• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت کي واڌايون

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! اڄ 15 اپريل آهي ۽ اڄ جو ڏينهن هن سنڌ دوست اوطاق جي شروع ٿيڻ جو ڏينهن آهي، هن اوطاق جي عمر جيتوڻيڪ هڪ سال آهي پر ان هوندي به هن اوطاق جي دوستن پنهنجي محنت، همٿ ۽ خلوص جي بنياد تي سنڌ ۽ سنڌين سان واسطي وارو مواد ڪٺي ڪري پيش ڪيو آهي، جو آءُ سمجهانٿو ته سنڌ جي ڪنهن به فورم تي ايترو مواد ڪٺي نه ٿيو هوندو اهو به هڪ سال جي قليل عرصي ۾ ۔۔۔۔

آءُ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي مبارڪون ڏيندس ۽ کين اڳ کان اڳري ٿيڻ جي التجا ڪندس ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ٿيندي رهي ۽ هن نئين زماني جي نين ضرورتن مطابق قومي فڪر ۽ قومي سوچ کي نئون ڀاڻ ملندو رهي ۔۔۔

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه پسين پرينءَ جــــــو۔

جي حيانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسون،
ڇو پير پســــــاري ويٺـــــــو آن، اٿ ڏونگــــر ڏاري وينــداســـــــــون۔

shabashshabashshabashshabash

sindhsalamatsaathsal​
 
جواب: سنڌ سلامت کي واڌايون

محبوب سائين هن چمن ۾ سرهاڻ اوهان جي ڪري آهي اوهان جهڙن سپوتن جي ڪري ئي محبت جي چين ڳنڍيل آهي اوهان کي ، ساٿ جي سرواڻ ۽ سڀني ساٿين کي هن عاجز طرفان مبارڪون هجن ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي اميد ته آئنده هيل کان به وڌيڪ ڀاڻ وجهنداسين ته فصل ۾ اڃا وڌيڪ رونق نظر ايندي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔ شال سنڌ سلامت رهي شاد رهي آباد رهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت کي واڌايون

سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي واڌايون قبول پون​

تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا​

سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي دل جي گهراين سان هن ناچير سنڌ سلامت فورم جي خادم ممتاز وگهيو طرفان سنڌ سلامت جي پهرين سالگره مبارڪ هجي۔
مبارڪ جا حقدار ته هي دوست آهن جن سنڌ سلامت جي فورم کي اسان اڳيان پيش ڪيو. بقول شاه صاحؓب ( تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا)
فورم کي دنيا اڳيان پيش ڪندڙ محترم دوست ڀاء عبدالرشيد سمون صاحب ، ( جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ۽ سنڌ سلامت جي فورم جي ترقي ۽ واڌ لاء پاڻ پتوڙيو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪيو سمون صاحب بذاتخود هڪ بهترين يارويس دوست ۽ پيارو ماڻهون آهي.۔ محترم عامر ضياء چارڻ ( جيڪو دوست پسيپرده تمام وڏو ڪم پيو ڪري شايد گهڻن ماڻهن کي اهيا خبر به نه هجي
)
ان کان علاوه محترم سائين نثار ناز صاحب، محترم نثار ابڙو صاحب وڌ ۾ وڌ مبارڪ جي لائق آهن جن اسان جهڙن اڻ گهڙيلن لاء اهڙو فورم مهيا ڪيو.
سنڌ سلامت اهو فورم آهي جنهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي. ۽ جيئن اسڪول ، يونيورسٽين ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏٿيندي آهي اهڙي ريت سنڌ سلامت تي پڻ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي آهي.
هن فورم هڪ ته دنيا ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. ۽ ان کان علاوه سکيا جو پڻ هڪ بهترين اسڪول ميسر ڪيو آهي. جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي۔ مان انهن دوستن کي به مبارڪ ۽ واڌايون پيش ڪندس جيڪي سنڌ سلامت جي فورم کي سهڻو ۽ مالامال ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيا۔ جن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا۔ ڀائرو جن دوستن جا نالا رهجي وڃن انهن دوستن کان مان اڳواٽ معذرت ٿو ڪري ڇڏيان۔
رحيم بخش صاحب
ڦلپوٽو فقير صاحب
عبدالوهاب صاحب
مگسي صاحب
مست صاحب
مظهر وگهيو صاحب
ڀيڻ شاهده
زاهد سومرو صاحب
ابو زين صاحب
ابو واصف صاحب
ڊاڪٽرعبدالقيوم صاحب
عبدالرزاق ميمڻ صاحب

ٿر سنڌي صاحب

دعا آهي ته رب پاڪ هي سنڌ سلامت ۽ ساٿ سلامت رکي آمين

80.gif
 
جواب: سنڌ سلامت کي واڌايون

ادا رحيم بخش ۽ سائين ممتاز صاحب، اوهان دوستن جي اڻ ٿڪ ڪوششن سبب هي اڱڻ اڳ کان اڳرو ٿيندو رهيو آهي ۔۔۔ چوندا آهن ته ساٿي سهڻا ۽ سچا هجن ته منزل تي پهچڻ وارو رستو انتهائي آسان ٿيندو آهي ۔۔۔ اوهان دوستن جي ساٿ سان اميد ته هي اوطاق سنڌي قوم جي خدمت ۾ ڏينهن ڏينهن اڳري ٿيندي رهندي ۔۔۔
رب العالمين سنڌ سلامت جي دوستن کي ڪوسي واءُ کان بچائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ سلامت کي واڌايون

السلام عليکم و رحمت الله و برڪاته

سڀ کان پهريان ته مان پنهنجي محترم سائين نثار ابڙي جو تمام گهڻو شڪر گزار آهيان جو انهن کي هر تاريخ تمام ياد سان ياد رهندي آهي ۽ ان کي ملهائڻ جي به ڀر پور ڪوشش ڪندا آهين ۽ حسب عادت سائين جن هن ڏيينهن کي به تمام سهڻي طرح ياد رکيو ۔ ۽ دوستن کي مبارڪباد پيش ڪئي اگرچه سنڌ سلامت جي ڊومن کي ري نيو ڪرائڻ ۾ مون کي ڪجه دير لڳي وئي جنهن ڪري ڪجه دوستن کي اڃا به سائيٽ کولڻ ۾ پرابلم اچي رهيو آهي ۔ بهرحال اوهان سڀئي دوست ان خوشي جي موقعي تي گڏ ٿيا ۽ مبارڪباد ڏني اوهان جا تمام گهڻا ٿورا جهونو به ان خوشي جي موقعي تي پهنجي مهيني جي بچت مان اوهان جي لاء مبارڪ ڪارڊ وٺي آيو آهي ۽ اوهان دوستن کي پيش ڪري ٿو
88985305mk8.gif

xcL10632.gif

2408alsh3er.gif&usg=AFQjCNF781SqNLoD356_D6HuVmKO2cd5cA
 
جواب: سنڌ سلامت کي واڌايون

بس ڙي يار جهونا اوهانجي عشق ۾ هاڻ تاريخون ياد رکڻيون ٿيون پون ۔۔۔ سهڻا دوست علي علي يار تو پنهنجي نالي جي هيٺان موسمي ٻٽيرو هڻي گم ٿي وڃڻ جو بهانو ٺاهي ويٺو آهين ۔۔۔ سنگت سان جدايون ڀليون ناهن ۔۔۔ مڙئي منهن ڏيکاري، مسڪراهٽون پکيڙي ثواب ڪمائيندا ڪريو ۔۔۔
 
سائين مان اوهان سڀني دوستن جو ٻانهو آهيان بس سائين ڇا ڪجي ڪم تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ اڪيلو سر آهيان بس سڃو ڏيينهن ڏاٽو هٿ ۾ هوندو آهي ان ڪري نيٽ تي ويهڻ تمام گهٽ ٿيندو آهي ۔ باقي اوهان سڀني دوستن جا سنيها ادو رشيد پهچائيندو آهي اهو به ساڳي ئي پراڻي پگهار تي ۔ :d:d
سائين بس اوهان دوستن جي اها ئي محبت آهي جو اسان کي دل مجبور ڪندي آهي ته اوطاق تي چڪر هڻجي
 
جواب: سنڌ سلامت کي واڌايون

سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي واڌايون قبول پون​

تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا​

سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي دل جي گهراين سان هن ناچير سنڌ سلامت فورم جي خادم ممتاز وگهيو طرفان سنڌ سلامت جي پهرين سالگره مبارڪ هجي۔
مبارڪ جا حقدار ته هي دوست آهن جن سنڌ سلامت جي فورم کي اسان اڳيان پيش ڪيو. بقول شاه صاحؓب ( تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا)
فورم کي دنيا اڳيان پيش ڪندڙ محترم دوست ڀاء عبدالرشيد سمون صاحب ، ( جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ۽ سنڌ سلامت جي فورم جي ترقي ۽ واڌ لاء پاڻ پتوڙيو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪيو سمون صاحب بذاتخود هڪ بهترين يارويس دوست ۽ پيارو ماڻهون آهي.۔ محترم عامر ضياء چارڻ ( جيڪو دوست پسيپرده تمام وڏو ڪم پيو ڪري شايد گهڻن ماڻهن کي اهيا خبر به نه هجي )
ان کان علاوه محترم سائين نثار ناز صاحب، محترم نثار ابڙو صاحب وڌ ۾ وڌ مبارڪ جي لائق آهن جن اسان جهڙن اڻ گهڙيلن لاء اهڙو فورم مهيا ڪيو.
سنڌ سلامت اهو فورم آهي جنهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي. ۽ جيئن اسڪول ، يونيورسٽين ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏٿيندي آهي اهڙي ريت سنڌ سلامت تي پڻ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي آهي.
هن فورم هڪ ته دنيا ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. ۽ ان کان علاوه سکيا جو پڻ هڪ بهترين اسڪول ميسر ڪيو آهي. جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي۔ مان انهن دوستن کي به مبارڪ ۽ واڌايون پيش ڪندس جيڪي سنڌ سلامت جي فورم کي سهڻو ۽ مالامال ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيا۔ جن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا۔ ڀائرو جن دوستن جا نالا رهجي وڃن انهن دوستن کان مان اڳواٽ معذرت ٿو ڪري ڇڏيان۔
رحيم بخش صاحب
ڦلپوٽو فقير صاحب
عبدالوهاب صاحب
مگسي صاحب
مست صاحب
مظهر وگهيو صاحب
ڀيڻ شاهده
زاهد سومرو صاحب
ابو زين صاحب
ابو واصف صاحب
ڊاڪٽرعبدالقيوم صاحب
عبدالرزاق ميمڻ صاحب

ٿر سنڌي صاحب

دعا آهي ته رب پاڪ هي سنڌ سلامت ۽ ساٿ سلامت رکي آمين

80.gif

السلام عليڪم دوستو

دوستو جيئن ته مون وٽ سائيٽ کلي ئي نه پئي ان ڪري هن ٿريڊ تي نظر ڪافي دير سان پئي

سنڌ سلامت فورم جي سڀني دوستن کي مون جي پاران به لکين مبارڪون هجن

سدائين گڏ
 
Back
Top