پنهنجي چوڌاري نظر فيرائي ڏسجي ته ڪهڙي شي پروردگار نه خلقي آهي.. پاڻي، هوا، نديون، زمين، آسمان، جبل، پهاڙون، ٻيلا، ٻنيون، باغ. ميوا، ڪپه، هر شي هن ڌرتي تي موجود آهي جنهن کي اسان ڳڻي نٿا سگهون.. ڌرتي تي 11 هزار الله مخلوق جا قسم آهن پروردگار انهن شين کي پيدا ڪيو پو هر مخلوق هر جانور هر جيت کي نالو ڏنو... پر سڀني مان اول درجو انسان(اشرف المخلوقات) کي ڏنو ويو ان کي علم عطا ڪيو ويو.. الله تعالى حضرت آدم کي پيدا ڪيو پو ان کي علم عطا ڪيو. هڪ قسم جو علم رب پاڪ جانورن کي به عطا ڪيو آهي جنهن کي ماڻهو بي عقل سڏيندا آهن.. جڏهن جانور جي اڳيان پاڻي رکبو ته جانور پاڻي کي پاڻي ئي سمجهندو.. ٻڪريون گاهه پن وغريره کائن ٿيون. شينهن پنهنجي خوراڪ ۾ گوشت شڪار ڪري کائين ٿا پکي اَن وغيره کائڻ ٿا.. جڏهن شينهن جي اڳيان اچي پن ۽ گاهه وغيره رکبو ته اهو نه کائيندو ڇو جو الله ان کي علم عطا ڪيو آهي تڏهن ته هو پنهنجي خوراڪ کي سڃاڻي ٿو اگر بي عقل هجي ها ته ضرور گاهه ۽ پن کائيندو.. جهرڪي جڏهن پنهنجي اکيرن ۾ شام جو ايندي آهي ته پنهنجي ٻچن لا ضرور ڪجهه کاڌي لا آڻيندي آهي.. ۽ پنهنجي ٻچن کي سردي ۾ پنهنجي پرن ۾ لڪائيندي آهي.. ان کي اهو ڪنهن به نه سکاريو آهي يقيناََ رب پاڪ ان کي هڪ قسم جو علم عطا ڪيو آهي جنهن سان هو کائي ٿي پيئي ٿي هلي ٿي گهمي ٿي پنهنجي ٻچن جو ڌيان رکي ٿي جڏهن اهي وڏا ٿين ٿا ته انهن کي اڏرڻ سيکاري ٿي.. ساڳي طرح جانور به پنهنجي ٻارن جو ائين ئي خيال رکن ٿا ۽ ڪهڙي شي کان انهن کي خطرو آهي هو اهو به ڄاڻين ٿا.. ڪهڙي شي ۾ انهن جو فائيدو آهي ڪهڙي شي ۾ انهن کي نقصان آهي.. سڀ ڪجهه سمجهن ٿا. پو جانور کي بي عقل ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟؟ هڪ طرف الله سائين ڪپهه پيدا ڪئي ته جيئن انسان پنهنجي جسم کي ڪپڙن سان ڍڪين.. پنهنجي جسم کي سردي گرمي کان محفوظ ڪن.. پاڻي هوا جيڪا انسان ۽ جانور جيت هر مخلوق جي جياپي جو ذريعو آهي.. جنهن سان انسان توڙي جانور زنده آهن.. قدرت جيڪي ڪجهه هن ڌرتي لا پيدا ڪيو آهي هر شي انسان جي ڪم ۾ اچي ٿي.. پر ڪيترو به ڪجهه ڇو نه هجي پر آخر هي دنيا انسان جانور هر مخلوق فنا آهي.. انسان پيدا ٿئي ٿو کائي ٿو پئي ٿو گهمي ٿو ننڍي کان جوان ٿئي ٿو ۽ جوان کان پوڙهو ٿئي ٿو ۽ پو الله کي پيارو ٿي وڃي ٿو.. انسان هر ڳالهه ۾ پنهنجو وس هلائي ٿو پر پيدا ٿيڻ يا مرڻ وقت انسان جو ڪهڙي قسم جو به وس نٿو هلي انسان بي وس آهي... جڏهن انسان پيدا ٿئي ٿو هو نا سمجهه هوندو آهي پو ان کي علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن وڏو ٿيندو آهي تڏهن هن ۾ پاڻ به گهڻو عقل اچي ويندو آهي.. پر آخر هي دنيا فنا آهي... هڪ انسان جڏهن مري وڃي ٿو ته ان جو جسم خاڪ ۾ ملي وڃي ٿو ۽ ڪجهه وقت کان پو ان جون هڏيون به سڙي خاڪ ۾ ملي وڃن ٿيو.. انسان مرڻ کان پو به زندهه هوندو آهي قرف انسان جو جسم مرندو آهي انسان جو روح انسان وانگر ئي سلامت هوندو آهي پر هو باقي انسانن وانگر ناهي هوندو.. پروردگار فرمائي ٿو مٽي جا هئا مٽي ۾ ملي ويا.. جنهن مٽي مان انسان پيدا ٿيو وري انهي مٽي ۾ ملي مڪس ٿي ويو.. هڪ دفعو الله تعالى حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي فرمايو ته جڏهن توکان ڪو پڇي ته روح ڇا آهي ته ان کي چوجان روح الله تعالى جو امر آهي.. سبحان الله........الله تعالى فرمائي ٿو مون جيڪو ڪجهه عطا ڪيو آهي ان کي استعمال ڪريو ۽ شڪر ڪريو.. هي ڌرتي تمام وسيع آهي ان کي استعمال ڪيو پنهنجي لاءِ ايترو گڏ ڪيو جيترو اوهان کي ضرورت آهي.. ضرورت مطابق شي استعمال ڪرڻ ۾ الله جي خوشي آهي.. ۽ الله تمام رحمدل آهي جنهن انسان حيوان لاءِ ايتري قدر هر شي تخليق ڪئي جنهن جو ڪير به اندازو نٿو لڳائي سگهي.. بلڪل اسان کي گهرجي ته ان جي عبادت ڪريون ان جي قرآن پاڪ کي پڙهون ۽ سمجهون..