ڀُنگ تي اغوا جي واردات ڪرڻ واري هڪ ٽولي هڪ لکاپتي همراهه جي زال کي اغوا ڪرڻ بعد همراهه ڏي ڀُنگ جي پرچي موڪلي ان سان گڏ مائيءَ جون ڪٽيل ٻه آڱريون موڪليون. پرچيءَ ۾ لکيل هو ته جيڪڏهن ڀنگ جا 10 لک نه موڪليئي ته مائيءَ جا باقي پيس توکي جلدي ملي ويندا.. همراهه جواب ۾ ٻي پرچي لکي موڪلي... ”اوهان پاران موڪليل ثبوت ناڪافي آهي، مهرباني ڪري وڏو ثبوت يعني زبان جلد از جلد موڪليندا... پئسن جو انتظام جاري آهي............... “