ڊيڄارين ٿي . . . . . . . . . . . . . اسلم سومرو

اسلم سومرو

سينيئر رڪن
اسلم سومرو
مزاحيه شاعري
جڏهن تون پاڻ کي سنوارين ٿي
گهڻا ئي ٻار پو ڊڄارين ٿي
مٺي مرڪي جڏهن نهارين ٿي
گهڻن جا هان پو تون ڦاڙين ٿي
ڊڄي ٿا ڳوٺ جا پون ٻالڪه
جڏهن ميڪ اپ منهن تان اتارين ٿي
لڳو پيو ٽائيم آهي ماني جو
تون سکڻي چانهه ڇو پيارين ٿي؟
اسان نڪه جا صفا ڏاڍا آهيون
ٺلهي تون دال پنهنجي ڳارين ٿي
لکي تعريف آ تنهنجي ”اسلم“
تون ڪاوڙ مان ڇا لئه نهارين ٿي
 
Back
Top