ڀٽائي جو سئر، رڻ ڪڇ جو دلچسپ بيان

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ راجا ساند طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2014۔

  1. راجا ساند

    راجا ساند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    سلام دوستو!

    اڄ اسان پنهنجي پيج https://www.facebook.com/AsanJoBhitaiWadiGalhAa تي ڀٽائي جي سئر جي سلسلي ۾ رڻ ڪڇ جو بيان شيئر ڪيو آهي، دوستن کي گذارش آهي اسان جي هن ڪم ۾ مدد ڪئي وڃي.


    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/772689279437255/?type=1


    ڀاڱو ٽيون ـــــ حصو ستون (آخري حصو)

    ڪـــــــــــــڇ جو رڻ

    ڪڇ جو رڻ ڏسڻ جهڙو آهي! اُڀرندي کان الهندي تائين اسي ڪوهن ۾، ۽ اتر کان ڏکڻ تائين ستٽيهن ڪوهن ۾ سرارو هليو ٿو وڃي. سنڌ گزيٽئر مان معلوم ٿو ٿئي ته اڳي ٿرپارڪر طرف سمنڊ هو، جنهنجو منهن ڪڇ جي رڻ کان هو. پوءِ ڌرتي ڌٻڻ ڪري حالتون ڦري وييون. اڳي سنڌو ندي لکپت کان گهڙي شيخاڻي تعلقي بدين طرف وهندي هئي ۽ ان ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي سنڌڙي توڙي راحمڪي بازار وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا، مطلب ته هتي ڪجهه وقت کارو (سمنڊ) ۽ ڪجهه وقت مٺو (درياه) هو. هتي جي پاڻي بابت تواريخن مان پڪا ڏس ملن ٿا. عيسوي سنه کان سوا ٽي سئو کن ورهيه اڳي سڪندر اعظم هتان لنگهيو ته هتي ڇولين پئي ڇاڪا ڏنا! عيسوي يارهين صديءَ جي شروعات ۾ محمود غزنوي هتان ٿي لنگهيو ته جنهن تنهن پئي ڊپ ڏنس ته هتي جون لهريون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. هتان شايد سگهو ئي پوءِ پاڻي سڪو آهي، جو سنه 1362ع سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ڪيتريون راتيون رڻ ۾ گهاريون پر هنجي ڏينهن ۾ هتي جي پاڻي جو ذرو به ذڪر ڪونهي.

    راحمڪي بازار وٽان بيهي رڻ ڏي نهاربو ته نهايت عمدو نظر ايندو. رڃ ڪنهن نه ڏٺي هجي ته هتي ڏسي. ڏاڍا رنگ ٿي ڪري! پريان ڀانءِ ته سڄو پٽ پاڻي سان ڀريو پيو آهي، پر ويجهو وڃي ڏس ته ڪوڙ جو مثلو ڪوڙ! ڪڇ جو رڻ ڪنهن مهل اٿندو آهي، تنهن مهل ننڍڙي شيءَ بلڪل وڏي ڏيکاري ڏيندي آهي. مثلاَ پٽ ۾ ڪو ڇيڻو پيو هوندو ته پريان ائين پيو ڀانئبو ته ڪو راڪاس پيو اچي جنهن جي چوٽي آسمان سان پئي گسي! هلندڙ اٺ جي ٽنگن جو پاڇولو اهڙي ڏيکاري ڏيندو آهي ڄڻ ته ڪو زمين تان آسمان ۾ وڏيون شاهي تراريون هڪ ٻئي پٺيان تڪڙيون تڪڙيون پيو هڻي! جيڪڏهن رڻ ۾ ڪا به پهر نه هوندي ۽ پٽ به صفا پيو هوندو ته به پريان ائين پيو ڀانئبو ته ڪو وڏو جبل بيٺو آهي، جنهنجي اڳيان درياه پيو وهي! هن ٺڳڻي نماءُ کي ”اڃ“ چئبو آهي.

    ڪڇ جي رڻ ۾ اڳي ڪيترا قلعا ٺهيل هئا، جن جا نشان اڄ تائين بيٺا آهن. راحمڪي بازار کان ڏيڍ ڪوه کن پري ڏکڻ ڏي اڳي ”ڪانجي ڪوٽ“ هو. ڪڇ جي راءَ جو صوبو ڪانجي نالي هتي رهندو هو، تنهن ڪري اهو ڪوٽ جوڙايو هو. شاهه صاحب اهو ڏٺو هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ڊٺو هو.

    راحمڪي بازار کان نَوَ ڪوه پري ڏکڻ ڏي ”سنڌڙي“ نالي هڪ وڏو بندر هو. امپيريل گزيٽئر ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ درياهي چورن هن پاسي رڻ ٻاري ڏنو هو، تنهن ڪري ڪڇ جي راجا رانڌون هتي اهو قلعو جوڙائي، اتي چوڪيدار بيهاريا هئا. سنڌڙي وارو قلعو 1819ع واري زلزلي ۾ زبون ٿي ويو.

    ڪڇ جي رڻ ۾ 16 جون 1819ع جي ڌرتي ڌٻي، ته سنڌڙي جي اتر ڏي پنجاه ميلن ۾ رڻ جي وچواري زمين مٿي چڙهي آئي، ۽ ٻنهي پاسن کان ڌرتي ايترو جهٽ جهڪي ويئي، جو ڌوٻي بند ٿيڻ کان پوءِ اٿل زمين هڪ وڏي بند مثل ٿي بيٺي. اهو بند ازغيبي ٺهيو تنهنڪري ان جو نالو رکيائون ”الله بند“ يعني ڌڻي جو پيدا ڪيل بند. اهو الله بند اڄ تائين بيٺو آهي.

    راحمڪي بازار کان جيڪڏهن رڻ ئي رڻ ڏيئي ڀڄ ڏي وڃبو ته سنڌڙي وارو طرف نه وٺبو، پر ڪانجي ڪوٽ کان ”ونگر“ نالي ڳوٺ ۾ وڃي، پوءِ مصري واري کوهه تي منزل ڪبي، اتان ”ڪائوري“ نالي ڳوٺ لنگهي اڳڀرو ٿبو ته ايندي ”ٻني“، جا ڪيترن ڪوهن ۾ آهي. سڃي پٽ ۾ جتي پاڻمرادو وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿين تنهنکي ڪڇي لوڪ ”ٻني“ چوندا آهن. ٻني ۾ جيڪي ڳوٺ آهن تن مان لنگهي، ”ڪاري“ ندي اڪري ڀڄ ۾ وڃبو آهي. هي اها واٽ جتان شاهه صاحب کي سندس ڪنهن مريد موٽايو هو. هو پوءِ پراڻ لنگهي موٽي سنڌ ۾ آيو هو ۽ امامن لاءِ افسوس ظاهر ڪندي سر ڪيڏاري وارا بيت چيا هوائين.

    ارڻ ٻڌي ابڙي ٿي، رڻ ۾ رڪ رئي.

    ڪڇ جي رڻ ۾ سلطان علاوالدين خلجي ۽ ابڙي سمي جي وچ ۾ وڏي لڙائي لڳي هئي. دودي چنيسر جي قصي مان معلوم ٿيندو ته چنيسر کي پڳ به ملي هئي ته هو علاوالدين بادشاهه کي وٺي آيو هو. ڪڇ جي رڻ ۾ راحمڪي بازار کان ٽي ڪوه کن پري ”وڳهه ڪوٽ“ هو، جو سومرن جو تختگاهه هو. انهي ڪوٽ جو ويرانو شاهه صاحب ڏٺو ته انهي لڙائي بابت چيائين، جي رسالي جي سر بلاول ۾ ڏنل آهن.

    ----------------------
    حوالو:
    ڪتاب ــــــــ لطيفي سئر
    ليکڪ ــــــــــــ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
    --------------------------------------------
    حصي ٽئين جي گذريل ڀاڱن جو لنڪ

    ڀاڱو ٽيون ـــــ حصو پهريون
    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/768366999869483/?type=1

    ڀاڱو ٽيون ـــــ حصو ٻيون
    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/768917519814431/?type=1

    ڀاڱو ٽيون ــــ حصو چوٿون
    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/769670656405784/?type=1

    ڀاڱو ٽيون ـــ حصو پنجون
    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/770241346348715/?type=1

    ڀاڱو ٽيون ــــ حصو پنجون
    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/771459269560256/?type=1

    ڀاڱو ٽيون ـــ حصو ڇهون
    https://www.facebook.com/AsanJoBhit...41828.718126314893552/772002659505917/?type=1
    --------------------------------------------

    نوٽ:ـ دوستن کي گذارش آهي ته وڌ کان وڌ هن پيج جي معلومات کي عام ڪريو، شيئر ڪريو،
    ڪمينٽس ڪريو جنهن معلومات جي باري ۾ اوهان کي ڪو شڪ شبهو هجي،
    هن پيج کي وڌ کان وڌ دوستن تائين پهچايو ۽ کين لائيڪ ڪرڻ لاءِ عرض ڪريو. اسان اڳتي به تمام گهڻي معلومات ڀٽائي ۽ ان جي شاعري جي باري ۾ پوسٽ ڪندا رهنداسون.
    اسان کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي، پيج کي وڌ کان وڌ لائيڪ ڪري اسانجو حوصلو وڌايو ۽ اسان جي منصوبي (ڀٽائي جي باري ۾ مڪمل ۽ تحقيقي ڄاڻ هر ماڻهو تائين) کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.

    جئي سنڌ، جئي لطيف — — — — — — — — — — — —
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو