محمد عرس سولنگي سنڌ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، سنڌ جي بادشاهي دور به ڏٺا آهن ته ڪيترن لٽيرن، ڌاڙيلن ۽ خون پياڪ حڪمرانن هن کي لٽي، ڦري ڀڙڀانگ ڪيو آهي، ٻاهرين حڪمرانن جي گورنرن، مغلن، ارغونن ۽ انهن جي ايجنٽن هن کي تباهه ۽ برباد ڪيو. لاشن جي ڍيرن تي سنڌ کي پائيه تخت بڻايو انهن ظالم ۽ غاصب حڪمرانن جي گهوڙن جي سنبن هيٺ سنڌ پائيمال ٿيندي رهي. اڄ انهن غاصب حڪمرانن جو نانءُ نشان به ظاهر ڪونهي، پر سنڌي قوم اڄ به زنده جاويد آهي ۽ تاقيامت زنده جاويد رهندي. قديم زماني ۾ يونان جي حڪمران سڪندر اعظم جهڙي جابر، لٽيري ۽ ڊڪٽيٽر ڪيترن ئي ملڪن ۽ وستين کي بلا جواز برباد ۽ ويران ڪندو رهيو ۽ هن سونهاري سنڌ تي پڻ ڪاهيو ته محب وطن سنڌي سمي حڪمران سامبس مڙس ٿي ساڻس مهاڏو اٽڪايو. مگر هيڏي اجگر جي مقابلي ۾ هن هار کاڌي، جڏهن سامبس سڪندر اعظم وٽ پيش ٿيو ته سڪندر اعظم کيس چيو ته هاڻي توسان ڪهڙي هلت ڪجي ته ان وقت راجا سامبس اهڙي دليري، بهادري همت ۽ جرئت سان جواب ڏنو ته ”اهڙي هلت جيڪا بادشاهه، بادشاهن سان ڪندا آهن. سڪندر اعظم راجا سامبس جو جواب ٻڌي دنگ رهجي ويو. سنڌ سونهاري سوين بلڪ هزارين لاڏلا، لعل، عالم، فاضل، برزگ، عارف، عاقل، اولياءَ، ابدال، غوث، قطب، شاعر، نثر نويس، فنڪار، موسيقار، هنرمند ۽ قوم پرست رهنما پيدا ڪيا آهن. جن هميشه کان سنڌ جي سينڌ سنواري ۽ پاڻ سرخرو ٿيا آهن، آنءُ اهڙي هڪ رهنما شهيد مخدوم بلاول جي معتقد ۽ خليفي مخدوم ساهڙ لنجار جي زندگي تي مختصر روشني وجهندس. سر زمين سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر انڙ پور جيڪو درياهه سنڌ جي اولهه ۾ واقع آهي، هيءُ شهر دريائي بندر پڻ هو، هتان جا سنڌ ورڪي ٻيڙن ۽ غورابن ذريعي ڏيساور سان واپار ڪندا هُئا. انڙ پور واپاري مرڪز کان علاوه علم عرفان جو مرڪز پڻ هو. هتان جي مڻيادار مٽيءَ ڪيترائي درويش، ولي، عامل، عاقل، عارف فاضل، غازي ۽ قوم پرست عالمن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي هن وقت ابدي آرامي آهن. انهن مان مخدوم ساهڙ لنجار به هڪ آهي، هو سنڌ جي قديم سماٽ قبيلي جي لنجار شاخ مان هو. مخدوم صاحب جي جنم بابت ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. تاهم خيال ڪيو وڃي ٿو ته مخدوم ساهڙ لنجار شهيد مخدوم بلاول کان پنجويهه سال ننڍو هو. مخدوم ساهڙ ننڌي عمر ئي پرهيزگار ۽ متقي هو. پاڻ سدائين پروردگار جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس محفل ۾ ڪڏهن به دنوي گفتگو نه ٿيندي هئي. سندس طبيعت جو لاڙو علم، ادب ۽ قوم پرستي ڏانهن هو. ان ڪري وڏن وڏن عالمن، فاضلن اهل علم ۽ اهل دل