غلام مصطفيٰ سولنگي انسان هن دنيا مان ته هليا ويندا آهن، پر انهن جون يادون ۽ انهن جا ڪارناما هميشه لاءِ هتي رهجي ويندا آهن، هي سفيد مقبرا به انهن مهان مڙسن جي يادن کي سنڀاليو اچن، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ اهي وکر وهايا، جيڪي پڻ پراڻا ناهن ٿيا. ”رانئڪن جو مقام“ جي نالي سان مشهور هن تاريخي قبرستان ۾موجود هر هڪ مقبرو ڄڻ ته سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ دفاعي تاريخن جو هڪ هڪ ورق آهي. پنهنجي اندر ۾ ٽن سئو سالن کان به مٿي جي تاريخ رکندڙ رائنڪن جو مقام“ رڳو هڪ قبرستان ئي ناهي، پر پنهنجي دور جي اعلان هنرمنديءَ ۽ ذوق جو پڻ جيئرو جاڳندو ثبوت آهي، قبرن ۽ مقبرن تي ٿيل عمدي گُلڪاري ۽ بي مثال خطاطي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. رانئڪن جو مقام اُتر سنڌ جي وڏن قبرستانن ۾ ليکيو وڃي ٿو. هي تاريخي قبرستان غيبي ديري کان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اتر اولهه ڪنڊ تي موجود اهي. جڏهن ته هن قبرستان جي پکيڙ پنج سئو ايڪڙ ٿيندي، هن قبرستان ۾ چانڊيا قبلي جا نواب ۽ سردار آرامي آهن ۽ سندن مٿان عاليشان مقبرا اڏايل آهن، جيڪي پڪين ۽ سهڻين سرن سان ٺهيل آهن. هن گنجگاھ قبرستان ۾ موجود سڀ کان اوئلي مقبرو سردار ملڪ غيبي خان چانڊئي جو آهي. سندس اصل نالو ولي محمد خان هيو ۽ پاڻ سردار مرزا خان ٽئين جو لائق فائق فرزند هيو. سردار ملڪ غيبي خان 11 جمادل الاول 1110 هجري بمطابق سن 1699 ۾ وفات ڪئي ۽ هي مقبرو سندس وڏي فرزند واحد بخش سن 1700ع ۾ جوڙايو. هي تمام سادو، پر نهايت مضبوط ٺهيل مقبرو ٻن رازن امام بخش مشوري ۽ جڙئي رنگ ٺاهيو هيو. تازو ئي ان مقبري مٿان چوني جو سفيد پلستر ڪرايو ويو آهي. سردار ملڪ غيبي خان جي مقبري ڀرسان سندس ٻن موڀي پُٽن، سردار واحد بخش ۽ سردار خان جا مقبرا آهي، هي ٻئي صاحب به چانڊيا قوم جا سردار هئا، سردار واحد بخش خان 1713 ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سردار خان مٿس هي وڏو عاليشان مقبرو جوڙايو، هي مقبرو استاد ميرل مشوريءَ ۽ استاد الهندي رنگ سن 1715ع ۾ جوڙي تيار ڪيو. سردار خان 1780ع ۾ وفات ڪئي، مٿس وڏو عاليشان مقبرو سندس ٻن فرزندن سردار وريل خان ۽ سرويرَ ولي محمد خان ٺوڙهي جنگيءَ تعمير ڪرايو. اهو مقبرو 1782ع ۾ پنهنجي وقت جي مشهور ڪاريگرن صادق بوهڙ ۽ نوبت ڪمانگر جوڙي تيار ڪيو. سردار وريل خان، نانگ جي ڏنگڻ ڪري سن 1803ع ۾ وفات ڪئي. انهيءَ ئي سال سندن ننڍو ڀاءُ چانڊيا قوم جو ناليوارو سردار ولي محمد خان ٺوڙهو جنگي، قوم جو سردار مقرر ٿيو. ٺوڙيءَ جنگي هڪ سال جي ٿورڙي