توکي ڪير وساري سائين!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
توکي ڪير وساري سائين!
شيخ اياز
توکي ڪير وساري سائين!​
توکي وسارڻ اوکو هوندو،
پاڻ ئِي پاڻ سان دوکو ھوندو،
جيسين موت نه ماري سائين،
توکي ڪير وساري سائين!​

جيون جو تون سمنڊ آهين،
سچ ته ڪوئِ چنڊ آهين،
رھون ٿا تنهنجي سهري سائين،
توکي ڪير وساري سائين!​
 
Back
Top