ٿر بڻبو دبئي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    محمد ادريس راجپوت
    ميز تي پاڻيءَ جو اڌ ڀريل گلاس پيو آهي، هڪڙو ماڻهو انهيءَ کي ڏسي چوي ٿو ته گلاس اڌ خالي آهي، ٻيو ماڻهو انهيءَ کي ڏسي چوي ٿو ته گلاس اڌ ڀريل آهي. صحافت جي ٻوليءَ ۾ خبر اُن کي چئبو آهي، جيڪا ڇرڪائيندڙ هجي ۽ ماڻهن جو ڌيان ڇڪي. مثال طور ”ڪتي ماڻهوءَ کي چڪ پاتو“ ..... صحافت جي ٻوليءَ ۾ اها ايڏي وڏي خبر ناهي، جو عام طرح ائين ٿيندو رهي ٿو پر جيڪڏهن ماڻهو ڪتي کي چڪ پائي، ته اها خبر آهي، جو عام طرح ائين نٿو ٿئي ۽ اها ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي. منهنجو دوست سترام مهيشوري صحافت سان وابسته آهي. هن جو ”اڌ گلاس خالي آهي“ واري مشاهدي وارو هڪ مضمون ڪاوش ۾ 13 مئي 2014ع تي شايع ٿيو، جنهن جو عنوان هو ”ٿر بڻبو ڪوئلستان“. مضمون جو عنوان ڇرڪائيندڙ هو، جنهن ڪري انهيءَ سڀني پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو ۽ صحافت جي ”خبر“ واري تعريف به پوري ٿي. مان ”گلاس اڌ ڀريل آهي“ جي مشاهدي ۽ سوچ کڻي ٿر جي ڪاري سون کي ڪڍڻ ۽ ان مان بجلي پيدا ڪري ٿر کي ترقي وٺرائڻ بابت ڪجهه حقيقتون بيان ڪندس.

    ٿر جو پراڻو زندگي گذارڻ وارو طريقو:

    ٿر ۾ برساتن نه پوڻ ڪري اڪثر ڏڪار واري صورتحال هوندي هئي، پر انهيءَ صورتحال کي ٿري ماڻهو ٽن طريقن سان منهن ڏيندا هئا. ڏڪار واري وقت ۾ اهي پنهنجي چوپائي مال سان گڏ بيراج وارن علائقن ۾ لڏي ويندا هئا، جتي فصلن جي ڪٽائيءَ ۾ مزدور طور ڪم ڪندا هئا. انهيءَ ۾ انهن کي کائڻ لاءِ ان به ملندو هو ۽ مال لاءِ چارو به. وري جڏهن ٿر ۾ حالتون ٺيڪ ٿينديون هيون ته ٿر واسي واپس هليا ويندا هئا. ٻيو طريقو اهو ته اهي ٿر ۾ برساتن جو پاڻي گڏ ڪرڻ، انهيءَ لاءِ هو پاڻيءَ کي ترائين ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ بند ٺاهيندا هئا. هر سال انهن ترائين جي کاٽي ٿيندي هئي ته اُنهن جي گهٽ ٿيل گنجائش وري حاصل ٿي سگهي. انهيءَ نموني آباديءَ لاءِ ۽ مال کي پيارڻ لاءِ وڌيڪ پاڻيءَ جو بندوبست ٿي ويندو هو. ٽيون طريقو گئوچر ايراضي جو بچائڻ هو، ته جيئن اهي چراگاهن طور استعمال ٿي سگهن. ترائين جو بندوبست مٿين طبقي وارن ماڻهن تي هو، جيڪي هيٺين طبقي وارن ماڻهن کان بيگر وٺي اهو ڪم ڪرائيندا هئا. هيٺين طبقي جا هنر مند ۽ ڪاريگر زراعت جون سڀ گهرجون پوريون ڪندا هئا. انهن کي معاوضو پئسن بدران زرعي پيداوار مان ڏنو ويندو هو، پر 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کان پوءِ ٿر جو ماحول بدلجي ويو. مٿين طبقي وارا هندو هندستان لڏي ويا، جنهن ڪري ترائين ۽ بندن کي سنڀالڻ واري اٿارٽي نه رهي. 1980ع کانپوءِ آيل ڏڪار جي ڪري ڪيتريون اين جي اوز اچي ويون ۽ مٺيءَ تائين پڪو روڊ ٺهڻ ڪري ٿر باقي دنيا سان ڳنڍجي ويو. تنهن کانپوءِ ٿر پارڪر ضلعو ٺهي ويو ۽ مٺي اندرين علائقن سان ۽ باقي دنيا سان ڳنڍجي ويو. هنر مند ۽ ڪاريگر ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ لڳا ۽ اَنَ بدران پئسن تي ڪم ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ ٿر جي سالها سال پراڻي خود ڪفالت ختم ٿي وئي. کاڌي خوراڪ جون عادتون مٽجي ويون، جو بيراج واري ايراضين مان شيون اچڻ ۽ ملڻ شروع ٿي ويون. اُٺ بدران موٽر سائيڪلون اچي ويون ۽ کير جيڪو هتي جي ماڻهن جي خوراڪ جو مُک جزو هو، وڪرو ٿي شهرن ڏانهن وڃڻ لڳو، تنهن بدران ٿر ۾ دٻي جو کير وڪامڻ لڳو. پهرين ٿري اهي شيون کائيندا هئا، جيڪي اپائيندا هئا. هاڻي هو پنهنجون اپايل شيون وڪڻي اهي شيون وٺن ٿا، جن جي اڳي انهن کي گهرج نه هئي. انهيءَ ڪري اهي اڳي کان به غريب ٿي ويا آهن، سواءِ انهن جي، جيڪي شهرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا. سروي مان خبر پوي ٿي ته ٿر جا ماڻهو اهڙن قرضن ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي هو ادا نه ڪري سگهندا. وري گئوچر واريون ايراضيون گهڻي ڀاڱي ناجائز قبضن هيٺ اچي ويون آهن، جنهن ڪري ٿرين جو آبادين ۽ مال جي چاري جو ذريعو ختم ٿي ويو آهي. ٿر جي هينئر واري معاشي حالت موجوده رهڻي ڪهڻيءَ کي سنڀالي نٿي سگهي، جڏهن ته ماڻهن جي آبادي به وڌي رهي آهي. ٿر جي ماڻهن کي هاڻ روزگار کپي، طبي سهولتون کپن، پيئڻ لاءِ پاڻي کپي ۽ ٻارن کي تعليم ۽ فني سکيا کپي. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن اسان سياحت کي وڌايون ۽ ٿر ۾ ڪوئلو، چائنا ڪلي، سامونڊي لوڻ ۽ گرينائيٽ ڪڍون. مان هتي رڳو پوريل ڪوئلي بابت احوال ڏيندس.