عرصي ۾ يعني 1804ع ۾ استاد قادر بخش ڪلهوڙي، محرم سامٽئي ۽ نبن ڪمانگر جي مدد سان هي عاليشان مقبرو تيار ڪرايو. سردار غيبي ولي محمد خان ٺوڙهي جنگي 1767ع ۾ غيبي ديري ۾ ڄائو ٿو، پاڻ 37 سالن جي عمر ۾ چانڊيا قوم جو سردار مقرر ٿيو، کيس ٺوڙهو ان ڪري چيو يوندو هو جو سندس مٿي تي وار بنهه ڪونه هوندا هئا ۽ جنگي ان ڪري سڏبو هو جو هن ڪل ٻاهٺ جنگيون وڙهيون ۽ ڪنهن به جنگ ۾ شڪست ڪونه کاڌي هئائين، سندس مشهور جنگيون هي آهن. سردار دلاور خان ڪهيري سان جنگ 1783ع ۾، سردار رتي خان بڪڪ سان جنگ سن 1792ع سردار جاڙي خان نوحاڻيءَ سان جنگ سن 1795ع ۾، سردار سنجر خان مهر سان جنگ سن 1798ع ۾، سردار صوڀي خان لهر سان جنگ سن 1800ع ۾، ميوي خان کلپر بگٽيءَ سان جنگ سن 1802ع ۾. سردار بکر خان سناڻيءَ سان جنگ سن 1807ع ۾، سردار دودا خان کٽياڻ سان جنگ سن 1809ع ۾، بدل خان لاشاريءَ سان جنگ سن 1813ع ۾، سردار محمد رحيم خان عمراڻيءَ سان جنگ سن 1817 ۾، چوهڙ خان جاگيراڻيءَ اسن جنگ 1822ع ۾، هيبت خان نومڙئي سان جنگ سن 1840ع ۾، سردار ميرڻ خان سٻاهئي سان جنگ سن 1840ع ۾، علي شير کلپر سان جنگ سن 1841 ۽ نوبت خان جکراڻيءَ سان جنگ سن 1845ع ۾. چانڊيا قوم جو هي ناليوارو سردار ۽ جرنل غيبي وير ولي محمد خان ٺوڙهو جنگي 81 ورهين جي ڄمار ۾ زيابيطس جي ڪري سن 1849ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو سندس پٽ غيبي اسحاق خان ۽ پوٽي غيبي ڏتا خان 1855ع ۾ جوڙايو. سردار غيبي اسحاق خان جو مقبرو به ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي. سندس وفات 1864 ۾ ٿي هئي. هي مقبرو سردار غيبي ڏاتا خان جو آهي. هي مقبرول 1878 ۾ سندس وڏي فرزند سردار غيبي محمد خان اول ٻن ڪاريگيرن ۽ ٽوھ مشوريءَ ۽ لعل زئور کان ٺهرايو هو، سردار غيبي ڏاتا خان جي حياتيءَ ۾ ئي سندس پوٽو نواب سر غيبي خان چانڊيو پيدا ٿيو هو. تعمير جو هڪ سهڻو مثال هي خوبصورت مقبرو نواب زداري ولي محمد خان شهيد جو آهي. پاڻ 1868 ۾ غيبي ديري ۾ ڄائو هو، پاڻ نواب سر غيبي خان کان پنج سال کن وڏو هو. سندس کيس 1893ع ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ شهيد ڪيو ويو. مٿس هي مقبرو ڀاءُ نواب سر غيبي خان چانڊيو ٺهرايو هيو، هي سهڻو مقبرو سن 1895ع ۾ ڪاريگرن ڇتي مشوريءَ، ٻڍي مشوريءَ ۽ دليل ٽانوريءَ ٺاهي تيار ڪيو. هن قبرستان ۾ موجود سردارزادي شاهه محمد خان اول جو مقبرو به ڏسڻ وٽان آهي. پاڻ ڪينسر وگهي 33 ورهين جي ڄمار ۾ 1913 ۾ گذاري ويو هو. سندس مقبري ۾ عاليشان ڪم ٿيل آهي. انهن مقبرن کان علاوه رانئڪن جي قبرستان ۾ سردار گهراڻي جي مانوارين مستورات جا ڪافي