بابا سنڌ حيدربخش جتوئي دنيا جي قديم ترين دراوڙي تهذيب موئن جو دڙو جو لاڙڪاڻي واري ڌرتي ڏاڍي زرخيز رهي آهي، انهي جي تعلقي ڏوڪري جي ننڍڙي ڳوٺ بکو ديرو ۾ 20 هين صدي جي پهرين سال ۾ غريب گھراڻي الهداد جتوئي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ، جنهن کي باباءِ سنڌ جو خوبصورت تخلص مليل آهي جو ورلي ماڻهن کي ملندو آهي . انگريز سرڪار جي دور ۾ موهن جو دڙو جي مٽي مان جنم وٺندڙ حيدربخش جتوئي 27 سالن جي جوڀن واري جواني ۾ سرڪاري ملازم ٿيو ته سرڪار سڳوري جو گھٽ پر ڌرتي جي مظلوم ماڻهن مان ٿيندڙ نا انصافين جا پيو فائل ٺاهيندو هو ۽ اهي فائل اڄ هڪ تاريخ بڻجي ويا آهن. انگريزي راڄ ۾ سڀ کان بهترين، سڻڀي سرڪاري نوڪري کي ضمير جي آواز تي لت هڻي سڄي ڄمار هارين جي حقن ۽ جدوجهد ۾ گھاري ڇڏي ته موٽ ۾ جيڪي تاريخ رقم ڪئي جيڪا ڌرتي ڌڻين لاءِ غرور ۽ فخر جهڙي ڳالهه آهي. ڪامريڊ جيڪو هڪ مفڪر، انقلابي، آدرشي، سنڌ جي قومي وجود ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم سرواڻ هو ته آخر تائين فخر سان پاڻ کي ڪميونسٽ ڪامريڊ سڏرايو . ڪارل مارڪس ، اينگلس ۽ لينن کان متاثر رهندڙ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي ڪيل خدمتن جي اعتراف طور پاڪستان سرڪان ”نشان امتياز“ سان پڻ نوازيو، اهو اعزاز سندس رُوحاني پوٽي اظهر جتوئي وصول ڪيو هو. جڏهن انگريز سلطنت جو سج هن ڌرتي تان لهندو ئي نه هو ته انهي سلطنت ۾حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي سڻڀي عهدي تي پهچي چڪو هو جيڪو عهدو اڄ جي گورنر کان گھٽ نه آهي پر هن 1942ع ۾ هن سڻڀي عهدي جي پرواهه نه ڪندي اڇي ڪاڳر تي ٻه چار اکر نوڪري آهي ٽوڪري وارا لکي هارين جي حقن لاءِ ڪرو کيتر جي ميدان ۾ ٽپو ڏنو ته ڪليڪٽر مان ڦري ڪامريڊ بڻجي ويو. لفظ ڪامريڊ هڪ رومانس، خوبصورت ۽ آدرشي لفظ جيڪو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي کي چيو ويندو آهي.پر اڄ ڪن ماڻهن ان خوبصورت نانءُ کي اهڙي نموني سان مشهور ڪيو آهي جو اهو تذليل ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي پر پوءِ به ڪامريڊ لفظ جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ضرور رهي آهي . اها هڪ اڃان به الڳ ڳالهه آهي ته ڪامريڊ ماڻهن جو جيون ڪيڏو نه المناڪ هوندو آهي. انقلابي ۽ آدرشي انسان جو جيون هڪ سنگھرش هوندو آهي پر پوءِ به اهي ڌرتي سان پنهنجو نينهن وارو ناتو نه ٽوڙيندا آهن. ناتو ٽوڙجي به ڇو ؟ اهي ناتا ڪنهن سنهي سُئي سان ته نه سبيا ويا آهن. انهن ناتن ۾ ڪامريڊن جو ڌرتيءَ سان عشق ، انقلاب ، رت ۽ ست سمايل هوندو آهي. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي به اهڙو ئي انقلابي ۽ آدرشي انسان هو جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين پساهن تائين ڪامريڊ رهيو. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي هارين جي زندگي ، مفلسي ، ڏک ۽ پيڙائن جو درد پاڻ تي محسوس ڪندي 1930ع کان وجود ۾ آيل سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ سموري حياتي هارين جي حقن لاءِ ارپي ڇڏي. ون يونٽ جي خلاف طويل جدوجهد، 18 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ کان وٺي مچ جيل جون سختيون به هن کي هارائي نه سگھيون ۽ نه هن مسافر ڪٿي ٿڪ ڀڃيو ۽ نه وري هن جو قافلو ڪٿي رڪيو. مچ جيل ۾ ڏنل سلو پوائزن جا زهر هن کي نه ٿڪائي سگھيا ۽ نه وري سرڪاري نامدار اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪايو. مرڳو ئي هن مظلوم ماڻهن کي ظالم سان اکيون اکين مان اٽڪائي جيئڻ جو ڏس ۽ ڏانءُ ڏنو. صوفين جي سرزمين جي ديو مالائي ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن سنڌ ڌرتي تي سڀ کان پهرين ”جو کيڙي سو کائي“ جو هڪ نئون فلسفو ڏنو ته ان فلسفي کي سنڌ جا سٻاجھڙا صوفي سنڌي ته نه سمجھي سگھيا پر سويت يونين جي ڪامريڊن ضرور سمجھي ۽ پروڙي ورتو ۽ انهي تخليقي فلسفي جو هي ترجمو ڪيو ته ”دنيا جا مزدورؤ هڪ ٿي وڃو“ . انسان جي سڄي تاريخ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آهي . هميشه کان وٺي ڏاڍو ۽ ڪمزور ، آقا ۽ غلام ، ڪارو ۽ ڳورو ، اوچ ۽ نيچ ، جاگيردار ۽ هاري، آريا ۽ دراوڙ، سرمائيدار ۽ مزدور هڪ ٻئي جي خلاف ميدان جنگ ۾ منهن مقابل رهيا آهن . وقت به وقت انهي جنگ ۾ غريب طبقي جون تحريڪون پروان چڙهيون ۽ هڪ نئين ۽ الڳ تاريخ رقم ڪيائون . ويٽنام ، ڪيوبا جا انقلاب هجن يا وينزويلا ، ميڪسڪو سميت پوري لاطيني آمريڪا ۾ هلچل هجي يا موجوده دور ۾ عرب هلچل هجي. اها هلچل هن اڻ برابري تي مشتمل جاگيرانه ۽ سرمائدارانه نظام جي موجود رهڻ تائين جاري رهندي. باباءِ سنڌ پڻ هن انسان ذات جي عظيم هلچل جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ ديو مالائي ڪردار هو. سنڌ جي تاريخ ته ڪئين املهه شخصيتن کي جنم ڏنو جن جي پنهنجي پنهنجي حوالن سان هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي مگر سچ هي آهي ته دنيا جي قديم ترين تهذيب سنڌو ماٿريءَ جو ابو صرف ۽ صرف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ئي آهي. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جي تحريرن ۾ توهان کي انقلاب ۽ سوشلسٽ ادب نمايان نظر ايندو ، جنهن پنهنجي وقت ۾ وڏي هلچل ، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو. جنهن جوش چين جي صدر چُو ان لائي کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو ڪامريڊ سان حيدرآباد ۾ مليو ته ڀاڪرين پئجي ويو. قومي محاذ پارٽي جي اڳواڻ معراج محمد خان سان سندس گھر ۾ هڪ ڀيري ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو ته ان ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو حيدربخش جتوئي ۽ ان جي سنڌ هاري ڪاميٽي کان ايترو ته متاثر هو جو هُو ان ۾ شامل پئي ٿيو ته سر شاهنواز ڀٽو يڪدم پلاننگ ڪري ان کي ايوب خان جي ڪابينا ۾ شامل ڪرائي ان کي روڪي ورتو . اگر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿئي ها ته سنڌ ۾ انقلاب کي ڪير به نه روڪي سگھي ها پر اها اسان جي بد نصيبي ناهي ته ٻيو ڇا آهي ؟؟ باباءِ سنڌ پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، هڪ اعليٰ درجي جو مفڪر دانشور، انقلابي، آدرشي، تحريڪي ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪامريڊ 1955ع کان 1969ع تائين ون يونٽ جي خاتمي کان وٺي ايوب خان جي ڊڪٽيٽر شپ ۽ نوڪر شاهي جي سازشن کي تاريخي پمفليٽ لکي وائکو ڪندو رهيو ته جيلن جا دروازه هن جي آجيان لاءِ اوسيئڙي ۾ هوندا هئا. هارين جي حقن لاءِ هاري ڪورٽون، سنڌ اسيمبلي جو گھيراءُ ڪري ٽينسي ايڪٽ بل پاس ڪرائڻ ۽ 18 لک ايڪڙ زمين هارين کي ڏياريندڙ باباءِ سنڌ جو سچو پوئلڳ حبيب جالب به هو ته جمشيد مهتا پڻ . پُراڻ جي ڪپن تي آباد منهنجي شهر جهڏو ۾ 22 جون 1946ع ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ ”آل سنڌ هاري ڪانفرنس“ ڪوٺائي جنهن ۾ ڪراچيءَ جو پهريون ميئر پارسي جمشيد مهتا ، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر، جي ايم سيد، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ته انهي رات انگريزن طرفان ڏنل قادياني اسٽيٽ ويجھو نبي سر شهر ۾ رت جي ريٽي ۾ هڪ باب جو اضافو ٿيو جڏهن قادياني زميندار بٽئي جي مسئلي تي لاشارڻ مائي بختاور کي شهيد ڪيو ويو. شهيد جو ور ۽ سموري راڄ ڀاڳ وارا هاري ان مهل ڪامريڊ جي جلسي ۾ گڏ ٿيل هئا. امر شهيد بختاور جي قتل جو ڪيس قادياني زميندار خلاف F.I.R ڪٽڻ وارو صوبيدار عنايت الله ابڙو هو ته شهيد بختاور جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ عمر ڪوٽ واسي ڊاڪٽر هرچند راءِ رين بسيرا وارو هو. شهيد بختاور سنڌ هاري ڪاميٽي جي پهرين شهيد عورت جو اعزاز حاصل ڪيو جيڪا هارين جي بهادر سورمي آهي. تڏهن ته ان جي خوبصورت ڪردار کان متاثر ٿي بينظير ڀٽو پنهنجي ڌيءَ جو نالو بختاور رکيو ته ان جي نالي تي اخبار پڻ ڪڍي هئي ته شيخ اياز ۽ سمورن شاعرن ان کي شاعري ۾ پروڙي هميشه لاءِ ان کي امر بڻائي ڇڏيو. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي هڪ وڏو اديب ۽ ليکڪ ، قرآن شريف کي انگريزي ۾ لکڻ سان گڏوگڏ هڪ مزاحمتي ، عوامي ۽ انقلابي شاعرن پڻ هو، هن جي شاعري ۾ ڌرتي جو درد ۽ صدين جون صدائون سمايل آهن. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جو روحاني پوٽو ڪامريڊ اظهر جتوئي جيڪو پنهنجي ڏاڏي وارو ڳاڙهو جھنڊو کنيو ڏينهن رات جدوجهد ۾ مصروف نظر ايندو آهي . ان لاءِ وري هي تاثر آهي ته اهي وڏيرا ۽ ڏاڍا شاهوڪار آهن پر حقيقت هي آهي ته ان وٽ ڪامريڊ جي يادن ، ان جي ڪتابن ، ان جي ڇڏيل آدرشن، اصولن ، شعرن ۽ محدود وسيلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، اڄ پورا چار ڏهاڪا ۽ چار سال ٿي ويا آهن باباءِ سنڌ کي اسان کان وڇڙڻ ۾ پر ان وڇوڙي ۾ به اسان کي ان جي ڇڏيل واٽ ، تاريخ، تهذيب، ثقافت، علم ۽ ادب ، سندس ڏنل قربانين کي نه وسارڻ گھرجي. جيولس فيوچڪ چيو هو ته ”اوهان مان اهي ماڻهون جيڪي هن دؤر کان پوءِ پيدا ٿين انهن کي منهنجي طرفان عرض آهي ته انهن ماڻهن کي نه وسارين ، جن ماڻهن انسان ذات خاطر پنهنجي زندگي وقف ڪئي “. ٿڌڙين هوائن ۽ راتين کان مشهور شهر حيدرآباد جي گاڏي کاتي وارو علائقو جيترو پراڻو آهي ايتري ئي پراڻي ان جي تاريخ آهي. حيدرچوڪ حيدرآباد جو وڏي ۾ وڏو چوڪ آهي جتان پنج عدد روڊن جن مان بدين اسٽاپ ڏانهن ويندڙ قاضي قيوم روڊ، تلڪ چاڙهي ڏانهن ويندڙ هوش محمد شيدي روڊ، قاسم آباد ڏانهن وڃڻ لاءِ ٿڌي سڙڪ ته هڪ روڊ اڳوڻي ڪوهنور سئنيما ڏانهن وڃي ٿو جيڪو روڊ ڪنهن سک شيرسنگهه جي نالي آهي. ان شيرسنگهه جي تاريخ ڇا آهي ؟ سو ڪو حيدرآبادي جھونو جوڳي ٻڌائي سگھي ٿو. حيدرچوڪ جيڪو باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جي نانءُ سان منسوب آهي ۽ حيدرچوڪ تي دلت دراوڙ موتي ڀيل جا سنگ مرمر مان تراشيل دعائن وارا هٿ جيڪي هاڻ حيدرآباد جي سڃاڻپ بڻجي ويا آهن. حيدرچوڪ تي ڳاڙهي رنگ جي هڪ وڏي عمارت ، جنهن به پنهنجي هڪ الڳ ۽ شاندار تاريخ، ان جو سمورو احوال اسحاق مڱريو صاحب هن ئي صفحن تي تفصيل سان ڏئي چڪو آهي پر اڄ ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه ته اڄ حيدرمنزل جو وجود پنهنجن ئي هٿان ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي .