بهار جي جهوٽي جهڙو انسان ! اعجاز منگي هنکي ته سائين جي ايم سيد وانگر تاريخ جي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو پر زندگيءَ جي پوئين موڙ تي ميڊيا آڏو هو ڪورٽ ۾ آيو به ته پنهنجي ان فيملي ميٽر سبب جنهن تي سنڌ جي روشن خيال صحافين کي ڪاوڙ ته تمام گهڻي آئي پر هو اهو سوچي چپ رهيا آهن ته “اهو جوئي صاحب جو ذاتي معاملو آهي” پر هن جي ذات ڇا آهي؟ ڇا هن جي ذات صحافي ڪالونيءَ جو هڪ ننڍڙو گهر، پنج ڇهه ٻار ۽ هڪ پينشن بڪ آهي؟ هو ڀلي اهڙي سوال جي جواب فقيري رمز سان ڏيندي بلها شاهه جو اهو شعر پڙهي ته: “ڪي پڇندا ئين ذات بلي دي لپ مٽي، ٻڪ ڇائي......!!” پر اها لپ مٽي ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهليل سنڌ آهي. هن جي ذات ۾ اهو ڪاڇو به آهي، جيڪو آرهڙ جي آڪاس هيٺان هيري وانگر چمڪندو آهي. هن جي وجود ۾ اهو اتر به آهي، جنهن ڪوسي واءُ ۾ صرف وڍ نه پر هڪ ڏڍ به هوندو آهي. هن جي شخصيت فقط 99 سالن جو مسلسل پورهيو نه پر اها پيڙا به آهي، جنهن جو هر پور پگهر ۾ آلو هوندو آهي. جهڙالي جيءَ وارو اهو انسان پنهنجي سوچ ۾ سهيڙي رکندو آهي، لاڙ جون اهي سانجهيون جن ۾ مانجهي پرديسي پکين جي پرن وانگر ونجهه هلائيندا ڪينجهر جي ان وڃائجي ويل ڪناري کي تلاش ڪندا آهن، جتي نوري نورا پائي نچندي هئي! هو جنهن جي ڏٻري ڏيل پويان ڪارونجهر جهڙي ارڏي آتما آهي ۽ وارياسي وطن جا سمورا مور هن جي روح ۾ رڙيون ڪندا آهن. هو جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو آهي.ملنسار آهي. جنهن سموري زندگي سقراط وانگر صبر جي زهر جا ڍڪ پيتا آهن، سو ان وقت سنڌ جو سرڪش روپ بڻجي ويندو آهي، جڏهن هن جي آڏو ڪو سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان وقت هن جي ڪاوڙيل ۾ ڀريل اکين مان ليئا پائيندي آهي، درياءَ خان جي اها تلوار جيڪا اڃان تائين دانهن جهڙي ديس ۾ هڪ مضبوط هٿ واري ٻانهن تلاش ڪري رهي آهي! ان ڪري هن جي ذات صرف محدود حوالن جي حوالي نه ڪريو! هو پنهنجي ڌرتيءَ جو اهو دودو آهي، جنهن جي وقت جي ٻاگهي آلين اکين سان اهي ٻول ٻڌائيندي آهي ته: “او دادا دادي اڌ لوئي مون انگ تي اڌ ۾ آزادي” پر هن جي صرف تاريخ جي جاگرافيائي سرحدن ۾ سوڙهو نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هن جو وطن صرف مٽيءَ جو مانڊاڻ ناهي. هن جو ديس انهن هزارن ڪتابن مان حاصل ٿيندڙ اهو شعور به آهي، جنهن جا شعاءَ هن غلاميءَ جي تاريڪ راتين ۾ شهاب ثاقب وانگر سنڌ جي فڪري آسمان تي ڦهلايا!! هن جي ذات تاريخ جو اهو ضمير آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي پوري قوت سان ظلم ۽ جبر کي للڪاري رهيو آهي. پر پوءِ به هن کي پيار آهي، پنهنجي ان ٻوليءَ سان جنهن جا سر هن جي روح تي آيل رهڙن مٿان محبت واري مرهم مهٽيندا آهن. جڏهن اونهاري جي اس ۾ ڪانو جي اک نڪرندي آهي ۽ سج سنسان گهٽين مٿان آگ اوتيندو آهي، تڏهن هن کي ٿڌي هير جهڙا جهوٽا محسوس ٿيندا آهن، محمد جمن جي انهن ٻولن مان ته: “دريءَ منجهاران دوست ڏٺوسين لالڻ ليئڙو پائي، جو هليو ويو!!ڪنهن کي ٻڌايان؟” هن اڄ تائين ڪنهن سان به سليو آهي، پنهنجي روح جو اهو راز ته هن وٽ “سسئي جو سفر.....ڀنڀور جو ڀاڳ....ڪيچ طرف ڪاهه ....