    سڀني کي خبر آهي ته ٿر ۾ 9000 چورس ڪلوميٽرن ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلو پوريو پيو آهي، جنهن جي مڪمل ترقي ٿيڻ تي سنڌ ته ڇا سڄو پاڪستان مالا مال ٿي ويندو ۽ ڪيترين صدين تائين بجليءَ جون گهرجون پوريون ٿي سگهنديون ۽ پاڪستان جو عوام بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي عذاب کان بچي ويندو. پر اهو ڪوئلو پٽ تي نه پيو آهي، بلڪه زمين ۾ اٽڪل 600 فوٽ هيٺ آهي ۽ وچ ۾ پاڻيءَ جا ٽي تهه آهن، انهيءَ کي ڪڍڻ ڏکيو آهي. پهريائين 600 فوٽ واري ڪڍڻي آهي، جيڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جو قد ساڍا پنج فوٽ هجي ته ائين سمجهو ته 109 ماڻهو هڪ ٻئي مٿان بيهن، تڏهن انهيءَ عمق تي پهچندا. وري پاڻي جي ٽن تهن ڪري انهيءَ جو ڪڍڻ اڃا ڏکيو آهي. توڙي جو هن سائنسي دور ۾ اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي. انهيءَ ڪم جي ممڪنات لاءِ اڀياس ڪرايا ويا آهن، جن مطابق اهو ڪم ممڪن آهي.
    روزگار جا موقعا:

    في الحال ٿر جي 9000 چورس ڪلوميٽر ايراضي جا 13 بلاڪ ٺاهي مختلف ڪمپنين کي ڏنا ويا آهن. ٿلهي ليکي هر بلاڪ 100 چورس ڪلوميٽر ايراضي تي ٻڌل آهي، معنى ته 13 بلاڪن ۾ اٽڪل 1300 چورس ڪلوميٽر ايراضي اچي ٿي، جيڪا ڪُل ايراضيءَ جو اٽڪل 14 سيڪڙو ٿئي ٿي. هر هڪ ڪمپني پنهنجي بلاڪ ۾ کوٽائي به ڪندي ۽ پاور هائوس به هڻندي. کوٽائيءَ لاءِ هر هڪ ڪمپنيءَ کي 1200 کان 1600 مزدور کپندا ۽ 600 ميگاواٽ جو بجلي گهر هڻڻ لاءِ 800 کان 1000 ماڻهو گهربل هوندا. ڪوئلي جي 13 کاڻين ۽ 13000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 30 هزار کان 40 هزار ماڻهو کپندا، جيڪي گهڻي ڀاڱي مقامي هوندا. انهن ڪمن ۾ مدد لاءِ ڪيتريون ننڍيون ايجنسيون به اينديون، جيڪي 15 هزار کان 20 هزار ماڻهو رکنديون. سال 2004ع ۾ جرمن ڪمپنيRWE اڀياس ڪيو، جنهن موجب 1000 ميگا واٽ جو کاڻ جي منهن تي ٺاهيل پاور هائوس 2200 سڌيون نوڪريون ۽ 8800 اڻ سڌي نوڪريون پيدا ڪندو ۽ اٽڪل 66000 ماڻهن کي فائدو ملندو.