وارن جي صحبت ۾ رهيو. ان وقت جي عالمن ۽ اهل دل وارن وٽ کيس مان ۽ مرتبو حاصل هو ۽ ڪيترن علمن تي دسترس هيس. مخدوم ساهڙ جي علميت، پرهيزگاري ۽ قوم پرستي جو پڙاڏو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. سندس استاد شهيد مخدوم بلاول رحه هو. جنهن جي صحبت ۾ رهي پاڻ علم ۽ ادب ۽ پرهيزگاري سان گڏ انقلابي فلسفي کي پڙهيو ۽ سمجهيو ۽ انقلابي فلسفي ۾ رچي ريٽو ٿيو. جڏهن شهيد مخدوم بلاول ارغونن خلاف جهاد شروع ڪيو ته مخدوم ساهڙ لنجار پڻ ارغونن جي جارحيت، قبضي، ظلم بربريت، ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ خلاف جهاد جو علم بلندو ڪيو ۽ ارغونن ظالمن خلاف عوام کي سجاڳ ڪيو. ارغونن جي ظلم ڏاڍ ۽ بدڪارين کي عوام آڏو وائکو ڪيو. اهڙي طرح وڏن وڏن عالمن ۽ مشائخن سان ملاقاتون ڪري کانئن شهيد مخدوم بلاول سان ساٿ ڏيڻ جو وچن وٺندو رهيو. روايت آهي ته سندس شاهه عبدالڪريم بلڙي واري سان ملاقات ٿي هئي. مخدوم ساهڙ اڪثر پنهنجي مرشد شهيد مخدوم بلاول رحه جي صحبت ۾ رهندو هو. جڏهن ارغونن مقامي غدار طبقي سان گڏجي بلاولي تحريڪ کي سختي سان ڪچليو ته هو في الحال پنهنجي اباڻي شهر ۾ رهڻ لڳو. پر جڏهن شهيد مخدوم بلاول کي ارغونن ڪوڙي فتويٰ ڏياري گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ته ان وقت مخدوم ساهڙ لنجار شهيد سان گڏ هو. مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ اچي پنهنجي اباڻي شهر ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي به بلاولي تحريڪ کي منظم ۽ مضبوط ڪندو رهيو. مخدوم ساهڙ لنجار جي پٽ ارغونن کان قاضي جو عهدو قبول ڪيو ته مخدوم ساهڙ پنهنجي پٽ جي مفاد پرستي ۽ غداري کي سنڌ سان غداري سمجهيو، کي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي نجات واري هلچل ۽ پنهنجي مرشد ۽ رهنما شهيد مخدوم بلاول جي خون سان غداري سمجهيو. ان نه صرف پنهنجي پٽ سان سماجي لاڳاپا ختم ڪيا. پر اها وصيعت به ڪيائين ته منهنجي پٽ کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن نه ڪجو، جنهن ۾ مون کي دفن ڪيو وڃي، ڇو ته آنءُ اهو برداشت نه ڪندس ته ڪنهن غدار ۽ ظالم سان گڏ منهنجي قبر هجي، پوءِ اهو غدار منهنجو پٽ ڇو نه هجي. اتفاق سان مخدوم ساهڙ جي جيئري سندس پٽ وفات ڪري ويو. پاڻ پنهنجي پٽ کي پنهنجي قبرستان کان تمام پري دفن ڪرايائين. خليفن ۽ مريدن کيس گهڻيون منٿون ڪيون ته اهو تنهنجو پٽ آهي. مئن سان ڪهڙا ليکا، پر مخدوم ساهڙ حب الوطني ۽ وطن سان محبت جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڏيکاريو. مخدوم ساهڙ 73 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.