نه تَڙَ تي تماچي

منصور سرور

سينيئر رڪن
نه تَڙَ تي تماچي ، نـه گـنـدريءَ گُــذارا ،
اَسـارا اَسـارا ڪـينجـھر جـا ڪـنارا .
اُتر واءُ اوتـي ، جتـي عـطر تـو تـي ،
هَـيـا هـنـج ! تُـنـهـنـجـا اُتـان هِـي اُڏارا !

ڳُنڌي وارَ ڪنهن لاءِ آئينءَ ڳهيلي ؟
چَري! چاڳ ڪهڙا! ڪٿي چاهه وارا!

جڏهن کان وئين تُن وِرهَه، راس آيون،
نه گهر تي گهٽائون نه سر تي ستارا.

اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي ، اچي ٿي،
متان ائين سمجهين مُئا مور سارا !

وَڏا وَڙ ڪيا نَڙ ، ڀلــي آئين چارڻ !
جَڏا جيءِ جـاڳـي پـيــا او جـــيــارا !

اڙي هي اُمارا ! مُــئي ناهه مَڪلي ،
’ ايـــــاز ‘ اڄ وتاســين پَٿــر جـا پنـارا.

 
Back
Top