ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني


    [​IMG]

    سنڌ جو ماياناز عالم دين مولانه عبيدالله سنڌي رح جن هميشه مٿي تي ٽوپي ڪونه پائيندا هئا، سو ڪنهن سندس ئي دوست سنڌي صاحب کان پڇيو ته سائين ــــ جڏهن ته دين جا ٻيا عالم سڳورا مٿي تي ٽوپي، پڳ وغيره رکن ٿا پر توهان ڪونه ٿا رکو.ڇو؟ ـــــ ان تي مولانه سنڌي صاحب اهيو جواب ڏنو ته (ادا جيئن ظلم خلاف پٽڻ سولو رهي،) سو ادا اسان به ناانصافي خلاف پٽيندا ته رهون ٿا، پر سرڪار تي ڪابه جونء ڪانه ٿي چري.
    دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ته ماڻهن کي اهيا خبر ئي نه آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ڇا ٿيندي آهي، ۽ انهن وٽ بجلي وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونهي سواء ڪنهن ٽيڪنيڪلي پرابلم جي.( مگر اهو به ڪجهه وقت اندرحل ٿئي ملندو آهي). مگر اسان وٽ ته ان جي ابتڙ آهي، جڏهن ته اهي مسئلا اسان جي حڪومت جي هٿ وس آهن ۽ حڪومت آساني سان حل به ڪري سگهي ٿي،بس حڪومت کي انهن ڳالهين کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو مگر خبر نه آهي حڪومت ڇو خاموش آهي. مان هت صرف ٿر ڪوئلي جي باري ۾ ذڪر ڪندس،
    ٿر جو ڪوئلو ايترو ته ججهي مقدار ۾ آهي جو سعودي عرب ۽ ايران جي گڏيل تيل جي ذخيرن کان به ڪئين گنا وڌيڪ آهي.
    ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ کي پورو ڪرڻ لاء سالانه صرف 25هزار ميگا واٽ جي ضرورت پوندي، جڏهن ته هن ٿر جي ڪوئلي مان هڪ لک ميگا واٽ سالانه بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ۽ ماهرن جو اهيو پڻ چوڻ آهي ته اهو به 200 سو سالن تائين.
    افسوس جو اسان وٽ سڀ ڪجهه هوندي اسان روزانه 10. کان 12 ڪلاڪ بجلي جي صحولت کان محروم ٿا رهون. هت هميشه بجلي جو بهانو بنائي ڪالا باغ ڊيم جي همايت ڪئي ويندي آهي، ۽ اهي ڌريون ڪڏهن به سنڌ جي ٿر ڪوئلي بابت ناهن ڳالهائينديون، صرف ان لاء ته جيئن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو جواز ختم نه ٿئي وڃي. هي ڪوئلو اگر سنڌ جي بجاء ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي هان ته هن پروجيڪٽ تي ڪم ٿي چڪو هجي هان. مگر افسوس، افسوس، ۽ افسوس،
    هن ڪوئلي جي پهرين معلومات 1988ع ۾ جناب انجنيئر ولي محمد رحيمو، کي ملي جنهن جي ريسرچ واريون ڳالهيون ۽ ملڪ جي ٻين ماهرن جون ڳالهيون پڻ توهان هن وڊيوز ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا، سنڌ سلامت جا ساٿيو هي سڀ وڊيوز غور سان ڏسڻ کان پوء انهن ماڻهن لاء جواب تيار رکو جيڪي هميشه ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪندا آهن. ۽ پوء ڪچهري ۾ گفتگو ۾ بلڪه هر محفل ۾ ٿر ڪوئلي جي ڳالهه ۽ ٿر جي ڪوئلي تي ڪم نه ٿيڻ جي ڳالهه ۽ ذڪر ڪريو.


    http://www.youtube.com/watch?v=OXYtUzQcG5I&feature=channel
    http://www.youtube.com/watch?v=Laai8pM1Rkw&feature=fvw
    http://www.youtube.com/watch?v=ct6GwZRIvi4&feature=channel
    http://www.youtube.com/watch?v=D4WZJIUzMZQ&feature=fvw
    http://www.youtube.com/watch?v=kS8QqPGbibE&feature=fvw
     
  2. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني

    ادا ممتاز سنڌ جي ڪوئلي بابت تما م مفيد معلومات شيئر ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني

    تمام سٺي معلومات ڏنل آهي، ۽ وڌيڪ شرم اچي ٿو پاڪستان جي اعلا اختيار رکندڙ ڪارندن تي جيڪي ڪفران نعمت تي عمل ڪندي ۔۔۔ سنڌ کي پوئتي رکڻ جو سبب ٿين ٿا ۔۔۔

    شرم ڪريو حڪمرانو ۔۔۔ عوام جي زندگي آسان ڪريو ۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني

    ادا جتوئي صاحب ۽ ابڙا صاحب ٿر بابت معلومات پسند ڪرڻ جي مهرباني، بس دعا ڪريو ته ڪو سنڌ جو ۽ سنڌ لاء سچو ڪو حڪمران پيدا ٿئي، ۽ انهي ناانصافي کي ختم ڪري۔
    اميد ۽ آسرو هميشه ڇڏڻ نه گهرجي، بقول شاه صاحب
    ليلائي م لهين تا پڻ ليلائج، آسرو ۾ لاهج سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني

    ادا 1984 کان اهو قصو بند فائلن ۾ رهندو پيو اچي۔۔۔ هڪ وڏي سازش تحت ۔۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني

    ليلائي م لهين تا پڻ ليلائج، آسرو ۾ لاهج سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو