دنيا جا سڀئي ڪم ڪنهن نه ڪنهن سرشتي موجب مڪمل ٿين ٿا. اهڙي طرح ڪمپيوٽر به هڪ سسٽم مطابق هلايو وڃي ٿو. ڪمپيوٽر هڪ اهڙو مشيني سرشتو آهي، جيڪو تمام ننڍن ننڍن اليڪٽرانڪس ڪارڊز سان ملي ڪري ٺهي ٿو. انهن ڪارڊز کي هلائڻ لاء هڪ سسٽم جي ضرورت ٿئي ٿي، جنهن کي “ آپريٽنگ سسٽم” چئجي ٿو. هن وقت دنيا ۾ انگريزي زبان جا آپريٽنگ سسٽم سڀني کان گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انگريزي دنيا ۾ سڀ کان گهڻو ڳالهائڻ ۽ عام سمجهڻ واري ٻولي آهي. دنيا جو سڀ کان پهرين ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم مائيڪرو سافٽ ڪمپني 12 آگسٽ 1981ع ۾ ايم ايس ڊوس جي نالي سان روشناس ڪرايو، جيڪو گهڻي وقت تائين ڪمپيوٽر جو واحد آپريٽنگ سسٽم رهيو. ٻيا آپريٽنگ سسٽم مثال نارٽن ڪمانڊ، يونيڪس وغيره ايترا مقبول نه ٿيا. ان کان پوء آهستي آهستي ايم ايس ڊوس جي جاء ونڊوز وٺي ڇڏي. اڄڪلھ ونڊوز جا مختلف ورزن اچي چڪا آهن. مثال ونڊوز 95, 98, 2000, ونڊوز اين ٽي ۽ هاڻي ونڊوز ايڪس پي کي ايترو ته پسند ڪيو وڃي ٿو، جو ٻيا آپريٽنگ سسٽم پوئتي رهجي ويا آهن.