هديرا پڻ موجود آهن. نواب سر غيبي خان جي اهليه جو هديرو به هتي موجود آهي. مرحومه آئي صاحبه جي قبر کي چئن ئي پاسن کان ديوار آهي. اها قبر سنگ مرمرجي پٿر مان ٺهيل آهي. اهو پٿر نواب سر غيبي خان چانڊئي خاص طور تي آگري مان گهرايو هو، ان پٿر تي جيڪي ڊزائنون اُڪريل آهن، سي نهايت عاليشان ۽ وڻندڙ آهن. رانئڪن جي مقام ۾ ٻين به ڪيترن ئي شخصتن جون آخري آرامگاهون آهن. جهڙوڪ، مير مظهر علي خان، مير ڏاتا خان، وڏيرو غلام رسول خان، مير بخت جمال خان، مولوي ولي محمد، مير حسن علي خان، مير حسين علي خان، مير شاھ محمد خان، الهڏنو خان، وڏيرو شهه ولي خان، علامه محمد يونس، ساٿي فقير رنگ، مسو فقير رنگ، سومار فقير رنگ، ساجن فقير ناريجو، حاجي دائود ڀاڳت، حافظ محمد مريد چانڊيو، آخوند هارون چانڊيو، پنهو فقير ٻرڙو، درويش ڀنڀو فقير پيٽ ڪارو، سيد عبدالواسع شاھ بخاري، ڇتو فقير مڱڻيجو، قاسم فقير سماراڻي چانڊيو، نهال فقير، شابڻاڻي، علي بيگ فقير تنيو،درويش ميان مٺو سمون، جاڙو فقير قمبراڻي چانڊيو، وريو فقير خاصخيلي، ڪيهرو فقير گائيچو ڏٺڙ، شڪل فقير لاکو، آچر فقير مجاور، ڪمال فقير جانوري، مجذوب اوڀايو فقير ٽوٽاڻي، مجذوب ڪرم فقير ڀنڊ، مجذوب لعلو فقير خاصخيلي ۽ ٻيا. رانئڪن جي مقام ۾ سڀ کان نمايان مقبرو نواب سر غيبي خان چانڊيو جو آهي، سندس ولادت 25 ڊسمبر 1872ع ۾ ٿي هئي. کيس سخاوت ۽ غريب پروريءَ ڪري ايشيا جو حاتم طائي سڏيو ويندو هو. هي ڏاهو ۽ عظيم انسان 4 ڊسمبر 1954 ۾ انتقال ڪري ويو. کيس رانئڪن ۾ مرحوم مير محمد خان جي مقبري جي اوڀر طرف دفنايو ويو. مٿس عاليشان مقبرو سندس پوٽي سردار نواب احمد سلطان خان چانڊئي جوڙايو هو. مقبري جو ڪم وچ ۾ رهجي ويو هيو، جنهن کي بعد ۾ نوابزادي مير علي نواز خان مڪمل ڪرايو هو. هن مقبري جي اندر سردار احمد سلطان خان جي مزار به موجود آهي. سردار شبير احمد خان چانڊيو به هتي ئي مدفون آهي. نواب سر غيبي خان جي مقبري جي لڳو لڳ ساڄي پاسي کان گلزار مسجد به ٺهيل آهي. هيءَ مسجد نواب سر غيبي خان مير محمد خان مرحوم جي ياد ۾ 24 مئي 1952 ۾ جوڙائي هئي.رانئڪن جي قبرستان ۾ موجود مقبرن جي اڏاوت اڌ فوٽي چورسين پڪين سردارن سان ڪئي وئي آهي. مٿان وري ڳچ گاري، چوني ۽ شيءَ جو ليپ ڪيو ويو آهي. اڪثر مقبرن تي ٺهيل ننڍڙيون بُرجون ۽ ٻيو ڊزائنون ڏاڍيون وڻندڙ آهن. ڪجهه مقبرن جي اندر گلڪاريءَ جو ڪم به ٺاهوڪو ٿيل آهي. رائنڪن جو مقام رڳو سنڌ جي تاريخ جو هڪ مکيه بابت ئي ناهي، پر ان ۾ موجود سمورا مقبرا تڏهوڪي دور جي تعميراتي فن جو پڻ لاجواب نمونو آهن. انهن مقبرن کي سنڌي رازن جي فن ۽ ڏانءَ جو شاهڪار چئي سگهجي ٿو.