نه تَڙَ تي تماچي ، نـه گـنـدريءَ گُــذارا ، اَسـارا اَسـارا ڪـينجـھر جـا ڪـنارا . اُتر واءُ اوتـي ، جتـي عـطر تـو تـي ، هَـيـا هـنـج ! تُـنـهـنـجـا اُتـان هِـي اُڏارا ! ڳُنڌي وارَ ڪنهن لاءِ آئينءَ ڳهيلي ؟ چَري! چاڳ ڪهڙا! ڪٿي چاهه وارا! جڏهن کان وئين تُن وِرهَه، راس آيون، نه گهر تي گهٽائون نه سر تي ستارا. اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي ، اچي ٿي، متان ائين سمجهين مُئا مور سارا ! وَڏا وَڙ ڪيا نَڙ ، ڀلــي آئين چارڻ ! جَڏا جيءِ جـاڳـي پـيــا او جـــيــارا ! اڙي هي اُمارا ! مُــئي ناهه مَڪلي ، ’ ايـــــاز ‘ اڄ وتاســين پَٿــر جـا پنـارا.