۽ پنهونءَ جي پيارن جا نشان” اهي انقلابي علامتون آهن، جن کي هن عالمي فڪر سان سلهاڙي سنڌ کي تنگ نظري ۽ تعصب کان بچائڻ جي لاءِ ترجمن جي صورت پيش ڪيو آهي. هو جيڪو اسٽيجي اداڪارن وانگر گجگوڙي تقريرون نه ڪندو آهي پر هن جي ماٺيڻي ٻوليءَ ۾ چين جي مهاجنگجو استاد سن زوءَ جي لڪل پر مستقل تياري هوندي آهي. وقت ڀلي ڪهڙو به رهزن روپ اختيار ڪري پر هن ڪڏهن به اهي واعدا فراموش نه ڪيا آهن، جيڪي تاريخ جا ارڏا پٽ پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ سان ڪندا آهن. جڏهن سنڌ مٿان آمريت تيزاب جي برسات وانگر پئٽجي رهي هئي، تڏهن به هو “هدايت” جهڙي بظاهر سادي سودي لفظ سان پبلش ٿيندڙ رسالي جي پوئين صفحي تي امداد حسينيءَ جو اهو انقلابي نظم شايع ڪندو هو هو ته: “حالتن کان فرار ڇاجي لاءِ؟ سج سورج مکيءَ جي آڏو جهل هي انڌيرن سان پيار ڇاجي لاءِ؟” هو جنهن کي سنڌ جي سور جو سڳو سوريندي ويٺي ويٺي اوچتو ۽ اچانڪ ڪوئي پور پوندو هو ۽ هو بائرن جي انقلابي نظم ”شلان جو قيدي” کي لطيف جي ٻوليءَ ۾ لاهي سنڌ جي نوجوانن کي اهو اتساهه ڏيندو هو ته “زنجير ٽٽڻ لاءِ هوندا آهن” هو جنهن تاريخ جي واڳ پنهنجن هٿن ۾ ورتي ۽ جهور ٿيڻ تائين هن جون اهي آڱريون ٿڪ سبب چور نه ٿيون، جيڪي قلم کي ڪنهن علم وانگر پڪڙي “شاهه، سچل، سامي” جو ترشول رهزن سمئه جي سيني ۾ لاهي، کيس احساس ڏياريندو هو ته “تاريخ جي اها جنگ اڄ به جاري آهي” هو جنهن جهالت پسند ۽ انسان دشمن ملائيت جي مٿي ۾ پنهنجي پين کي پاڻي پياريل ڪهاڙيءَ وانگر اسٽيفن زويگ جي ڪتاب جي صورت “فڪر جي آزادي” جي نالي سان ڪڙڪايو. جيڪڏهن هن وقت به سنڌ انتهاپسنديءَ جي آڏو نه جهڪي آهي ته ان ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي يوڪلپٽس جي وڻ جهڙي ماڻهوءَ جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، جنهن صرف Save Sindh Save Subcontinent جي عنوان سان “ننڍي کنڊ جو مقدمو” ئي نه پر پنهنجي “امڙ ٻوليءَ” ۾ ائين شاعري ڪئي، جيئن دوستو وسڪي ٻارن لاءِ لوليون ڳائيندو هو. ٿورو کائڻ ۽ گهڻو پڙهڻ وارو ان انسان پنهنجي جسم سان ڪڏهن به پيار نه ڪيو. ان ڪري هن جي جسماني اولاد جي حوالي سان هن جي ذات کي محدود نه سمجهڻ گهرجي پر هن پنهنجي فڪر مان جيڪا باشعور اديبن، شاعرن، محققن ۽ آرٽسٽن جي قوم پيدا ڪئي، انهن جا حملن جهڙا جملا اڄ به سنڌ جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اڄ به ڪوئي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” پڙهي ته ڏسي! هڪ شاعر کان رومانوي ۽ انقلابي خط لکرائي ۽ اهي پوري سنڌ کي پڙهائي ۽ ان جي محبت ۽ مانَ ڀري موٽ مان لطيف جي لاٽ کي ٻاري رکندڙ شيخ اياز جي تخليق ڪندڙ شخص محمد ابراهيم جويو هو، جنهن جي نالي اياز پنهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو “ڀوئنر ڀري آڪاس” شايع ڪندي، پنهنجي دوست استاد جو تعارف لطيف جي انهن لفظن سان ڪرايو ته: “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي” هو جنهن جي تنقيد ۽ جنهن جا تبصرا ۽ جنهن جون صلاحون شيخ اياز جي شاعريءَ لاءِ سراڻ جو ڪردار ادا ڪنديون رهيون، سو ان وقت به اياز جي روحاني تيماداري ڪئي، جڏهن حالتن اسان جي شاعر کي ايترو رنجايو هو جو هن “ماضيءَ ۽ مستقبل” جي نالي وائين جي ڪتاب “لڙيو سج لڪن” ۾ جو مهاڳ لکڻ لاءِ هن کي چيو ۽ هن اياز جي سور ڀڀرين سرن کي “اميد طرف ڪاهه ڪندڙ مايوسي” قرار ڏنو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته سکر جي جلاوطنيءَ جهڙي ماحول ۾ اياز ڪيترن سالن کان پوءِ رسي ويل ڏات کي ويجهو ڪندي لکيو هو ته: “نيٺ ته ٺرندا ڪيسين ٻرندا؟ ڏينهڙا!! ٻور جهليندا ميوو ڏيندا نيٺ ته ڦرندا ڏينهڙا! ساجن ڪيسين تو بن سرندا ڏينهڙا!!” پوءِ وري اهي ڏينهن وريا ۽ ضيائي آمريت جي ظالم دور دوران اياز حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ان نظم سان پنهنجي واپسيءَ جو اعلان ڪيو ته: “اڇا ڪتا ڪارا ڪتا آپيشاهيءَ وارا ڪتا فوجي ورديءَ وارا ڪتا ها ها سڀ هڪجهڙا آهن” ۽ صرف اياز نه پر اهو محمد ابراهيم جويو ئي آهي، جنهن سنڌ جي مارڪسي دانشور ۽ دلير سياستدان رسول بخش پليجي سان ڀرپور ساٿ نڀايو. جنهن سنڌ کي جدلياتي ماديت جو ابجد به پڙهايو ۽ اهو به محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن جهالت جي انتهائي سخت ۽ سنگين دور ۾ غلاميءَ جي مٿان قلم جي ڪاهه ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي سمورن ڪتابن کي هر طرح سان سنڀالي، سنواري ۽ نکاري نئين سنڌ جي فڪري ۽ سياسي جنم لاءِ پيش ڪيو! ان ڪري هن جي ذات گهڻ پاسائين ۽ ايتري ڦهليل آهي، جيتري هن جي اها ڌرتي، جنهن کي هن هر دور جي امر ۽ حسين سرتي بڻائي سنڌ جي نئين نسل کي وطن سان نينهن نڀائڻ سيکاريو. ان ڪري هو صرف سنڌ جي علم ۽ ادب جو نه پر ان عشق جو به استاد آهي، جيڪو “سوريءَ کي سيج” سمجهندو آهي. سنڌ جا اڇن وارن وارا اڙٻنگ نوجوان پنهنجي محبوب استاد محمد ابراهيم جوئي جو تمام گهڻو احترام ڪندا آهن. ان ڪري هن ڀيري جڏهن هن کي سندس ٽن ڪلڇڻن پٽن مان تڪليف پهتي، تڏهن سنڌ جي نوجوانن کي ڪاوڙ ته تمام گهڻي آئي پر انهن ان معاملي کي “جوئي صاحب جو ذاتي معاملو” سمجهندي صبر ڪيو پر نوانوي ورهين جي هن نوجوان شخص کي تڪيلف ڏيندڙ ٽي چار لوڀي ائين نه سمجهن ته محمد ابراهيم جويو صرف چئن پٽن جو پيءُ آهي. هو اڄ سنڌ جي لکن نه ته هزارن سڌن توڙي ڏنگن ڇوڪرن جو فڪري ابو آهي. ان ڪري هن جي جسماني اولاد کي صرف ان تي فخر محسوس ڪرڻ گهرجي ته هن شناختي ڪارڊن سندن والد جو نالو محمد ابراهيم جويو آهي! ۽ انهن کي هاڻي هن جهوني جوڌي کي ڪنهن به طرح سان تنگ ڪرڻ جي ڪوشش کان باز رهڻ گهرجي نه ته هن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ سموري سنڌ پلٽجي سگهي ٿي ۽ ردعمل جو اهو انداز محمد ابراهيم کي به نه وڻندو. ڇو ته هو ذاتي معاملن جي ان خصيص پڻي واري خواريءَ کان دور رهڻ چاهي ٿو ۽ بهار جي جهوٽي جهڙو انسان اڄ به اهو چاهي ٿو ته هن جي ساهه جي سازن تي محمد جمن جو اهو ڪلام واروئنوار وڄندو رهي ته: “ڪارون وس ڪيام ڪارون وس ڪيام ڪارون وس ڪيام ڙي هئه هئه لڏي ڏور ويا مئيءَ جو هوت نه موٽيو!” ۽ اهڙيون صدائون ٻڌي هو پنهنجن نيڻن جي اڇن ڇپرن مان محبت جا ڪجهه موتي ڇاڻڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي دل ۾ پنهنجي ديس جي نجات ماڻڻ چاهي ٿو.
جويو صاحب سنڌ جي انهن شخصيتن مان آهي جن علمي پورهيو ڪيو آهي ۽ مسلسل روشني جي سفر ڏانهن وک جاري رکي اٿن. اهوئي سبب آهي جو هو اسان لاء رهنما بڻجي پيا آهن. پر جڏهن سندس ئي اولاد کيس ڪورٽ ڪچهري ۾ آندو هو ته اکين مان ڳوڙها ٽپڪي پيا هيا.
سائين محترم محمد ابراھيم جويو صاحب سنڌ جي صدين جي تاريخ جا عڪس آھن. الله پاڪ سائين جويو صاحب کي تندرستي و صحت عطا فرمائي. آمين