    طبي سهولتون:

    ڪمپنيون پنهنجن ملازمن لاءِ صحت جون سهولتون مهيا ڪنديون. مثال طور، اينگرو ڪمپني پنهنجي بلاڪ II ۾ ٻه ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي 1700 مريضن جو علاج ڪيو ۽ 860 ڪٽنبن ۾ راشن ورهايو. جانورن جي علاج لاءِ ٻه ڪيمپون لڳايون ۽ 8200 جانورن کي سيون هنيون ۽ علاج ڪيو. انهيءَ هڪڙي ڪمپنيءَ جو مستقبل ۾ علاج لاءِ اسپتال، ويم گهر، ٻارن جي کاڌ خوراڪ جو منصوبو، نانگ ڪکين لاءِ سيون مهيا ڪرڻ ۽ ٻيون ڪيتريون طبي سهولتون ڏيڻ جو پروگرام آهي. اها رڳو هڪڙي ڪمپنيءَ جي ڳالهه آهي، جڏهن 13 ڪمپنيون ڪم شروع ڪنديون ته طبي سهولتن جو ڄار ڦهلجي ويندو ۽ روڊ رستا ٺهڻ ڪري ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ سولائي ٿي ويندي.

    پيئڻ لاءِ پاڻي:

    ٿر ۾ پاڻي جو ملڻ مکيه مسئلو آهي. هڪڙي کاڻ مان، جنهن مان 65 لک ٽن ڪوئلو نڪرندو، ساڍا ٽي ڪروڙ ڪيوبڪ ميٽر پاڻي هر سال ڪڍبو، جنهن مان اٽڪل 2 ڪروڙ ڪيوبڪ ميٽر کاڻ کوٽڻ ۽ بجلي گهر هلائڻ ۾ ڪم ايندو ۽ باقي ڏيڍ ڪروڙ ڪيوبڪ ميٽر پاڻي پيئڻ جي لاءِ يا چراگاهن لاءِ دستياب هوندو. انهيءَ کان علاوه ايل بي او ڊي مان به پاڻي بجلي گهرن واسطي آڻبو، جنهن مان ڪجهه پيئڻ ۽ ٻين گهرجن لاءِ ڪتب آڻي سگهبو.

    تعليم ۽ هنري سکيا:

    هر هڪ ڪمپني پنهنجي ماڻهن لاءِ رهائشي ڪالونيون ٺاهيندي، جنهن ۾ ٻارن جي لاءِ اسڪول به کوليا ويندا. انهيءَ کان علاوه سرڪار مٺيءَ ۾ هڪ فني سکيا وارو ادارو به کولڻ چاهي ٿي، جتي مقامي ماڻهن کي گهربل سکيا ڏني ويندي، جيڪا کاڻين کوٽڻ ۽ بجلي گهر هلائڻ بابت هوندي.

    ٻيون ڪاروباري سرگرميون:

    کاڻين ۽ بجلي گهرن جي صنعتن جي ڪري ٻيون ڪيتريون ننڍيون معاشي سرگرميون شروع ٿينديون، جيئن هوٽل، ريسٽارينٽ، گاڏيون ٺاهڻ وارا ورڪشاپ، پئٽرول پمپ، مسواڙ تي ننڍين ۽ وڏين گاڏين جو ملڻ، سرن جا بٺا ۽ ننڍيون مارڪيٽون.

    زمين جو اگهه وڌڻ:

    ٿر پاسي زمينن جا اگهه تمام گهٽ هئا، ڇو جو ڪا معاشي سرگرمي نه هئي. هاڻي ڪوئلي جي کوٽائيءَ جي لاءِ روڊ رستا ٺهن پيا يا سڌرن پيا، ايئرپورٽ ٺهي پيو، ٻيون اڏاوتون ٺهن پيون، جنهن ڪري زمينن جو اگهه جيڪو 20 هزار روپيا في ايڪڙ هو، هاڻي وڌي هڪ لک کان ٻه لک روپيا في ايڪڙ ٿي ويو آهي.

    بجليءَ جي دستيابي:

    ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻ کانپوءِ ٿري عوام جو پهريون حق آهي ته انهن کي بجلي ملي. اتي 90 سيڪڙو ماڻهن کي بجلي ملندي ۽ ٿر جيڪو چانڊوڪي راتين کانسواءِ اونداهي ۾ ٻڏل هوندو آهي، سڄو روشن ٿي پوندو.

