• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خيرپور ۾ 14 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان لڳايل سولر سسٽم

منصور سرور

سينيئر رڪن
خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي شهر خيرپور ۾ 14 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان لڳايل سولر سسٽم مڪمل طور تي ناڪام بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان شهر ۾ لڳايل سولر سسٽم ۾ وڏي ڪرپشن جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سولر سسٽم وارو ٺيڪو پ پ ايم اين اي مهرين ڀٽو جي ڀاءُ ڪاشف علي ڀٽو کي ڏنو ويو هو، جنهن شهر جي ڪجهه محلن ۽ مين رستن تي سولر سسٽم وارا پول لڳرايا، جيڪي پڻ هاڻي مڪمل طور تي ناڪارا بڻجي ويا آهن، جنهن سبب رات جي وقت لوڊشيڊنگ دوران خيرپور جي شهرين کي سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهو به چيو پيو وڃي ته سولر سسٽم وارا پول شهر جي هر چوڪ چوراهي، محلن ۽ گهٽين ۾ لڳائڻ بدران سياسي ماڻهن جي محلن ۽ گهرن جي ٻاهران لڳايا ويا آهن، جڏهن ته خيرپور جا ڪيترائي محلا غريب آباد، حامد شاهه ڪالوني، بابو شاهه محمد ڪالوني، ڏٻر محلا، اوستا گاهي، پنجهٽي محلا ۽ ٻين محلن ۾ سولر سسٽم جا پول نه لڳايا ويا آهن، جنهن سبب اتان جا رهواسي ان سهولت کان مڪمل طور تي محروم بڻيل آهن، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پ پ ايم اين اي نواب خان وساڻ، پ پ ايم اين اي مهرين ڀٽو، پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل ۽ ٻين سياسي ماڻهن جي گهرن اڳيان سولر سسٽم جا پول لڳل آهن. ان سلسلي ۾ خيرپور جي شهرين ۽ ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته خيرپور ۾ 14 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان لڳايل سولر سسٽم بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ شهرين کي فائدو ڏيڻ بدران پنهنجي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ لڳايو ويو آهي ته جيئن ان مان اقتداري ڌر جا ماڻهو فيض حاصل ڪري سگهن ۽ پيسو ڪمائي سگهن، تنهن ڪري اهڙي قسم جا ڪم ايماندار ماڻهن کي ڏنا وڃن ته جيئن خيرپور جي شهرين جو ڀلو ٿي سگهي.
Khairpur-issue11-300x174.jpg
 
انهن اسڪيمن جي ناڪامي هو هڪ وڏو سبب آهي اتي موجود اهڙا ماڻهو جيڪي ڪجهه به نه ٿا ڄاڻن، اهي مينٽيننس جو ڪوبه خيال نه ٿا رکن.

ڪرپشن ته سنڌ ۾ آهي ئي آهي ... پر پوء به جيڪو ڪم ٿئي ۽ ان کي بهتر نموني سنڀالجي ته اهو به غنيمت آهي. پر افسوس جو خيرپور هميشه سياسي ۽ سفارشي ماڻهن جي حوالي هوندي آهي، پوء پ پ پ جو دور هجي يا فنڪشنل جو دور هجي ۽ اهائي سچائي آهي.

اربين روپيا مختلف اسڪيمن تي لڳائڻ کان پوء به اتي وڃجي ٿو ته ڪا بهتري نظر ڪانه ٿي اچي.
 
Back
Top