دوستو! ڪالهه دنيا وارن انجنيئرنگ جو ڏهاڙو ملهايو، ڇونه ملهايو وڃي، ڏٺو وڃي ته انجنيئرنگ يا صنعت کان بغير انسان جي دنيا ڪيتري اڻپوري آهي، هي گهر، هي روڊ رستا ۽ پليون، هي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، هي بحري ۽ هوائي جهاز، هي ريلون، بسون ۽ گاڏيون، هي بجلي ۽ بجلي تي هلندڙ سڀ شيون، مطلب ته انسان جي چوڌاري جيڪا به شئي آهي سواٌءِ فطرت جي سا سڀ انجنيئرنگ جي ٿورن سان آهي ۔۔۔ بلڪ انسان جي جسم تي اوڙهيل ڪپڙا پڻ صنعت جي سبب ئي آهن، نه ته پتن ۽ کَلنُ تي گذارو هجي ها ۔۔۔ جيڏانهن ڪريان ديد تيڏانهن صنعت جا ڪمال ۔۔۔ ڀلا اچو ته هيٺ ڏنل ڪارٽون ڏسون ته دنيا صنعت يا انجنيئرنگ کان بغير ڪيئن آهي؟