    صنعتي ترقي:

    ٿر مان ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ٿيڻ ڪري ٻين صنعتن جي ترقي ۾ مدد ملندي، جيئن گرينائيٽ، چائنا ڪلي ۽ سامونڊي لوڻ.

    بنيادي ڍانچي جي ترقي:

    سنڌ حڪومت ٿر جي ڪوئلي جي ترقي لاءِ ڪراچي کان اسلام ڪوٽ تائين رستي کي ترقي پئي وٺرائي، جنهن ۾ سجاول، گولاڙچي، بدين، نندو، کوسڪي، شادي لارج ۽ مٺي ۾ باءِ پاس ٺاهڻ به شامل آهن، جنهن ڪري ٽريفڪ تڪڙي هلي سگهندي. انهن سهولتن ڪري ٿر واپار لاءِ کلي پيو آهي. سياح هاڻي سولائي سان ٿر ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ اچي سگهن ٿا.

    هر ڪنهن ترقيءَ واري ڪم ۾ ڪجهه منفي ڳالهيون هونديون آهن. روڊ ٺاهڻو آهي، اهو ضرور ڪنهن جي زمين مان لنگهندو، ۽ زمين وارو جيڪڏهن زمين نه ڏيندو ته ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جي سهولت ڪيئن ملندي؟ زمين واري کي عوام جي فائدي لاءِ زمين ڏيڻي پوندي. رڳو اها ڳالهه ٿيڻ کپي ته هن کي زمين جو صحيح معاوضو ملي. واهه ٺاهڻو آهي ته انهيءَ لاءِ به رستو کپي، جيڪو ضرور ڪن ماڻهن جي زمينن مان لنگهندو، زراعت تڏهن وڌندي جڏهن واهه کوٽبو، ماڻهن کي انهيءَ ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پوندو ۽ واهه لاءِ رستو ڏيڻو پوندو. ٿر جي ڪوئلي ڪڍڻ ڪري به ڪيترا فني ۽ معاشرتي مسئلا ٿيندا پر ڇا انهن جي ڪري ٿر جي ڪوئلي جي ترقي روڪي سگهبي؟ انهن مسئلن جو حل ڪڍي ٿر مان ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻي آهي. سنڌ ماحولياتي ايجنسي کان انهيءَ لاءِ ڪليئرنس وٺبي آهي، تنهن کانپوءِ ئي اهو ڪم اڳتي وڌندو. ڪيترين تبديلين ڪري ٿر جو پراڻو لائف اسٽائل ختم ٿي ويو هو، جنهن ۾ هو جيڪو اپائيندا هئا، اهو استعمال ڪندا هئا. هاڻي انهن کي روزگار جا نوان ذريعا کپن، صحت جون سهولتون کپن، ٻارن جي تعليم کپي، فني هنر ۽ سکيا کپي، انهن سڀني ڳالهين لاءِ ٿر جي ديسي ذريعن جي ترقي ضروري آهي، جنهن ۾ مکيه ٿر جو ڪوئلو آهي.

    چون ٿا ته جڏهن لئنسڊاؤن پل ٺهي تيار ٿي هئي ته پهرين ريل گاڏي انهيءَ تان لنگهائڻ لاءِ ريلوي جو ڪو ڊرائيور تيار نه هو. انهيءَ ڪم لاءِ سرڪار هڪ عمر قيد جي سزا آيل قيديءَ کي ريل گاڏي هلائڻ جو چيو، انهيءَ شرط تي ته انهيءَ جي سزا معاف ٿي ويندي. انهيءَ قيديءَ اهو رسڪ کنيو ۽ ريل گاڏي پل مٿان هلائي ويو ۽ ان کي آزادي ملي. ٿر جي ڪوئلي جي به اها ئي حالت آهي، جنهن به ڪمپنيءَ همت ڪري ڪوئلو ڪڍي ورتو ته پوءِ ڪوئلو ڪڍڻ وارين ڪمپنين جي قطار لڳي ويندي ۽ معاشي سرگرمي ايتري وڌندي، جو ٿر دُبئي بڻجي ويندو. هر ڪو چوندو ته، ”ٿر هلو، ٿر هلو“ ..... جيئن ماڻهو ڪجهه وقت اڳي چوندا هئا ..... ”دبئي هلو، دبئي هلو“. سو انشاءَ الله ٿر ڪوئلستان نه بڻبو، بلڪه ٿر دبئي بڻبو.

    idrisrajput@hotmail.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    ادا ٿر دبئي بڻجي يا ائين ن ٿئي ت هو مورڱو هٿن مان ئي نڪري
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    آسرو مَ لاهيج سڄڻ سٻاجهڙو گهڻو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو