڪي اولا، ڳالهه جنهن دا ڳولا، طالب تنهن دي تايا. 3. عشق نه من وچ مايس، ميم لقب چايس، پوش فقيري پايس، گهور حسن دي گهايا. 4. رانجهن راوي ڄليا، بخت اساڏا کليا. هير دي نالي هلي، مطلب سڀ ڪنهن پايا. 5. خير محمد هڪ واري، ڪر قربان جند ساري. وارڻ واري واري، ماهي ڪل دا هئه مايا. (4) ٿلهه: ڪنهن شوق تماشي شاه آيا، سامان سوڌا با سپاهه آيا. 1. آيا شاهه ٿيان هِن شاديان، ويڙهي مبارڪ باد يان. ملڪان ملڪ ٿيان مناديان، وچ مصر دي ڪنعاني ماهه آيا. 2. مزگان مورچي ٻڌ ميدان کڙن، چو طرف نينان دي بان لڙن. اتي وير بهادر ڪي خان کڙن، ويکو بانڪا بي پرواهه آيا. 3.چڙهي فوج حسن دي باري هئه، سارا لشڪر نين خماري هئه. چڙهه حملا ڪر هسواري هئه، سر عشاقان ڪاهه وڪاهه آيا. 4. اين ۾ مثلي دي وچ مثلي هئه، وه واه عجائب وصلي هئه. خوش خير محد دل تسلي هئه، اهو آدم بن ڪي الله آيا. (5) ٿلهه: جوڙ مصور صورت ڪون، مٺ خاڪ وچون ڪيتا موجود. آدم نام رکيوني اين دا، خالق ويک ٿيا خوشنود. 1. آدم دي اي عبرت ويکو، اصلئون آها عدم وجود. ڪيهي سبب اين خاڪي ڪون، مل ملڪين ڪيتا سجود. 2. وچ بهشتين بيحد مزي، ڪڻي پوکڻ دا ڪيها سود. رمز اهين اصلان رايا، شوق وڏي ڪنون ٿيا مشهود. 3. جامع مظهر صورت دا هئه، محبت واليان دا مقصود. آپي زور پيا وچ ذاتي، اربع عناصر وچ آلود. 4. بوتي دي وچ پوڻ ڪنون، ساز ٿئي هن سڀ سرود. حوران قصوران نال خوشي دي، ڳيت ڳايو هين مل مولود. 5. خير محمد خوش ملڻ دا، ذوق زياده ٿيوي زور. جي تون عاشق اثباتي دا هين، نال نفي دي ڪر نابود. (6) ٿلهه: احمد کي اوهين احد سڃاڻو، ميم واري اٿوَ مام. 1. ميم منجهال جي مست ٿيا، جنگ ڀري پي جام، احمد کي اوهين احد سڃاڻو. 2. ميم منجهان معلوم ٿئي، جو ٽوڙين دوئيءَ جا دام، احمد کي اوهين احد سڃاڻو. 3. ميم منجهان معلوم ٿئي، ’لا‘ جي ڪپي ڏس لام، احمد کي اوهين احد سڃاڻو. 4. خير محمد اهي خوش جو ٿيڙا، جن جو عشق امام، احمد کي اوهين احد سڃاڻو. (7) ٿلهه: پهري ميم سندي پوشاڪ، عرب ۾ ڏس احمد آيو. 1. جنهن جي نور طهور ڪيو، سارو ارض و سما افلاڪ، عرب ۾ ڏس احمد آيو. 2. پسي حسن پنهنجي کي، موٽي پاڻ ٿيو مشتاق، عرب ۾ ڏس احمد آيو. 3. مٿي تي محبوب جي سونهين، ڇت سهڻو لولاڪ، عرب ۾ ڏس احمد آيو. 4. خير محمد خوش ٿيو آهه، وحدت جا ٻڌي واڪ، عرب ۾ ڏس احمد آيو. (8) ٿلهه: پسي صورت جو سلطان، همه حيران لڳي، حيران لڳي، پريشان لڳي. 1. ديوَ ملائڪ حوران پريان، هر هڪ ٿيو حيران، پڙهڻ سبحان لڳي. 2. سر سونهين پوشاڪ پرين کي، موهيو مسيءَ ۽ پان، مٿس مرجان لڳي. 3. کليا حسن چؤطرف چوڌاري، بلبل ٿي مستان، برهه بستان لڳي. 4. سهسين ساز سرود تماشا، سازن جا آواز، جتي ڪٿي تان لڳي. 5. خير محمد خوش خبر انهيءَ جي، بيحد ڪيان بيان، جنهن جي جڙ جانِ لڳي. (9) ٿلهه: پسي مک روشن مهتاب، بيوس دل وئي آ ونگي جي. 1. صاحبي سرڪار انهيءَ ۾، هلي ڪين حساب، سوين سورهيه ويا سنگجي. 2. محبت جي ميدان انهيءَ ۾، ڪندا جوان جواب، جتي جاءِ ناهي جنگ جي. 3. دست چڙهي ويئي آ دلبر جي، ڇٽن ڪين شتاب، ٻاڻن سان دل پئي آ ٻنگجي. 4. خير محمد محب جي اڳيان، ڪُسي ٿيءُ ڪباب، لکڻ کان ڳالهه وئي آ لنگهجي. (10) ٿلهه: جهلي تاب حسن جون، جيڪو ڏسي تجليون، جنهن سان جبل وڃي، سارو طور جليون. 1. جتي ٻهڳڻ هڻن ٿا ٻاڻ ميان، تتي طالب جي آهي تاڻ ميان، مُٺا مون مشاهدي ڪاڻ ميان، ڪٺا ڪين رهن، توڙي ويڙهين وليون. 2. تنهنجي پنبڻين جا پيڪان چوان، يا نيزا بڙڇيون بان چوان، يا ابرو سيف ايران چوان، ڪيڏو ڪيس ڪن ٿيون اهي ڪاريون ڪجليون. 3. ويکو محبوبن جي مام ميان، جن کي ڦڪل ڦاسائڻ جي عام ميان، توڙي وير هجن ڪي وريام ميان، وجهي دام زلف ڪن ٿا دست دليون. 4. خوش خير محمد نظر نگاهه جاڏي، ويڙهي ويڙهي وَجهه الله تاڏي، سو ته بيشڪ ڏسي ٿو بالله ماڏي، ملي شهر بحر بيٺو ڳوٺ ڳليون. (11) ٿلهه: ڇٽي زلف تي رخسار ميان، ڪڍي ڪاڪل برهه بازار ميان. 1. هن خوف خطر اهين راهه اتي، سوين چوڪيان زنخ والي چاهه اتي، هڪ غبغب والا غار ميان، ڏوجها دام گيسو خمدار ميان. 2. اتي جاءِ نهين ڪسي آوڻ دي، ريءَ عشق بنا لئي پاوڻ دي، رخ تي ويڙهه ٻيٺئين ول مار ميان، جيوين چندن ڪون چوڌار ميان. 3. هر جاءِ حسن دي هوءِ ويکو، سارا ملڪ مڙيوئي خوشبوءِ ويکو، وه واه حسن هٻڪار ميان، جيوين عنبر مشڪ تاتار ميان. 4. مزگان مورچي ٻڌ صفان جوڙ کڙن، عاشقان نال امالڪ زور لڙن، ڇٽي نينهن نسنگ نروار ميان، ابرو سيف سٽن ڌوپار ميان. 5. چل عاشق وچ چوسول ويکن، وچون آپ وڃاڪي وصول ويکن، خوش خير محمد صدبار ميان، ڪيتا وحدت دا واپار ميان. (12) ٿلهه: وه واه سير حسن دم دم هئه، ڪاڻ عشاقان باغ ارم دا هئه، 1. تحقيق طوبيٰ دا نهين ڪوئي رايا، ڪاڪل سنبل دا ٿيڙا سعيا، جو حسن دي حيرت وچ آيا، تنهن ڪون دام زلف خم خم دا هئه. 2. ٿي غبغب دي وچ غرق ايوين، آهي مشتاقان دا مرڪ جيوين، لکيا حسن دلبر دا ورق ايوين، جيوين جام جم وَ جم جم دا هئه. 3. سانون لڳڙا شوق شرابي دا، جيوين نرگس تي نيم خوابي دا، کليا چهرا رنگ گلابي دا، جنهن ڪون پوش اتون شبنم دا هئه. 4. خير محمد رک طلب تنهان دي، پنجتن پاڪ پناهين دي، سڪ شاهه نجف دي سائين دي، جيڪو مالڪ عرب عجم دا هئه.