موئن جي دڙي تي هڪ نظر ترجمو،ترتيب،تدوين : فقير ذوالفقار علي هيسباڻي مهين جو دڙو، موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو( جنهن کي اردو زبان ۾ موہن جو داڑوسڏيو ويندو آهي ) مهين جو دڙو جو صحيح نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ، سرڪاري طور تي هن تاريخي آثار کي موئن جو دڙو (مئلن جو ڍير) ڪوٺيو ويو آهي ، جڏهن ته سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ موهن جو دڙو (موهن هندو ڌرم جو نالو آهي) لکيو ويو آهي . ڪجهه اديبن جو خيال آهن ته هي منهن جو دڙو (منهن سامهون دڙو) آهي ته ڪن جو خيال آهي ته ُموهِينِ جو دڙو (ُ مهِيا هڪ قوم آهي ) ۽ ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته هي مهين جو دڙو آهي ، مقامي آبادي هن آثار کي مهين جو دڙو ڪوٺيندي آهي. واديءِ سنڌ جي قديم تهذيب جو مرڪز هو. هي لاڙڪاڻي کان ويهه 20 ڪلو ميٽر پري ۽ سکر ڪان اسي 80 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي . هي واديءِ سنڌ جي هڪ ٻي مرڪز هڙپه کان چارسوء 400 ميل پري آهي هي شهر 2600 قبل موجود هو ۽ 1700 قبل مسيح ۾ نا معلوم سببن جي ڪري ختم ٿي ويو اڄ تائين ماهرين جي خيال ۾ سنڌو دريا جي رُخ جي تبديلي جي ڪري ، ٻوڏ ، ٻاهرين حملن يا وري زلزلا اهم سبب ٿي سگهن ٿا . موئن جي دڙي کي 1922 ۾ برطانوي ماهر آثار قديما سر جان مارشل دريافت ڪيو ۽ انهن جي گاڏي اڄ به موئن جي دڙي جي عجائب خاني جي زينت آهي. ليڪن هڪ مڪتب فڪر اهڙو به آهي جيڪو ان نظريي کي تسليم نٿو ڪري ۽ غلط سمجهي ٿو ۽ انهن جو چوڻ آهي ته هن کي غير منقسم هندوستان جي ماهر آثار قديما آر . ڪي . بهنڊر 1911 ۾ دريافت ڪيو هو . موئن جو دڙو ڪنزرويشن سيل جي سابق ڊاريڪٽر حاڪم شاهه بخاري جو چوڻ آهي ته آر ڪي بهنڊر بدهه مت جي مقدس مقام هئڻ جي حيثيت سان هن جڳهه کي تاريخي حيثيت جي حوالي سان متوجه ڪرايو ، جنهن جي لڳ ڀڳ هڪ عشري (ڏهاڪي) کان پواءِ سر جان مارشل هتي آيو ۽ هن جڳهه جي کٽائي شروع ڪرائي . هي شهر وڏي ترتيب سان آباد هو . هن شهر جي گهٽيون کُليل ۽ سڌيون ۽ پاڻي نيڪالي جو مناسب انتظام هو . اندازا هن ۾ 35000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو آباد هئا . ماهرين جي مطابق هي شهر 7 دفعه اجڙيو ۽ وري آباد ڪيو ويو جنهن جو اهم ترين سبب سنڌو دريا جي ٻوڏ آهي . هي شهر اقوام متحده جي اداري تعليم ، سائنس ۽ ثقافت يونيسڪو جي طرفان عالمي ورثي واري مقامات ۾ شامل قرار ڏنو ويو آهي ۔